bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Habakkuk 3
Habakkuk 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
1
حبقوق نبيءَ جي دعا، جا شگايونوت جي سُر تي آهي.
2
اي خداوند، آءٌ تنهنجي ناموس ٻڌي ڏڪي ويو آهيان. اي خداوند، تون پنهنجو ڪم هن ئي زماني ۾ بحال ڪر. هن ئي زماني ۾ انهي کي پڌرو ڪر؛ قهر جي وقت ۾ رحم ياد ڪر.
3
خداوند تيمان مان آيو، ۽ پاڪ خدا فاران جي جبل تان. هن جي جلال آسمانن کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ زمين هن جي تعريف سان معمور هئي.
4
۽ هن جي روشنائي نور جهڙي هئي، ترورا سندس هٿ مان پئي نڪتا، ۽ انهيءَ ۾ سندس قدرت لڪل هئي.
5
هن جي اڳيان مري ٿي ويئي؛ ۽ هن جي پيرن وٽان باهہ جا تير ٿي نڪتا.
6
هو اُٿيو ۽ زمين ماپيائين، ۽ هن نهاريو ۽ قومن کي هڪالي جدا ڪيائين: مدامي جبل پکڙي ويا، ۽ هميشہ جٽاءُ ڪندڙ ٽڪر جهڪي ويا؛ هن جون راهون مدامي آهن.
7
مون ڪوشن جا تنبو مصيبت ۾ ڏٺا: مديان جي ملڪ جا پردا ڏڪي ويا.
8
خداوند ندين کان رنج ٿيو آهي ڇا؟ تنهنجو غصو ندين تي ۽ تنهنجي ڪاوڙ سمنڊ تي هئي ڇا جڏهن تون پنهنجن گهوڙن تي، ۽ نجات جي گاڏين تي چڙهئين؟
9
تنهنجي ڪمان ظاهر ڪئي ويئي؛ قومن سان ڪيل عهد قائم آهي. تو زمين کي ندين سان چيري ڇڏيو.
10
جبلن توکي ڏٺو ۽ ڏڪي ويا؛ پاڻيءَ جون لهرون لنگهي ويون؛ سمنڊ پنهنجو آواز ٻڌايو، ۽ لهرون مٿي چڙهي آيون.
11
تنهنجي اُڏامندڙ تيرن جي روشني ڪري، ۽ تنهنجي چمڪندڙ ڀالي جي روشنيءَ تي، سج ۽ چنڊ پنهنجي جاءِ ۾ ماٺ ڪري بيٺا؛
12
تون ڪاوڙ ۾ ملڪ مان لنگهي وئين، تو غصي ۾ قومن کي ڳاهي ڇڏيو.
13
تون پنهنجي قوم جي نجات لاءِ، پنهنجي مسح ڪيل جي ڇوٽڪاري لاءِ آيو آهين. تو شريرن جي گهر جي ڇت ڪيرائي ڇڏي ۽ سندن بنياد بلڪل اُگهاڙا ڪري ڇڏيا.
14
تو سندن ئي لٺ سان سندن بهادرن جو سر ڦوڙيو: هو مون کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي وانگر آيا، ۽ هنن جي خواهش انهيءَ ۾ هئي تہ غريبن کي ڳجهيءَ طرح ڳهي وڃن.
15
تون پنهنجن گهوڙن تي سوار ٿي، سمنڊ جي مٿان پاڻيءَ جي ڍڳ تي لنگهي وئين.
16
مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن.
17
ڇو جو جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو، نڪي ڊاکن ۾ ڦر ٿيندو؛ ۽ زيتون جو پورهيو بي ڦل ٿيندو، ۽ ٻنيون اَن پيدا نہ ڪنديون؛ ڌڻ واڙي کان وڍيو ويندو، ۽ ڍور وٿاڻ ۾ نہ هوندا:
18
تہ بہ آءٌ خداوند جي ڪري خوشي ڪندس، آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي ڪري سرهو ٿيندس.
19
يهوواہ، خداوند منهنجي طاقت آهي؛ اُهو منهنجا پير هرڻي جي پيرن جهڙا ٿو ڪري، ۽ مون کي منهنجين مٿانهين جاين تي هلائيندو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
All chapters:
1
2
3