bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Malachi 4
Malachi 4
Sindhi Bible
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
1
ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي.
2
پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا.
3
۽ اوهين شريرن کي لتاڙيندا؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اهو ڪندس، انهي ڏينهن هو اوهان جي پيرن جي ترين هيٺان خاڪ وانگر ٿيندا.
4
اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت، يعني اُهي حڪم ۽ فيصلا جي مون هن کي حورب ۾ اسرائيل جي لاءِ ڏنا، تن کي ياد رکو.
5
ڏسو، خداوند جي عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي آءٌ ايلياہ نبيءَ کي اوهان وٽ موڪليندس.
6
۽ هو پيءُ جي دل پٽ ڏانهن، ۽ پٽ جي پيءُ ڏانهن ڦيرائيندو؛ متان آءٌ اچان ۽ ملڪ تي لعنت وجهان.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
All chapters:
1
2
3
4