bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Judges 17
Judges 17
Sindhi Bible
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 18 →
1
۽ افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو ميڪاہ هو.
2
۽ انهيءَ پنهنجي ماءُ کي چيو تہ يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا، جي تنهنجا گم ٿي ويا هئا، ۽ جن بابت تو پٽ پاراتو ڪيو هو، ۽ مون کي بہ ٻڌايو هوءِ، ڏس تہ اُهي چانديءَ جا سڪا مون وٽ آهن؛ مون کنيا هئا. تڏهن ماڻس چيس تہ شل منهنجي پٽ کي خداوند برڪت ڏئي.
3
پوءِ هن اُهي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، ۽ ماڻس چيو تہ آءٌ اُها چاندي پنهنجي هٿان خداوند جي لاءِ خاص طرح نذر ٿي ڪريان تہ انهيءَ مان منهنجو پٽ هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت جوڙائي: تنهنڪري هاڻي اُها آءٌ توکي موٽائي ٿي ڏيان.
4
۽ جڏهن هن اُهي پئسا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، تڏهن ماڻس ٻہ سؤ چانديءَ جا سڪا کڻي هڪڙي ڪاريگر کي ڏنا، جنهن انهيءَ مان هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت ٺاهيو: ۽ اهو ميڪاہ جي گهر ۾ هو.
5
۽ انهيءَ ماڻهو ميڪاہ وٽ معبودن جو هڪڙو گهر هو، ۽ هن هڪڙو افود ۽ ترافيم جوڙيو، ۽ پنهنجي پٽن مان هڪڙي کي مخصوص ڪيو هئائين تہ سندس ڪاهن ٿئي.
6
انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ ڪو بادشاهہ ڪونہ هو: سڀ ڪنهن ماڻهوءَ اُهو ڪم ٿي ڪيو جو سندس نظر ۾ چڱو ٿي لڳو.
7
۽ بيت لحم يهوداہ مان، يهوداہ جي قبيلي جو هڪڙو جوان ماڻهو جو لاوي هو، اُهو اچي اُتي رهيو.
8
۽ اهو ماڻهو بيت لحم يهوداہ واري شهر مان نڪتو تہ جتي ڪا جاءِ مليس اُتي وڃي رهي: ۽ سفر ڪندو افرائيم جي ڪوهستان ۾ ميڪاہ جي گهر آيو.
9
۽ ميڪاہ چيس تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ هن چيس تہ آءٌ بيت لحم يهوداہ جو هڪڙو لاوي آهيان، ۽ وڃان ٿو تہ جتي ڪا جاءِ مليم، اُتي رهي پوان.
10
۽ ميڪاہ چيس تہ تون مون سان گڏجي رهہ، ۽ منهنجو ابو ۽ ڪاهن ٿي رهہ، ۽ آءٌ توکي سال ۾ ڏهہ چانديءَ جا سڪا، ۽ ڪپڙن جو هڪڙو وڳو، ۽ کاڌو پاڻي ڏيندو رهندس. پوءِ اُهو لاوي اندر آيو.
11
۽ اُهو لاوي انهيءَ ماڻهوءَ سان گڏ رهڻ تي راضي ٿيو؛ ۽ اُهو جوان هن کي سندس هڪڙي پٽ جهڙو هو.
12
۽ ميڪاہ انهيءَ لاوي جو تقرر ڪيو، ۽ اُهو جوان ماڻهو سندس ڪاهن ٿيو، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ رهندو هو.
13
تڏهن ميڪاہ چيو تہ هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن هڪڙو لاوي منهنجو ڪاهن آهي، تڏهن خداوند مون سان چڱائي ڪندو.
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21