bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Thessalonians 1
2 Thessalonians 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 2 →
1
هي خط مون پولس ، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي آهي.
2
شل اوهان تي خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.
3
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ادا ڪندا رهون. هي انهيءَ ڪري مناسب آهي جو اوهان جي ايمان ۾ گھڻي کان گھڻو واڌارو ايندو ٿو وڃي ۽ اوهان سڀني جو هڪٻئي لاءِ پيار وڌندو ٿو وڃي.
4
تنهنڪري اسين پاڻ خدا جي ٻين ڪليسيائن ۾ اوهان بابت فخر ٿا ڪريون تہ اوهين ڪيڏي نہ ثابت قدميءَ سان پنهنجي ايمان تي قائم آهيو، توڙي جو ظلم ۽ تڪليفون پيا سهو.
5
انهيءَ مان ثابت ٿو ٿئي تہ خدا جي عدالت سچي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اوهين خدا جي بادشاهيءَ جي لائق قرار ڏنا ويا آهيو، جنهن لاءِ اوهين تڪليفون بہ پيا سهو.
6
جيئن تہ خدا انصاف ڪندڙ آهي سو هو اوهان جي تڪليفن ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ تڪليفون ڏيندو
7
۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو خداوند عيسيٰ پنهنجي ملائڪن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آسمان مان ظاهر ٿيندو
8
۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري خدا کي ٿا ڄاڻين.
9
اهي خداوند عيسيٰ جي حضور کان ۽ سندس قدرت جي عظمت کان پري رهي هميشہ واري برباديءَ جي سزا ڀوڳيندا.
10
مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل، يعني مٿس ايمان رکندڙ سڀ سندس قدرت ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس واکاڻ ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو آهي.
11
انهيءَ ڪري اسين هميشہ اوهان لاءِ دعا گھرندا رهندا آهيون، تہ شل اسان جو خدا اوهان کي اهڙي زندگيءَ جي لائق قرار ڏئي جنهن لاءِ اوهان کي سڏيو ويو آهي. شل هو اوهان جي هر نيڪ خواهش ۽ جيڪو ڪم ايمان سان ڪريو ٿا تنهن کي پنهنجي قدرت سان پورو ڪري.
12
اسين هيءَ دعا انهيءَ لاءِ گھرندا آهيون تہ جيئن اسان جي خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏنل فضل موجب، اسان جي خداوند عيسيٰ جو نالو اوهان ۾ عظيم ڄاتو وڃي ۽ اوهين هن ۾ عزت ماڻيو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3