bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Joel 3
Joel 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
1
ڇالاءِ جو ڏسو، اُنهن ڏينهن ۾ ۽ انهي وقت، جڏهن آءٌ يهوداہ ۽ يروشلم جا قيدي موٽائي آڻيندس،
2
تڏهن آءٌ سڀ قومون گڏ ڪندس، ۽ سڀني کي يهوسفط جي واديءَ ۾ لاهيندس؛ ۽ اُتي آءٌ پنهنجي اُمت جي لاءِ، ۽ پنهنجي ميراث اسرائيل جي لاءِ ساڻن حجت دليل ڪندس، جو هنن انهن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي زمين ورهائي ڇڏي اٿن.
3
۽ هنن منهنجي قوم لاءِ ڪُڻا وڌا آهن: ۽ هڪ ڪڃري لاءِ هڪ ڇوڪر ڏنو اٿن، ۽ شراب پيئڻ جي لاءِ ڇوڪري وڪڻي اٿن.
4
هائو، اي صور ۽ صيدا ۽ فلستيہ جا سڀ علائقا، اوهين منهنجي لاءِ ڇا آهيو؟ اوهين ڪو مون کي بدلو ڏيندا ڇا؟ ۽ جي اوهين ڏيندا، تہ ستت ئي ۽ سگهو ئي آءٌ اُهو اوهان جو بدلو خود اوهان جي سر تي آڻيندس.
5
اوهان منهنجو روپو ۽ منهنجو سون کنيو آهي، ۽ منهنجون عمديون شيون پنهنجن مندرن ۾ کڻي ويا آهيو؛
6
اوهان يهوداہ ۽ يروشلم جو اولاد بہ يونانين وٽ وڪڻيو آهي، انهي لاءِ تہ هنن کي سندن سرحدن کان پري نيو:
7
ڏسو، جنهن هنڌ اوهان هنن کي وڪڻي ڇڏيو آهي، انهيءَ هنڌان آءٌ هنن کي اُٿاريندس، ۽ اوهان جو بدلو خود اوهان جي سر تي آڻيندس.
8
۽ آءٌ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون يهوداہ جي اولاد جي هٿ وڪڻندس، ۽ اُهي اُنهن کي سبا جي ماڻهن وٽ، يعني هڪڙي پرانهين قوم وٽ وڪڻندا: ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.
9
اها ڳالهہ اوهين قومن ۾ پڌري ڪريو؛ جنگ جي تياري ڪريو؛ بهادر مردن کي اُٿاريو؛ سڀني جنگي ماڻهن کي ڇڏيو تہ ويجهو اچن، ۽ جنگ ڪن.
10
پنهنجن هرن جي ڦارن کي ڪٽي ترارون ٺاهيو ۽ ڏاٽن کي ڀڃي ڀالا ٺاهيو: ڀلي هيڻو چوي تہ آءٌ زور ڀريو آهيان.
11
آس پاس واريون سڀ قومون، اوهين جلدي اچو، ۽ اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيو: اي خداوند تون پنهنجا پهلوان اُتي لاهي آڻ.
12
ڀلي سڀ قومون اُٿي يهوسفط جي واديءَ ۾ گڏ ٿين: ڇالاءِ جو اُتي آءٌ آس پاس جي سڀني قومن جي عدالت ڪرڻ لاءِ ويهندس.
13
ڏاٽو وجهو، ڇالاءِ جو فصل پڪو آهي: اوهين اچو ۽ لتاڙيو؛ ڇالاءِ جو شراب جو حوض ٽمٽار آهي؛ بلڪ اُٿلي پيو آهي؛ ڇاڪاڻ تہ هنن جي شرارت وڏي آهي.
14
فيصلي واري واديءَ ۾ خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي.
15
سج ۽ چنڊ لڙاٽجي ٿا وڃن ۽ تارا پنهنجي روشنائي بند ڪري ٿا ڇڏين.
16
۽ خداوند صيون مان گجگار ڪندو ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ۽ آسمان ۽ زمين ڏڪي ويندا: پر خداوند پنهنجي قوم جي پناهہ ٿيندو ۽ بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ٿيندو.
17
تڏهن اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، ۽ پنهنجي پاڪ جبل صيون ۾ ٿو رهان: تڏهن يروشلم پاڪ ٿيندو ۽ اڳتي وري ڪي بہ ڌاريا ماڻهو انهيءَ منجهان نہ لنگهندا.
18
۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جبلن تان مٺو شراب وهندو، ۽ ٽڪرين مان کير جون نديون وهنديون، ۽ يهوداہ جون سڀ نهرون پاڻيءَ سان وهنديون؛ خداوند جي گهر مان هڪڙو چشمو نڪرندو ۽ شطيم جي واديءَ کي ريج ڏيندو.
19
مصر ويران ٿي ويندو، ۽ ادوم بيابان ٿي ويندو، ڇو جو هنن بني يهوداہ سان ظلم ڪيو آهي ۽ ڇالاءِ تہ هنن، هنن جي ملڪ ۾ بيگناهہ رت وهايو آهي.
20
پر يهوداہ هميشہ لاءِ آباد رهندو ۽ يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي.
21
۽ آءٌ هنن جو رت پاڪ ڪندس، جو هيستائين پاڪ نہ ڪيو اٿم: ڇالاءِ جو خداوند صيون ۾ رهي ٿو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
All chapters:
1
2
3