bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezra 1
Ezra 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 2 →
1
هاڻي فارس جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان ڪيل پورو ٿئي، خداوند، فارس جي بادشاهہ خورس جي دل ۾ وڌو، ۽ هن پنهنجي سڄي بادشاهت ۾ منادي ڪرائي، ۽ لکيل اشتهار بہ موڪليائين جنهن ۾ چيائين، تہ
2
فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان.
3
انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي تہ چڙهي يروشلم ۾ وڃي، جو يهوداہ ۾ آهي؛ ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو گهر جوڙي، (جو اُهوئي خدا آهي) جو يروشلم ۾ آهي.
4
۽ جيڪو باقي رهيل ڪٿي بہ رهندو هجي، تنهن کي اتي جا ماڻهو چاندي، ۽ سون، ۽ مال متاع، ۽ جانورن سان مدد ڪن، ۽ انهيءَ کانسواءِ يروشلم ۾ جو خداوند جو گهر آهي، تنهن لاءِ دل جي خوشيءَ جو نذرانو ڏين.
5
تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، ۽ ڪاهن، ۽ لاوي، مطلب تہ اُهي سڀ جن جي دل ۾ خدا وڌو هو تہ وڃي خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙين، سي اُٿيا.
6
۽ ٻيا جيڪي انهن جي آس پاس هئا، تن چانديءَ جي باسڻن، ۽ سون، ۽ مال متاع، ۽ جانورن ۽ قيمتي شين سان هنن کي مدد ڏيئي مضبوط ڪيو، ۽ انهيءَ کانسواءِ دل جي خوشيءَ جا نذرانا بہ ڏنائون.
7
خورس بادشاهہ بہ خداوند جي گهر جا اُهي باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم مان ڪڍي آندا هئا؛ ۽ پنهنجن معبودن جي گهر ۾ رکيا هئائين، سي ڪڍي آندا؛
8
اهي فارس جي بادشاهہ خورس متردات خزانچيءَ جي هٿان ڪڍائي آندا، ۽ يهوداہ جي سردار شيس بضر کي ڳڻي ڏياريائين:
9
۽ انهن جو شمار هي آهي: ٽيهہ سون جا ٿالهہ، هڪ هزار چانديءَ جا ٿالهہ، ۽ اوڻٽيهہ ڪاتيون؛
10
ٽيهہ سون جا پيالا، چار سؤ ڏهہ ٻئي قسم جا چانديءَ جا پيالا، ۽ هڪ هزار ٻيا باسڻ.
11
سون ۽ چانديءَ جا سڀ باسڻ پنج هزار ۽ چار سؤ هئا. اهي سڀ شيس بضر انهيءَ وقت آندا، جڏهن قيدي بابل مان يروشلم ۾ موٽائي آندا ويا.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10