bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Timothy 3
2 Timothy 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 4 →
1
پر هي ڄاڻ تہ آخري زماني ۾ ڏکيا ڏينهن ايندا.
2
ڇالاءِ جو ماڻهو خود مطلبي، زردوست، ٻٽاڪي، مغرور، گلاخور، ماءُ پيءُ جا نافرمان، بي شڪرا، ناپاڪ،
3
طبعي محبت کان خالي، سنگدل، ڪوڙي تهمت آڻيندڙ، بدپرهيز، وحشي، نيڪيءَ جا دشمن،
4
دغاباز، ضدي، وڏائي خور؛ خدا کان وڌيڪ عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا،
5
دينداريءَ جو ظاهري نمونو رکندڙ، پر انهي جي اثر کان خالي ٿيندا. اهڙن کان بہ پاسو ڪج.
6
ڇالاءِ جو اهڙن ئي منجهان اُهي ماڻهو آهن، جي گهرن ۾ لڪ چوريءَ گهڙي، ڪن ڀورڙين زالن کي، جيڪي گناهہ سان ڀريل ۽ ڪيترين نفساني خواهشن جي ڪري گمراهہ ٿيل آهن، تن کي پنهنجي چنبي ۾ ٿا آڻين،
7
جي هميشہ تعليم پيون وٺن، پر ڪڏهن بہ سچ جي سڃاڻپ تائين پهچي نہ ٿيون سگهن.
8
۽ جهڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي سامهون ٿيا هئا، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو بہ سچ جي مخالفت ٿا ڪن؛ اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جو عقل بگڙيل آهي ۽ ڪوڙي ايمان جي ڪري رد ٿيل آهن،
9
پر هو اڳتي وڌي ڪين سگهندا: ڇالاءِ جو سندن بي عقلي سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيندي؛ جيئن هنن جي بہ ٿي هئي.
10
پر تو منهنجي تعليم، هلت چلت، ارادو، ايمان، تحمل، محبت، صبر،
11
مصيبت، عذاب ۽ اُهي ڏک جي انطاڪيہ ۽ اڪونيم ۽ لسترہ ۾ مون تي پيا، ۽ جي مون سَٺا، سي ڏٺا آهن؛ ۽ انهن سڀني مان خدا مون کي ڇڏايو.
12
هائو، ۽ اُهي سڀ جي مسيح يسوع ۾ ديندار ٿي رهڻ ٿا گهُرن، سي ستايا ويندا.
13
پر جيڪي بدڪار ۽ ٺڳ آهن، سي ٻين کي ٺڳي، ۽ پاڻ بہ ٺڳجي زيادہ خراب ٿيندا ويندا.
14
پر جيڪي ڳالهيون تون سِکيو آهين ۽ جن جو توکي يقين آهي، تن تي قائم رهہ، ۽ اهو ياد رک تہ اُهي تو ڪهڙن ماڻهن کان سِکيون آهن؛
15
۽ تون ننڍپڻ کان انهن پاڪ لکيتن کان واقف آهين، جي توکي مسيح يسوع تي ايمان آڻڻ سان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگهن.
16
هرڪا لکيت، جا خدا جي الهام سان آهي سا تعليم، ۽ ڏوراپي، ۽ سڌاري، ۽ راستبازيءَ جي سيکارڻ لاءِ فائدي واري آهي؛
17
انهي لاءِ تہ خدا جو بندو ڪامل ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم لاءِ پوريءَ طرح تيار رهي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4