bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Titus 2
Titus 2
Sindhi Bible
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 3 →
1
پر تون انهن ڳالهين جو بيان ڪج، جي صحيح تعليم موجب آهن:
2
يعني تہ پير مرد پرهيزگار، سنجيدا ۽ سالم دل هجن، ۽ اهي ايمان ۽ محبت ۽ صبر ۾ قائم هجن.
3
ساڳيءَ طرح پيرسن زالون بہ هلت چلت ۾ پاڪ ٿيلن وانگر هجن، نہ گلا غيبت ڪندڙ، نہ شراب جي عادت واريون، پر چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن؛
4
انهي لاءِ تہ اُهي جوان زالن کي سيکارين تہ پنهنجن مڙسن ۽ پنهنجن ٻارن کي پيار ڪن،
5
سالم دل، پاڪ دامن، گهر جو ڪم ڪار ڪندڙ ۽ مهربان، ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.
6
جوان ماڻهن کي بہ ساڳيءَ طرح سالم دل رهڻ لاءِ نصيحت ڪج.
7
سڀني ڳالهين ۾ پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار؛ پنهنجي تعليم ۽ صفائي ۽ سنجيدگي ڏيکاريندو رهہ.
8
۽ اهڙي صحيح تعليم ڏي، جا ملامت جوڳي نہ هجي؛ تان تہ مخالف ڌر شرمندي ٿئي، ۽ اسان جي برخلاف ڪابہ ڳالهہ ڪري نہ سگهي.
9
نوڪرن کي نصيحت ڪر تہ پنهنجن مالڪن جا تابعدار ٿي گذارين، ۽ سڀني ڳالهين ۾ انهن کي خوش رکن، انهن جي حڪمن جي انحرافي نہ ڪن؛
10
چوري چڪاري نہ ڪن، پر هر طرح جي ايمانداري ڏيکارين؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي تعليم کي رونق ملي.
11
ڇالاءِ جو خدا جو فضل ظاهر ٿيو آهي، ۽ اهو سڀني ماڻهن لاءِ نجات ڏيندڙ آهي؛
12
۽ اسان کي بہ سيکاري ٿو تہ بي دينيءَ ۽ دنيوي خواهشن کي ترڪ ڪري، هن موجودہ جهان ۾ پرهيزگاريءَ ۽ راستبازيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.
13
۽ انهيءَ مبارڪ اُميد جي، يعني پنهنجي عظيم خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي جلال جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ رهون؛
14
جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.
15
تون پوريءَ اختياريءَ سان انهن ڳالهين جو بيان ڪج ۽ نصيحت ڪج، ۽ ملامت ڪج؛ ۽ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي حقارت نہ ڪري.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3