bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Haggai 1
Haggai 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 2 →
1
فارس جي شهنشاہ دارا جي حڪومت جي ٻئي سال، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند حجي نبيءَ جي معرفت يهوداہ صوبي جي گورنر زربابل ولد سالتيايل ۽ سردار ڪاهن يشوع ولد يوصدق ڏانهن پيغام موڪليو.
2
قادرِمطلق خداوند حجيءَ کي فرمايو تہ ”هيءَ قوم صحيح نہ ٿي چوي تہ اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت جو وقت نہ آيو آهي.
3
سو تون ماڻهن کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ
4
’اي منهنجي قوم! ڇا اهو مناسب آهي جو اوهين تہ هن وقت عاليشان گھرن ۾ رهو ٿا، جڏهن تہ منهنجي هيڪل اڃا مٽيءَ جا دڙا لڳي پيئي آهي؟
5
سو آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين پنهنجي حال تي غور ڪريو.
6
اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي.
7
سو اوهين انهن ڳالهين تي غور ڪريو تہ ائين ڇو ٿو ٿئي.
8
هاڻي منهنجو هي فرمان آهي تہ اوهين جابلو علائقي ۾ وڃو ۽ اتان ڪاٺ آڻي منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت ڪريو. تڏهن آءٌ خداوند ائين ڪرڻ سان خوش ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ اتي بندگي ڪرڻ سان منهنجو شان وَ شوڪت ظاهر ٿيندو.
9
اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو.
10
اهو ئي سبب آهي جو آسمان مان برسات پوڻ بند ٿي ويئي آهي ۽ زمين پنهنجي پيداوار ڏيڻ ڇڏي ڏني آهي.
11
منهنجي حڪم سان ئي اوهان جي ملڪ ۾ خشڪ سالي آئي آهي. هائو، اوهان جي جبلن مان، پوک وارين ٻنين مان، انگورن ۽ زيتون جي باغن مان، زمين جي هر فصل ۽ پيداوار مان، انسانن توڙي جانورن مان، اوهان جي هر پورهئي مان، بلڪ هر شيءِ مان برڪت کسي ويئي آهي.‘“
12
تڏهن گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ ٻيا اهي سڀ ماڻهو جيڪي بابل جي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني اهو ئي ڪجھہ ڪيو جنهن جو خداوند سندن خدا کين حڪم ڏنو هو. هنن خداوند جو خوف رکندي حجيءَ جي معرفت مليل پيغام تي عمل ڪيو.
13
تنهن کان پوءِ حجي نبيءَ ماڻهن کي خداوند جو ٻيو پيغام ٻڌايو تہ ”آءٌ اوهان سان گڏ آهيان، اهو مون خداوند جو واعدو آهي.“
14
خداوند هر ڪنهن جي دل ۾ پنهنجي هيڪل جي ڪم لاءِ جذبو جاڳايو. سو يهوداہ جو گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ اهي ماڻهو جيڪي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني قادرِمطلق خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل تي ڪم شروع ڪيو.
15
اهو ڪم شهنشاهہ دارا جي حڪمرانيءَ جي ساڳئي سال، ساڳئي مهيني جي چوويهين تاريخ کان شروع ڪيو ويو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 2 →
All chapters:
1
2