bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Mark 3
Mark 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 4 →
1
۽ هو وري عبادتخاني ۾ ويو، ۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو هٿ سُڪل هو.
2
۽ هنن ويٺي نهاريس، تہ ڪٿي هو سبت جي ڏينهن ڇُٽائيس تہ مٿس تهمت آڻيون.
3
هن سُڪل هٿ واري ماڻهو کي چيو تہ وچ ۾ ٿي بيهہ.
4
۽ هنن کي چيائين تہ سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ روا آهي يا بدي ڪرڻ؟ جان بچائڻ، يا مارڻ؟ پر هنن کڻي ماٺ ڪئي.
5
تڏهن ڪاوڙ مان هنن ڏانهن نهاريائين، ڇو جو هنن جي سنگدليءَ تي ارمان ٿي آيس؛ پوءِ انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اهو ڊگهيريو، تہ هٿ ڇُٽي پيس.
6
۽ فريسي ٻاهر نڪري ويا، ۽ يڪدم هيرودين سان سندس برخلاف صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائجي.
7
۽ يسوع پنهنجن شاگردن سان گڏجي سمنڊ جي پاسي نڪري ويو، ۽ گليل مان ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو: ۽ يهوديہ،
8
۽ يروشلم، ۽ ادوم، ۽ يردن جي پرينءَ ڀر، ۽ صور ۽ صيدا جي آس پاس کان ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙاڪي جڏهن ٻڌو تہ هو ههڙا وڏا ڪم ٿو ڪري، تڏهن اُهي وٽس آيا.
9
۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ گوڙ جي ڪري هڪڙي ننڍي ٻيڙي منهنجي لاءِ تيار بيٺي رهي تہ متان اُهي مون تي ڳاهٽ ٿين:
10
ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڇُٽايو هو، تنهنڪري جيڪي بہ ماڻهو مرض ۾ گرفتار هئا، سي کيس ڇهڻ لاءِ مٿس پئي ڳاهٽ ٿيا.
11
۽ جڏهن ڀوت کيس ڏسندا هئا، تڏهن اڳيانس ڪِري رڙيون ڪري چوندا هئا، تہ تون خدا جو فرزند آهين.
12
۽ هن بلڪل سخت تاڪيد ڪين تہ مون کي پڌرو نہ ڪريو.
13
پوءِ هو جبل تي چڙهي ويو، ۽ جن کي وڻيس، تن کي پاڻ ڏانهن سڏيائين، ۽ اُهي وٽس آيا.
14
۽ هن ٻارهن ڄڻا مقرر ڪيا، انهي لاءِ تہ هو ساڻس گڏ گذارين، ۽ هو کين منادي ڪرڻ لاءِ موڪلي،
15
۽ کين ڀوتن جي ڪڍڻ جي بہ اختياري هجي:
16
شمعون جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين؛
17
۽ زبديءَ جو پٽ يعقوب، ۽ يعقوب جو ڀاءُ يوحنا، جن تي بونرگس، يعني گجگوڙ جا پٽ نالو رکيائين:
18
۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ توما، ۽ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدي، ۽ شمعون ڪنعاني،
19
۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن جهلايس. پوءِ هو هڪڙي گهر ۾ آيو.
20
۽ وري اُتي ايڏي خلق اچي مڙي جو هنن کي ماني کائڻ جي بہ فرصت نہ ٿي ملي.
21
۽ جڏهن سندس عزيزن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن کيس هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هي هوش کان ٻاهر آهي.
22
۽ فقيهہ جي يروشلم کان آيا هئا، تن چيو، تہ هن ۾ بعلزبول آهي، ۽ هو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.
23
انهن کي هو پاڻ وٽ ڪوٺي مثالن ۾ چوڻ لڳو، تہ ڀلا شيطان، شيطان کي ڪيئن ڪڍي سگهندو؟
24
۽ جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي، تہ اُها بادشاهت جٽاءُ ڪري نٿي سگهي.
25
۽ جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ڦيٽهڙو پوندو تہ اُهو گهر بہ قائم رهي نہ سگهندو.
26
۽ جي شيطان پاڻ پنهنجي برخلاف کڙو ٿيندو ۽ ڦيٽهڙو وجهندو، تہ بيهي ڪين سگهندو، پر ختم ٿي ويندو.
27
پر ڪوبہ ماڻهو ڪنهن طاقت واري شخص جي گهر ۾ گهڙي سندس مال متاع ڦري نہ سگهندو، جيسين ڪ پهريائين انهي طاقت واري شخص کي نہ ٻَڌي؛ ۽ تنهن کانپوءِ هن جو گهر ڦريندو.
28
آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ گناهہ بني آدم ڪيا هوندا، ۽ جيڪي بہ ڪفر جون ڳالهيون هنن چيون هونديون، سي سڀ هنن کي معاف ڪيون وينديون:
29
پر جيڪو پاڪ روح جي حق ۾ ڪفر بڪندو تنهن کي ڪڏهن بہ معافي نہ ملندي، اُٽلندو ابدي گناهہ جو ڏوهاري ٿيندو:
30
سو انهي لاءِ جو هنن چيو ٿي تہ هن ۾ ڀوت آهي.
31
پوءِ هن جي ماءُ ۽ ڀائر آيا، ۽ ٻاهر بيهي هن کي پاڻ وٽ سڏيائون.
32
۽ هن جي چوڌاري گهڻيئي ماڻهو ويٺا هئا، جن چيس تہ اِجهو تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر ٻاهر بيٺا تنهنجي پڇا ڪن.
33
هن جواب ڏيئي چين، تہ منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر ڪير آهن؟
34
۽ جيڪي سندس آس پاس ويٺا هئا، تن ڏانهن نظر گهمائي چوڻ لڳو، تہ اِجها منهنجي ماءُ ۽ اِجهي منهنجا ڀائر!
35
ڇالاءِ تہ جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب هلندو، سو ئي منهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16