bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Romans 13
Romans 13
Sindhi Bible
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 14 →
1
سڀڪو ماڻهو اعليٰ حڪومتن جو تابعدار رهي: ڇالاءِ جو اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جا خدا جي طرفان نہ هجي، جيڪي بہ حڪومتون آهن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آهن.
2
تنهنڪري جيڪو حڪومت جي سامهون ٿو ٿئي، سو خدا جي حڪم جي مخالفت ٿو ڪري: ۽ جيڪي مخالفت ڪندا سي پنهنجي سزا لوڙيندا.
3
ڇالاءِ جو نيڪ ماڻهوءَ کي حاڪم جو ڊپ ڪونهي پر بدڪار کي آهي. ڇا تون ڀانئين ٿو تہ توکي حاڪم جو ڊپ نہ رهي؟ تہ پوءِ نيڪي ڪر تہ اُهو تنهنجي تعريف ڪندو:
4
ڇالاءِ تہ هو تنهنجي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آهي. پر جي تون بدي ڪرين تہ ڊڄ؛ ڇالاءِ جو هو ترار بي سبب نٿو کڻي: هن ڪري جو هو خدا جو خادم آهي ۽ سندس غضب موجب بدڪار کي سزا ٿو ڏئي.
5
تنهنڪري اوهان کي نہ فقط اُنهي غضب جي ڪري، پر پنهنجي ضمير جي خاطر بہ تابعدار رهڻ کپي.
6
انهي سبب اوهين ڍل بہ ٿا ڀريو؛ جو هو خدا جا خادم آهن، ۽ انهي ئي ڪم ۾ مشغول ٿا رهن.
7
سڀني جو حق ادا ڪريو: جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي، تنهن کي ڍل ڏيو؛ جنهن کي محصول ڏيڻو هجي، تنهن کي محصول ڏيو؛ جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، تنهن کان ڊڄو، جنهن جي عزت ڪرڻ گهرجي، تنهن جي عزت ڪريو.
8
پاڻ ۾ محبت کانسواءِ ڪنهن شيءِ جا بہ قرضدار نہ ٿيو: ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان محبت ٿو ڪري تنهن شريعت پوري ڪئي.
9
ڇالاءِ جو هي حڪم تہ زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ۽ ٻيو جيڪو حڪم هوندو، سو هن هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ اچيو وڃي، تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙي محبت ڪر.
10
محبت پنهنجي پاڙيسريءَ سان بدي نٿي ڪري، تنهنڪري محبت شريعت جي تعميل آهي.
11
۽ وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهي لاءِ تہ هينئر ئي اهو وقت اچي پهتو آهي، جنهن ۾ اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو: ڇوتہ جنهن وقت اسان ايمان آندو هو، تنهن وقت جي نسبت ۾ هينئر اسان جي نجات زيادہ ويجهي آئي آهي.
12
رات گهڻي گذري ويئي آهي، ۽ ڏينهن ٿيڻ تي آهي: تنهنڪري اچو تہ اوندهہ جا ڪم ڇڏي سوجهري جا هٿيار ٻَڌون.
13
۽ اهڙيءَ طرح شائستگيءَ سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي، نہ ناچ رنگ ۽ نشي ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت پرستيءَ ۾، نہ جهيڙي ۽ حسد ۾:
14
پر خداوند يسوع مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو، ۽ جسم جي خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ خيال نہ پچايو.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16