bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
James 1
James 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 2 →
1
هي خط خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ٻانهي مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي خدا جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي سلام ٿو چوان.
2
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهيءَ کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجھو،
3
ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي ايمان جي پرک اوهان ۾ ثابت قدمي پيدا ڪري ٿي.
4
انهيءَ ثابت قدميءَ کي پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڪامل ۽ ڀرپور ٿيو ۽ اوهان ۾ ڪنهن بہ ڳالهہ جي ڪمي نہ رهي.
5
جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بيانداز ٿو ڏئي.
6
پر جڏهن هو کانئس گھري تہ مٿس ويساهہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انهيءَ ڇوليءَ وانگر آهي، جيڪا هوا سان ڌِڪجي ۽ اڇلجي ٿي.
7
اهڙو ماڻهو ائين نہ سمجھي تہ کيس خداوند کان ڪجھہ نہ ڪجھہ ملندو.
8
اهو ماڻهو ٻِہدليو آهي، جيڪو پنهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ تي قائم نہ ٿو رهي.
9
غريب ايمان واري کي مسيح ۾ پنهنجي اعليٰ مرتبي تي فخر ڪرڻ گھرجي،
10
جڏهن تہ دولتمند ايمان واري کي هيٺاهين درجي تي، ڇاڪاڻ تہ دولتمندي جھنگلي گل وانگر ڪومائجي ويندي.
11
هن ڪري جو جڏهن سج جي تيز اُس ان ٻوٽي تي پوي ٿي ۽ ان کي سڪائي ٿي ڇڏي، تڏهن انهيءَ جو گل ڇڻيو پوي ۽ خوبصورتي ختم ٿيو وڃيس. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻهو بہ دولت جي پٺيان لڳي برباد ٿي ويندو.
12
سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس فتح جو تاج، يعني اها زندگي حاصل ٿيندي جنهن جو واعدو خدا پاڻ سان محبت رکڻ وارن سان ڪيو آهي.
13
جيڪڏهن آزمائش جي گھڙيءَ ۾ ڪو ماڻهو گناهہ ڏانهن ڇڪجي وڃي تڏهن هو ائين نہ چوي تہ ”اهو سڀ خدا جي طرفان ٿئي ٿو.“ ياد رکو تہ خدا بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو آزمائي.
14
پر اهڙي ماڻهوءَ کي سندس ئي نفساني خواهشون ڇڪي ۽ موهي آزمائش ۾ ڦاسائي ٿيون ڇڏين.
15
تنهن کان پوءِ اهي نفساني خواهشون وڌي گناهہ کي جنم ڏين ٿيون ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏهن موت پيدا ٿو ڪري.
16
اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو.
17
هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.
18
هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي پيغام وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس مخلوقات ۾ پهريون ڦل بڻجون.
19
اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي،
20
ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ جي حالت ۾ ماڻهوءَ کان اهڙا ڪم ٿي نہ ٿا سگھن جن مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.
21
تنهنڪري ناپاڪيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي سموري گندگيءَ کي پري اڇلائي نماڻائيءَ سان انهيءَ پيغام کي قبول ڪريو، جيڪو اوهان ۾ پوکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي.
22
اوهين پيغام جا رڳو ٻڌندڙ نہ ٿيو، بلڪ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيغام کي رڳو ٻڌي ٿو پر ان تي عمل نہ ٿو ڪري، تہ اهو پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي. هو انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پنهنجي شڪل آئيني ۾ رڳو ڏسي
24
هليو وڃي ٿو ۽ جلد ئي وساري ٿو ڇڏي تہ هو ڪيئن هو.
25
پر جيڪو ماڻهو سچ جي انهيءَ پيغام يعني آزادي ڏيندڙ ڪامل شريعت کي ڌيان سان ڏسندو ٿو رهي ۽ ٻُڌي ڪري وساري نہ ٿو، بلڪ انهيءَ تي عمل ٿو ڪري سو ئي پنهنجي ڪمن ۾ برڪت وارو ٿيندو.
26
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي پر پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ نہ ٿو رکي تہ سندس دينداري اجائي آهي ۽ اهو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.
27
اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بيعيب دينداري اها آهي تہ يتيمن ۽ رننزالن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي گندگيءَ کان بچائي بيداغ رکجي.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5