bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Thessalonians 3
2 Thessalonians 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
1
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ بہ دعا گھرو تہ اسان جي وسيلي خداوند عيسيٰ بابت پيغام جلد ڦهلجي ۽ عزت سان قبول ڪيو وڃي، جيئن اوهان منجھہ آهي.
2
هيءَ بہ دعا گھرو تہ اسين ڏنگن ۽ بڇڙن ماڻهن کان بچيل رهون، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن ۾ ايمان ڪونهي.
3
پر خداوند عيسيٰ سچو آهي، جيڪو اوهان کي مضبوط ڪندو ۽ بڇڙائيءَ کان بچائيندو.
4
خداوند عيسيٰ ۾ اسان کي اوهان تي اعتماد آهي تہ جيڪي حڪم اسين اوهان کي ڏيون ٿا، تن تي اوهين عمل ڪريو ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رهندا.
5
شل خداوند عيسيٰ اوهان جي اهڙي رهنمائي ڪري جو جيئن جيئن اوهين خدا جي محبت ۾ وڌندا رهو، تيئن تيئن مسيح جي ثابت قدميءَ ۾ بہ وڌندا رهو.
6
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ اوهين هر انهيءَ ايمان واري کان پاسو ڪريو، جيڪو اسان جي سيکاريل روايت موجب زندگي نہ ٿو گذاري، اٽلندو اجايو وقت ٿو وڃائي.
7
اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان کي اسان جي نقشِقدم تي هلڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ اجايو وقت نہ وڃايوسين.
8
اسان مفت جي ماني نہ کاڌيسين، بلڪ رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو ڪيوسين، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.
9
اسان اهو انهيءَ لاءِ نہ ڪيوسين تہ اسان جو اوهان تي ڪو حق نہ هو، بلڪ انهيءَ لاءِ ڪيوسين تہ اسين پاڻ کي اوهان جي لاءِ نمونو بڻايون تہ جيئن اوهين اسان جي نقشِقدم تي هلو.
10
جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن بہ اوهان کي تاڪيد ڪيو هوسين تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪرڻ نہ چاهي تہ اهو کائي بہ نہ.
11
تنهن هوندي بہ اسين ٻڌون ٿا تہ اوهان مان ڪي ماڻهو اجايو وقت ٿا وڃائين. اهي پاڻ تہ ڪوبہ ڪم ڪونہ ٿا ڪن، بلڪ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ٿا ڏين.
12
اسين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اهڙن ماڻهن کي نصيحت ڪندي سمجھايون ٿا تہ اهي خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪري پنهنجي روزي ڪمائين.
13
ان کان علاوہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين چڱائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن نہ ٿڪجو.
14
جيڪڏهن اوهان مان ڪو اسان جي هن خط ۾ لکيل هدايتن تي عمل نہ ڪري تہ انهيءَ کي ڌيان ۾ رکو ۽ ساڻس واسطو نہ رکو، تہ جيئن شرمسار ٿئي.
15
پر انهيءَ کي دشمن نہ سمجھو، بلڪ همايمان سمجھي کيس نصيحت ڪندا رهو.
16
هاڻي سلامتي بخشيندڙ خداوند عيسيٰ پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح سان سلامتي بخشي. شل خداوند عيسيٰ اوهان سڀني ساڻ هجي.
17
هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان هي سلام لکي رهيو آهيان. آءٌ ائين ئي لکندو آهيان، جيڪا هر خط ۾ منهنجي نشاني هوندي آهي.
18
شل اوهان سڀني تي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ٿيندو رهي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
All chapters:
1
2
3