bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Luke 2
Luke 2
Sindhi Bible
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 3 →
1
هاڻي انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ قيصر اگستس اهو حڪم جاري ڪيو تہ سڄيءَ دنيا جي ماڻهن جا نالا لکجن.
2
هيءَ پهرين آدمشماري هئي، جا سوريہ جي حاڪم ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي.
3
تڏهن سڀڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ نالو لکائڻ ويو.
4
۽ يوسف بہ گليل جي ناصرت نالي شهر مان، دائود جي يهوديہ واري شهر ۾ ويو، جنهن کي بيت الحم سڏيندا آهن، ڇالاءِ جو هو دائود جي گهراڻي ۽ نسل مان هو؛
5
انهي لاءِ تہ پنهنجي مڱ مريم، جا حمل واري هئي، تنهن سان گڏ نالو لکائي.
6
۽ هيئن ٿيو تہ اڃا هو اتي ئي هئا تہ مريم جا ڏينهن اچي ڀريا.
7
۽ انهيءَ پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو، تنهن کي ٻاروتن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇوتہ اُنهن لاءِ سراءِ ۾ جاءِ ڪانہ هئي.
8
۽ انهي ملڪ ۾ ڪي ريڍار هئا، ۽ جن رات جو پنهنجي ڌڻ جي سنڀال پئي ڪئي.
9
۽ خداوند جو هڪڙو ملائڪ هنن وٽ اچي بيٺو، ۽ خداوند جو جلال انهن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو: ۽ هو ڏاڍو ڊڄي ويا.
10
پر ملائڪ انهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو ڏسو، مون اوهان لاءِ وڏي خوشخبري آندي آهي، جا سڄيءَ اُمت لاءِ ٿيندي:
11
ڇوتہ اڄ دائود جي شهر ۾ اوهان لاءِ هڪڙو نجات ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جو مسيح خداوند آهي.
12
۽ هن جي هيءَ نشاني اٿوَ، تہ اوهين هڪ ٻار کي ٻاروتن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.
13
۽ اوچتو ئي انهي ملائڪ سان گڏ آسماني لشڪر جو هڪڙو ڪٽڪ خدا جي واکاڻ ڪندو، ۽ هيئن چوندو ڏسڻ ۾ آيو،
14
تہ ”آسمان ۾ خدا جي وڏائي، ۽ زمين تي اُنهن ماڻهن منجهہ صلح، جن سان هو راضي آهي.“
15
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ملائڪ انهن وٽان آسمان ۾ هليا ويا، تڏهن ريڍار پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ هلو تہ بيت الحم ۾ هلون، ۽ هيءَ ڳالهہ جا ٿي آهي ۽ جنهن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون.
16
۽ هو تڪڙا تڪڙا آيا، ۽ اچي مريم ۽ يوسف ٻنهي کي، ۽ آهر ۾ پيل ٻار کي ڏٺائون.
17
۽ جڏهن اهو ڏٺائون، تڏهن انهي ٻار بابت جيڪي ٻُڌو هئائون، سو پڌرو ڪرڻ لڳا.
18
۽ جيڪي ڳالهيون ريڍارن ڪيون، سي ٻڌي سڀني کي تعجب وٺي ويو.
19
پر مريم اهي سڀ ڳالهيون دل ۾ سانڍي انهن تي خيال ڪندي رهي.
20
۽ ريڍار سڀ ڪجهہ، جيئن کين چيو ويو هو، تيئن ڏسي خدا جي وڏائي ۽ واکاڻ ڪندا موٽي ويا.
21
۽ انهن ڏينهن کانپوءِ جڏهن هن جي ختني ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن سندس نالو يسوع رکيائون، جو نالو هن جي پيٽ ۾ پوڻ کان اڳي ملائڪ رکيو هو.
22
۽ جڏهن موسيٰ جي شريعت موجب سندن پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن هن کي خداوند جي اڳيان حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ وٺي آيا،
23
(جيئن تہ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ سڀڪو پهريتو پٽ خداوند لاءِ پاڪ ڪري سڏبو)،
24
۽ خداوند جي شريعت جي ڪلام موجب، جوڙو قمرين جو، يا ٻہ ٻچا ڪبوترن جا، قرباني چاڙهڻ آيا.
25
۽ ڏسو، يروشلم ۾ شمعون نالي، هڪڙو شخص هو، جو راستباز ۽ ديندار ماڻهو هو، سو اسرائيل جي تسليءَ لاءِ اکيون پائي ويٺو هو، ۽ پاڪ روح مٿس هو.
26
۽ پاڪ روح ڄاڻايو هوس تہ جيسين خداوند جي مسيح کي نہ ڏسندين، تيسين ڪين مرندين.
