bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Colossians 3
Colossians 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 4 →
1
هاڻ جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ جياريا ويا آهيو، تنهنڪري انهن شين سان دل لڳايو جيڪي عرش عظيم تي آهن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي.
2
هائو، اوهين انهن شين ڏانهن ڌيان ڏيو جيڪي عرش عظيم تي آهن، نہ انهن ڏانهن جيڪي زمين تي آهن،
3
ڇاڪاڻ تہ اوهين مري ويا آهيو ۽ اوهان جي زندگي هاڻي مسيح سان گڏ خدا جي حضور ۾ لڪل آهي.
4
پوءِ جڏهن مسيح ، جيڪو اوهان جي زندگي آهي سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ سندس جلوي ۾ ظاهر ڪيا ويندا.
5
تنهنڪري اوهين پنهنجين دنياوي عادتن کي ختم ڪري ڇڏيو، يعني حرامڪاري، ناپاڪائي، شهوتپرستي، بريون خواهشون ۽ لالچ، جيڪا بتپرستيءَ جي برابر آهي.
6
انهن ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.
7
اڳي اوهان ۾ بہ اهڙيون خواهشون هيون، جڏهن اوهين انهن موجب زندگي گذاريندا هئا.
8
پر هاڻي اوهين هي سموريون ڳالهيون بہ ڇڏي ڏيو، يعني غضب، ڪاوڙ، بدنيتي، گلاخوري ۽ گاريون ڏيڻ.
9
نڪي اوهين هڪٻئي سان ڪوڙ ڳالهايو، ڇو تہ اوهان پراڻي انساني فطرت کي سندس عادتن سميت لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي
10
۽ نئين فطرت کي پهري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن اها نئين فطرت پنهنجي خالق جي صورت موجب نئين ٿيندي وڃي ٿي تيئن تيئن اوهين خدا جي ڄاڻ ۾ وڌندا وڃو ٿا.
11
نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي ، نہ ڪو طهريل آهي نہ اڻطهريل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.
12
تنهنڪري جيئن اوهين خدا جا چونڊيل، پاڪ ۽ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ، مهربانيءَ، نِوڙت، نماڻائيءَ ۽ صبر کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.
13
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ هڪٻئي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو. جيئن خداوند اوهان کي معاف ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ڪريو.
14
انهن سڀني خوبين جي مٿان محبت کي ڪمربند وانگر ٻڌي ڇڏيو، جيڪا انهن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿي.
15
ان کان علاوہ مسيح جي سلامتي، جنهن لاءِ اوهين هڪ بدن ٿيڻ جي واسطي سڏيا ويا آهيو، تنهن کي پنهنجي دلين تي حڪمراني ڪرڻ ڏيو ۽ شڪرگذار رهو.
16
مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.
17
اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا ادا ڪندا رهو.
18
اي زالون! خداوند عيسيٰ جون هئڻ ڪري جيئن اوهان لاءِ مناسب آهي، تيئن پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهو.
19
اي مڙسؤ! پنهنجين زالن سان پيار ڪريو، انهن ڏانهن پنهنجي دل کٽي نہ ڪريو.
20
اي ٻارؤ! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري هر ڳالهہ ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اها چڱي ڳالهہ آهي.
21
اي پيئرؤ! پنهنجن ٻارن کي چڙ نہ ڏياريو جو متان هو بيدل ٿي پون.
22
اي غلامؤ! پنهنجي دنياوي مالڪن جا هر ڳالهہ ۾ فرمانبردار رهو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر صافدليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو.
23
جيڪي بہ ڪريو سو دل سان ڪريو، ائين سمجھو تہ خداوند عيسيٰ جي لاءِ ٿا ڪريو، نہ ماڻهن جي لاءِ.
24
اها ڳالهہ ذهن ۾ رکو تہ مالڪن جي اهڙي خدمت جي عيوض ۾ اوهان کي خداوند کان ميراث ملندي. سو ائين اوهين خداوند مسيح جي خدمت ڪندا رهو.
25
ياد رکو، جيڪو غلط ڪم ڪري ٿو تنهن کي پنهنجي انهن ڪمن جو بدلو ملندو، ڇاڪاڻ تہ خدا وٽ ڪنهن جي بہ طرفداري ڪانہ ٿي ٿئي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4