bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Haggai 2
Haggai 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
1
ساڳئي سال ستين مهيني جي ايڪيهين تاريخ تي خداوند حجي نبيءَ کي وري فرمايو تہ
2
”تون يهوداہ جي گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ
3
’ڇا اوهان منجھہ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جن اصلي هيڪل جو شان وَ شوڪت ڏٺو هجي؟ اوهان انهن کان پڇو تہ کين هاڻوڪي هيڪل ڪيئن ٿي ڏسڻ ۾ اچي؟ ٿي سگھي ٿو تہ انهن جي خيال ۾ اڳئين جي مقابلي ۾ هي هيڪل ڪجھہ بہ نہ آهي.
4
مگر اي زربابل! اي سردار ڪاهن يشوع! ۽ اي ملڪ جا سڀ رهاڪؤ! آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين دلجاءِ ڪري ڪم ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ قادرِمطلق اوهان سان گڏ آهيان.
5
جڏهن آءٌ اوهان جي وڏن کي مصر مان ڪڍي آيو هئس، تڏهن مون انهن سان عهد ٻڌو هو تہ آءٌ انهن سان هميشہ گڏ هوندس. هاڻي آءٌ اوهان سان بہ گڏ آهيان سو اوهين همت نہ هاريو.
6
آءٌ قادرِمطلق جلد هڪ دفعو وري زمين وَ آسمان کي ۽ بر وَ بحر کي لوڏي ڇڏيندس.
7
آءٌ سڀني قومن کي لوڏو ڏيئي شڪست ڏيندس ۽ سندن خزانا هتي يروشلم ۾ آڻي هن هيڪل جي شان وَ شوڪت ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيندس،
8
ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا جي چاندي توڙي سون مون قادرِمطلق خداوند جو آهي.
9
اهڙيءَ طرح هيءَ نئين هيڪل اڳئين هيڪل کان وڌيڪ شاندار نظر ايندي. هتي آءٌ پنهنجي قوم کي خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي بخشيندس. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.‘“
10
شهنشاهہ دارا جي حڪمرانيءَ جي ٻئي سال، نائين مهيني جي چوويهين تاريخ تي قادرِمطلق خداوند حجي نبيءَ کي فرمايو تہ
11
”تون شريعت جي هن سوال بابت ڪاهنن کان راءِ وٺ.
12
جيڪڏهن ڪو ماڻهو قرباني ڪيل گوشت مان ڪو ٽڪرو پنهنجي لباس جي دامن ۾ وجھي کنيو وڃي ۽ سندس دامن ڪنهن ماني، ڀاڄي، مئي، زيتون جي تيل يا ڪنهن بہ قسم جي کاڌي واري شيءِ کي لڳي پوي تہ پوءِ ڇا اها شيءِ بہ پاڪ ٿي پوندي؟“ جڏهن حجيءَ اهو سوال ڪاهنن کان پڇيو تہ هنن وراڻيو تہ ”نہ.“
13
پوءِ حجيءَ وري کانئن پڇيو تہ ”فرض ڪريو تہ ڪو ماڻهو ڪنهن مُڙدي کي ڇهڻ سان ناپاڪ ٿي پيو هجي تہ پوءِ جيڪڏهن هو کاڌي وارين انهن شين کي ڇهي تہ ڇا اهي ناپاڪ ٿي پونديون؟“ ڪاهنن وراڻيو تہ ”هائو، اهي ناپاڪ ٿي پونديون.“
14
تڏهن حجيءَ کين خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”ساڳي ئي نموني منهنجي اڳيان بہ هي سڄي قوم ناپاڪ آهي. سو سندن هر پورهيو، بلڪ جيڪي ڪجھہ اهي قربانگاهہ تي پيش ٿا ڪن سو بہ ناپاڪ آهي.
15
سو هاڻي اوهين اڄ کان وٺي اڳتي لاءِ اُنهيءَ وقت کي ڌيان ۾ رکو، جڏهن اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت شروع ئي ڪين ٿي هئي.
16
ياد ڪريو، اُنهيءَ وقت اوهان جو ڇا حال هو؟ جڏهن اوهين اهو آسرو رکي اناج جي کوڙ تي ٿي ويا تہ اهو ٻہ سؤ ڪلوگرام هوندو، پر اهو هڪ سؤ ٿي نڪتو. هائو، جڏهن اوهين انگورن جي چيچڙي جي حوض تي اهو آسرو رکي ٿي ويا تہ انهيءَ مان اوهان کي هڪ سؤ ليٽر رس ملندي، پر اوهان رڳو چاليهہ ليٽر ٿي حاصل ڪئي.
17
اهو انهيءَ ڪري هو جو مون جھولي، سينوَر ۽ ڳڙن موڪلڻ سان اوهان جي سڄي پيداوار کي برباد ڪري ٿي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا.
18
اڄ نائين مهيني جي چوويهين تاريخ آهي ۽ اڄوڪي ڏينهن اوهان هيڪل جو بنياد رکي چڪا آهيو سو هاڻي کان اوهين غور ڪري ڏسجو تہ ايندڙ وقت ۾ اوهان کي ڇا ٿو ملي.
19
جيئن تہ اوهان اڃا هاڻي اناج جا ٻج ڀانڊن مان ڪڍي پوکيا آهن، ۽ جيتوڻيڪ انگورن جي ول ۽ انجير ، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻن اڃا ڦر ئي نہ جھليو آهي، تڏهن بہ دلجاءِ ڪريو تہ اڄ کان وٺي آءٌ اوهان کي برڪتون عطا ڪندو رهندس.“
20
هوڏانهن ساڳي ئي ڏينهن خداوند حجيءَ کي فرمايو تہ
21
”تون يهوداہ جي گورنر زربابل کي منهنجو هي پيغام ڏي تہ آءٌ زمين وَ آسمان کي لوڏي ڇڏيندس.
22
آءٌ غير قومن جي سڀني حڪومتن ۽ سندن طاقتن کي ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، آءٌ انهن جي جنگي گھوڙي گاڏين کي سوارن سميت اونڌو ڪري ڇڏيندس ۽ گھوڙن ۽ سندن سوارن کي بہ مارائي ڇڏيندس. ايتري قدر جو اهي لشڪر خونريزي وجھي هڪٻئي کي ماري ڇڏيندا.
23
اي منهنجا ٻانها زربابل، سالتيايل جا پٽ! اهو رڳو تون ئي آهين جنهن کي مون چونڊيو آهي. هائو، انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند تو کي پنهنجي شاهي منڊيءَ جي نشانيءَ طور اختياري ڏيئي حڪمران مقرر ڪندس. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
All chapters:
1
2
Recommended Reading
Commentary
Haggai Commentaries
→
Devotional
Haggai Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→