bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ephesians 2
Ephesians 2
Sindhi Bible
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 3 →
1
۽ جڏهن اوهين پنهنجين خطائن ۽ گناهن جي ڪري مُئل هئا، تڏهن هن اوهان کي جياريو،
2
جن گناهن ۾ اوهين اڳي هن دنيا جي دستور موجب هلندا هئا، ۽ فضا ۾ اختيار هلائڻ واري حاڪم جي، يعني انهي روح جي پيروي ڪندا هئا، جو هاڻي نافرمانيءَ جي فرزندن ۾ اثر پيدا ٿو ڪري؛
3
انهن سان گڏ اسين سڀيئي بہ پنهنجي جسم جي خواهشن ۾ هلندا هئاسين، ۽ جسم ۽ دل جي سَڌين پورين ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، ۽ طبيعت جي ڪري ٻين وانگر غضب جا فرزند هئاسين:
4
پر خدا، جو رحم سان ڀرپور آهي، تنهن پنهنجيءَ وڏيءَ محبت سببان، جا هن اسان سان ڪئي،
5
اسان کي مسيح سان جيئرو ڪيو، جڏهن اسين اڃا پنهنجين خطائن جي ڪري مُئل هئاسين، (فضل جي ڪري ئي اوهان کي نجات ملي آهي)،
6
۽ انهي سان گڏ اسان کي اُٿاري مسيح يسوع ۾ آسماني جاين ۾ ساڻس گڏ ويهاريائين:
7
انهي لاءِ تہ پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جا مسيح يسوع ۾ اسان تي آهي، ايندڙ زمانن ۾ پنهنجي فضل جي بي انداز دولت ظاهر ڪري:
8
ڇالاءِ جو فضل جي ڪري ئي، ايمان جي وسيلي اوهان کي نجات ملي آهي؛ ۽ اُها اوهان جي ڪري نہ، پر خدا جي بخشش آهي –
9
نہ عملن جي ڪري، متان ڪوبہ فخر ڪري.
10
ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.
11
سو ياد رکو تہ اوهين، جي اڳي جسم جي ڪري غير قوم هئا، ۽ جن کي اهي نامختون ٿا سڏين، جي پاڻ جسماني ختني جي ڪري، جو هٿن سان ڪيل آهي، مختون ٿا سڏجن،
12
۽ انهي وقت اوهين مسيح کان ڌار ۽ اسرائيلي جماعت کان خارج هئا، ۽ واعدي جي عهدن کان غير واقف هئا، ۽ دنيا ۾ نااُميد ۽ خدا کان جدا هئا،
13
پر هاڻي مسيح يسوع ۾ اوهين جي اڳي پري هئا، سي مسيح جي رت ڪري ويجهو ٿي پيا آهيو.
14
ڇالاءِ جو هو ئي اسان جو صلح آهي، جنهن ٻنهي کي هڪ ڪري ڇڏيو، ۽ جيڪا جدائيءَ جي ڀت وچ ۾ هئي سا ڊاهي ڇڏيائين.
15
يعني اُها دشمني جا حڪمن جي شريعت جي قانونن ۾ هئي، سا پنهنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏيائين، انهي لاءِ تہ ٻنهي مان هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي؛
16
۽ صليب جي وسيلي دشمني دفع ڪري انهن ٻنهي کي هڪڙو جسم ڪري خدا سان ملائي:
17
۽ اوهين جي پري هئا، ۽ اهي جي ويجها هئا، تن ٻنهي کي صلح جي خوشخبري اچي ڏنائين:
18
ڇالاءِ جو انهي جي وسيلي اسين ٻئي هڪڙي ئي روح ۾ پيءُ تائين پهچي ٿا سگهون.
19
تنهنڪري اوهين ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا پر پاڪ ٿيلن جا هم وطن ۽ خدا جي گهر جا ڀاتي آهيو،
20
۽ رسولن ۽ نبين جي بنياد تي اڏيل آهيو، جنهن جي ڪنڊ جو خاص پٿر خود مسيح يسوع آهي؛
21
انهي ۾ هرڪا اڏاوت گڏجي وڌندي خداوند جي هڪڙي پاڪ هيڪل ٿيندي ٿي وڃي؛
22
۽ اوهين بہ انهيءَ ۾ گڏ جڙندا اڏبا ٿا وڃو، تہ روح جي وسيلي خدا جو گهر ٿيو.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6