bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Colossians 4
Colossians 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
1
اي مالڪؤ! پنهنجن غلامن سان اهو ڄاڻيندي عدل وَ انصاف وارو سلوڪ ڪريو تہ اوهان جو بہ هڪڙو مالڪ آهي جيڪو آسمان تي آهي.
2
دعا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مشغول رهو.
3
انهيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ دعا گھرندا ڪريو جو خدا اسان لاءِ پيغام ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انهيءَ راز کي بيان ڪري سگھون جنهن جي خاطر آءٌ قيد ۾ آهيان.
4
دعا ڪريو تہ آءٌ انهيءَ پيغام کي صاف طور پڌرو ڪريان، جيئن مون کي ڪرڻ گھرجي.
5
جن اڃا ايمان نہ آندو آهي، تن سان هر هڪ موقعي جو فائدو وٺندي ڏاهپ سان هلت ڪندا رهو.
6
اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ اهڙي فضيلت واري ۽ وڻندڙ هجي، جو اوهين هر ماڻهوءَ کي مناسب جواب ڏيئي سگھو.
7
تخڪُس اوهان کي منهنجو سڄو احوال ٻڌائيندو. هو پيارو ڀاءُ، سچو خدمتگار ۽ اسان وانگر خداوند عيسيٰ جو ٻانهو آهي.
8
هن کي آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ اوهان ڏانهن موڪلي رهيو آهيان تہ اوهين اسان جي حالتن بابت ڄاڻو ۽ هو اوهان جي دلين کي همتائي.
9
هن سان گڏ اُنيسمس کي بہ موڪلي رهيو آهيان. هو اسان جو سچو ۽ پيارو ڀاءُ آهي ۽ اوهان مان ئي هڪڙو آهي. اهي ٻيئي اوهان کي هتي جون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندا.
10
ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، اوهان کي سلام چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سؤٽ آهي اوهان کي سلام چوي ٿو. هن بابت اوهان کي هدايتون ٿيل آهن، سو جيڪڏهن هو اوهان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.
11
يسوع جنهن کي يوستُس ڪري سڏيندا آهن، سو بہ اوهان کي سلام چوي ٿو. مسيح تي ايمان رکندڙ يهودين مان رڳو اهي ٽي ماڻهو آهن، جن مون سان گڏجي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ پئي ڪئي آهي. اهي منهنجي گھڻي تسليءَ جو سبب بڻيا آهن.
12
اِپفراس جيڪو اوهان مان هڪڙو آهي ۽ عيسيٰ مسيح جو خادم آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي. هو اوهان جي لاءِ هميشہ ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان هر هڪ ڳالهہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رهو.
13
آءٌ سندس شاهدي ٿو ڏيان تہ هو اوهان لاءِ توڙي لوديڪيا ۽ هيراپلس شهرن جي ڪليسيائن لاءِ سخت محنت ٿو ڪري.
14
اسان جو پيارو دوست حڪيم لوقا ۽ ديماس اوهان کي سلام ٿا ڏين.
15
لوديڪيا شهر جي ڀائرن ڀينرن کي ۽ ڀيڻ نمفاس ۽ جيڪا ڪليسيا سندس گھر ۾ گڏ ٿيندي آهي تن سڀني کي منهنجا سلام ڏجو.
16
جڏهن هي خط اوهين پڙهي پورو ڪيو، تڏهن انهيءَ کي لوديڪيا جي ڪليسيا ۾ بہ پڙهيو وڃي. وري جيڪو خط لوديڪيا ڏانهن موڪليو ويو آهي، اهو اوهين بہ پڙهجو.
17
ان کان علاوہ ارخپس کي نياپو ڏجو تہ ” خداوند عيسيٰ جي خدمت وارو جيڪو ڪم تنهنجي حوالي ڪيو ويو آهي، تنهن کي ضرور پورو ڪجانءِ.“
18
هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان سلام لکي رهيو آهيان. منهنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوهان تي فضل ٿيندو رهي.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
All chapters:
1
2
3
4