bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
James 2
James 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 3 →
1
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي خداوند ذوالجلال عيسيٰ مسيح تي ايمان رکڻ وارا ٿي ڪري اوهين ٻِہاکيائي نہ ڪريو.
2
فرض ڪريو تہ ڪو ماڻهو سونيون منڊيون ۽ شاندار ڪپڙا پائي اوهان جي جماعت ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن وارو هڪڙو غريب ماڻهو بہ اچي ٿو.
3
هاڻي جيڪڏهن اوهين شاندار پوشاڪ واري جو خاص لحاظ ڪري چئو تہ ”اوهين هِتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويهو،“ پر هن غريب ماڻهوءَ کي چئو تہ ”تون هُتي بيهہ،“ يا ”هِتي منهنجي پيرن وٽ اچي ويهہ،“
4
تڏهن ڇا اوهان پاڻ ۾ ٻِہاکيائي نہ ڪئي؟ ۽ ڇا اوهين بري نيت وارا عدالت ڪندڙ نہ ٿيا؟
5
منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟
6
پوءِ ڇو اوهين غريبن جي بيعزتي ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟
7
ڇا هو اهي ئي نہ آهن، جيڪي انهيءَ عزت واري نالي عيسيٰ بابت ڪفر ٿا بڪن، جنهن جا اوهين سڏيا ٿا وڃو؟
8
پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏهن اوهين خدا جي انهيءَ شاهي حڪم تي عمل ڪندي پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.
9
پر جيڪڏهن ٻِہاکيائي ٿا ڪريو تہ انهيءَ حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري اوهين گناهہ ٿا ڪريو. تنهن تي شريعت اوهان کي گنهگار قرار ٿي ڏئي،
10
ڇاڪاڻ تہ جيڪو شريعت جي رڳو هڪڙي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري، سو سڄي شريعت جي خلافورزي ڪري گنهگار قرار ڏنو وڃي ٿو.
11
اهو انهيءَ ڪري جو جنهن چيو آهي تہ ”زنا نہ ڪر،“ تنهن هيئن بہ چيو آهي تہ ”خون نہ ڪر.“ سو جيڪڏهن تون زنا نہ ڪرين پر خون ڪرين تہ تون شريعت جو گنهگار ٿي چڪين.
12
ياد رکو، اوهان جو فيصلو آزادي ڏيندڙ شريعت جي انهيءَ عظيم حڪم مطابق ٿيڻو آهي. تنهنڪري پنهنجو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ هلت چلت نيڪ رکو،
13
ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.
14
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”مون کي ايمان آهي،“ پر هو انهيءَ جي لائق عمل نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇا اهڙو ايمان هن کي بچائي ٿو سگھي؟
15
فرض ڪريو تہ ڪنهن ايمان واري ڀاءُ يا ڀيڻ کي پهرڻ لاءِ ڪپڙا ڪونہ آهن ۽ روزاني کاڌي لاءِ محتاج آهي.
16
اهو ڏسي جيڪڏهن اوهان مان ڪو کيس چوي تہ ”سلامتيءَ سان وڃي گذار، گرم ڪپڙا پاءِ ۽ کائي پي ڍءُ ڪر،“ پر کيس اهي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس بدن لاءِ ضروري آهن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟
17
اها ئي ڳالهہ آهي تہ جيڪڏهن ايمان سان گڏ عمل نہ آهي تہ اهو ايمان مئل آهي.
18
پر ٿي سگھي ٿو ڪو ماڻهو ائين چوي تہ ”ڪن وٽ ايمان آهي ۽ ڪن وٽ عمل بہ آهي.“ چڱو ڀلا، آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ کي چوان ٿو تہ ”تون عمل کان سواءِ مون کي پنهنجو ايمان ڏيکار ۽ آءٌ پنهنجي عمل سان تو کي پنهنجو ايمان ڏيکاريندس.
19
تون چوين ٿو تہ ’آءٌ ايمان ٿو رکان تہ خدا هڪڙو آهي.‘ ٺيڪ آهي. اها ڳالهہ تہ بدروح بہ مڃين ٿا ۽ اهي ڏڪن بہ ٿا.“
20
اي بيوقوفؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آهي؟
21
ڏسو، ڇا خدا اسان جي پيءُ ابراهيم کي عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو، جڏهن هن پنهنجي پٽ اسحاق کي قربانگاهہ تي نذر ٿي ڪيو؟
22
هاڻي اوهين سمجھي ٿا سگھو تہ ابراهيم جي ايمان سندس عمل سان گڏجي ڪم ٿي ڪيو ۽ عمل جي ڪري ئي سندس ايمان ڪامل قرار ڏنو ويو.
23
اهڙيءَ طرح پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ پوري ٿي تہ ” ابراهيم خدا تي ايمان آندو، تنهنڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ انهيءَ ڪري هو خدا جو دوست سڏيو ويو.
24
سو اوهين ڏسي ٿا سگھو تہ خدا انسان کي رڳو ايمان جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ٿو ڏئي، بلڪ ان سان گڏ عمل جو هجڻ لازمي آهي.
25
ساڳيءَ طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي هئي، تنهن بہ جڏهن بني اسرائيل قوم جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ شهر مان نڪرڻ جي ٻئي رستي کان روانو ڪري کين بچايو، تڏهن ڇا خدا هن کي سندس انهيءَ عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو؟
26
مطلب تہ جيئن روح کان سواءِ بدن مئل آهي، تيئن عمل کان سواءِ ايمان بہ مئل آهي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5