27
هو روح جي هدايت تي هيڪل ۾ آيو، ۽ جڏهن اُنهيءَ ٻار يسوع کي سندس ماءُ پيءُ اندر وٺي آيا، تہ شريعت جي رسم موجب عمل ڪريون،
28
تڏهن هن کيس هنج ۾ کڻي خدا جي تعريف ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ
29
”اي مالڪ هاڻي تون پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي قول پٽاندر سلامتيءَ سان موڪل ٿو ڏين:
30
ڇو جو منهنجين اکين تنهنجي نجات ڏٺي آهي،
31
جا تو سڀني قومن جي اڳيان تيار ڪئي آهي،
32
تہ هو غير قومن کي روشني ڏيڻ لاءِ نور، ۽ تنهنجي اُمت اسرائيل جي وڏائي ٿئي.“
33
تڏهن جيڪي ڳالهيون هن بابت چيون ويون هيون، سي ٻُڌي هن جا ماءُ پيءُ ڏاڍو عجب کائڻ لڳا.
34
۽ شمعون کين برڪت ڏني، ۽ سندس ماءُ مريم کي چيائين تہ ڏس، هي ٻار اسرائيل ۾ گهڻن جي ڪِرڻ ۽ وري اُٿڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هڪڙي نشان لاءِ آهي، جنهن جي مخالفت ٿيندي:
35
(بلڪ تنهنجي جان منجهان ترار لنگهي ويندي،) تہ گهڻن جي دلين جا خيال پڌرا ٿي پون.
36
۽ حنا نالي هڪڙي نبياڻيءَ، فنوئيل جي ڌيءَ، آشير جي قبيلي مان هئي، جا عمر رسيدہ هئي، ۽ پنهنجي ڪنوارپڻي کان پوءِ ست ورهيہ مڙس سان رهي هئي؛
37
۽ چوراسي ورهين کان بيوهہ هئي، ۽ ڪڏهن بہ هيڪل مان پير ٻاهر نہ ڪڍندي هئي، پر رات ڏينهن روزا رکي، ۽ دعائون گهُري، عبادت پيئي ڪندي هئي:
38
سا بہ اوڏيءَ مهل آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين، ۽ جيڪي يروشلم جي ڇوٽڪاري لاءِ اکيون پائي ويٺا هئا، تن سڀني سان هن بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳي.
39
۽ جڏهن هو خداوند جي شريعت موجب سڀ ڪجهہ پورو ڪري رهيا، تڏهن گليل ملڪ ۾ پنهنجي شهر ناصرت ڏانهن موٽي ويا.
40
۽ اُهو ٻار اُسرندو ويو، ۽ زور وٺندو ۽ سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو، ۽ خدا جو فضل مٿس هو.
41
۽ سندس ماءُ ۽ پيءُ هر سال فسح جي عيد تي يروشلم ۾ ويندا هئا.
42
۽ جڏهن هو ٻارهن ورهين جو ٿيو، تڏهن اُهي عيد جي رسم موجب اوڏانهن ويا.
43
۽ جڏهن اُهي ڏينهن پورا ڪري موٽيا ٿي، تڏهن يسوع ڇوڪر يروشلم ۾ رهجي ويو؛ ۽ سندس مائٽن کي خبر ڪانہ پيئي،
44
پر هنن ائين ڀانئيو تہ قافلي سان آهي. تنهنڪري هڪڙي ڏينهن جي منزل ڪري ويا؛ ۽ پوءِ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ واقفڪارن ۾ کيس ڳولڻ لڳا:
45
۽ جڏهن نہ لڌن، تڏهن کيس ڳولڻ لاءِ موٽي يروشلم ڏانهن ويا.
46
۽ هيئن ٿيو جو ٽن ڏينهن کانپوءِ هنن هيڪل ۾ ڳولي اچي لڌس، جتي هو عالمن جي وچ ۾ ويٺو هو، ۽ سندن ڳالهيون بہ پئي ٻڌائين ۽ کانئن سوال بہ پئي پڇيائين:
47
۽ جن جن سندس ڳالهيون ٿي ٻُڌيون، تن کي سندس سمجهہ ۽ جوابن تي عجب ٿي لڳو.
48
۽ جڏهن هنن کيس ڏٺو، تڏهن عجب وٺي وين، ۽ ماڻس چيس، تہ پٽ، تو اسان سان هيئن ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجي پيءُ ۽ مون ڏاڍي ڏک ۾ توکي پئي ڳوليو آهي.
49
تنهن تي هن چين تہ مون کي ڇو ٿي ڳوليوَ؟ اوهان ائين نٿي ڄاتو تہ اهو ضروري آهي تہ آئون پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ هجان؟
50
پر اها ڳالهہ جا کين چيائين سا هنن کي سمجهہ ۾ نہ آئي.
51
پوءِ هو ساڻن گڏجي ناصرت ۾ آيو؛ ۽ سندن چئي ۾ رهيو: ۽ سندس ماءُ اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون.
52
۽ يسوع سياڻپ ۽ قد، ۽ خدا ۽ انسان جي مقبوليت ۾ وڌندو ويو.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24