bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Hebrews 8
Hebrews 8
Sindhi Bible
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 9 →
1
هاڻي جيڪي ڳالهيون اسين پيا چئون، تن جو خاص مطلب هي آهي: تہ اسان جو سردار ڪاهن اهڙو آهي جو آسمانن تي قادر مطلق جي تخت جي ساڄي پاسي ويٺو آهي،
2
تہ جنهن سچي خيمي کي ماڻهوءَ نہ، پر خداوند کوڙيو آهي، انهيءَ پاڪ جاءِ جو خادم ٿئي.
3
ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن نذرن توڙي قربانين جي چاڙهڻ لاءِ مقرر ٿيندو آهي: انهي ڪري ضرور آهي تہ هن سردار ڪاهن کي بہ چاڙهڻ جي لاءِ ڪي ڪجهہ هجي.
4
هاڻي جيڪڏهن اڃا هو زمين تي هجي ها تہ ڪڏهن بہ ڪاهن نہ ٿئي ها، ڇالاءِ جو شريعت موجب نذرن ادا ڪرڻ وارا موجود آهن؛
5
جي آسماني شين جي نقل ۽ پاڇي جي خدمت ٿا ڪن. جهڙي طرح ڪ جڏهن موسيٰ تنبو ٿي جوڙيو، تڏهن خدا هدايت ڪيس: ڇالاءِ جو هو فرمائي ٿو تہ ”ڏس، جيڪو نمونو توکي جبل تي ڏيکاريو ويو هو، انهي موجب سڀ شيون جوڙج.“
6
پر هاڻي مسيح ايتري قدر خادم جو درجو حاصل ڪيو آهي، جيتري قدر هو پاڻ بهتر عهد جو درمياني مقرر ڪيو ويو آهي، جو عهد بهتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي.
7
ڇالاءِ جو جيڪڏهن اُهو پهريون عهد بي عيب هجي ها، تہ ڪنهن ٻئي جي لاءِ جاءِ نہ ٿئي ها.
8
تنهنڪري هن جا عيب پڌرا ڪري هو چوي ٿو، تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا، جو آئون اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداهہ جي گهراڻي سان نئون عهد ڪندس؛
9
نہ انهي عهد وانگر جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو، جڏهن مصر جي ملڪ مان کين ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جهليم؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي عهد تي قائم نہ رهيا، ۽ خداوند فرمائي ٿو تہ مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.
10
ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد آهي جو آئون اسرائيل جي گهراڻي سان انهن ڏينهن کانپوءِ ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس. ۽ آئون سندن خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي اُمت ٿيندا:
11
۽ هرڪو ماڻهو، پنهنجي هم وطن کي توڙي پنهنجي ڀاءُ کي هيئن چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سُڃاڻ: ڇالاءِ جو ننڍا توڙي وڏا سڀيئي مون کي سڃاڻندا.
12
ڇالاءِ جو آئون سندن بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهہ وري ڪڏهن ياد نہ ڪندس.“
13
جڏهن هو نئون عهد ٿو چوي، تڏهن پهرئين کي پراڻو ٺهرايائين. هاڻي جيڪي پراڻو ٿو ٿئي ۽ گهڻن ڏينهن جو ٿيندو وڃي، سو مٽجڻ تي آهي.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13