bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jonah 1
Jonah 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 2 →
1
هڪڙي ڏينهن يونس بن اَمتيءَ کي خداوند فرمايو تہ
2
”اُٿ، وڏي شهر نينواہ ڏانهن وڃ ۽ اُتان جي ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ مون کي خبر آهي تہ اوهين بدڪار ٿي ويا آهيو.“
3
پر يونس اٿيو ۽ خداوند کان پري ڀڄي وڃڻ لاءِ ٻئي طرف واري شهر ترسيس ڏانهن کڻي منهن ڪيائين. هو يافا بندر تي پهتو ۽ اُتي هڪ سامونڊي جهاز ڏٺائين جيڪو ترسيس ڏانهن وڃڻ وارو هو. هو ڀاڙو ڏيئي ان ۾ وڃي ويٺو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کان ڀڄي جهاز وارن سان گڏ ترسيس ڏانهن هليو وڃي.
4
پر خداوند سمنڊ تي وڏي زور سان هڪ واءُ موڪليو ۽ ايترو تہ طوفان آيو جو سامونڊي جهاز جي ڀڄي پوڻ جو امڪان هو.
5
تڏهن ملاح ڊڄي ويا ۽ پنهنجي پنهنجي معبود کي پڪارڻ لڳا. ان سان گڏ هو جهاز ۾ رکيل سامان کڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ لڳا تہ جيئن جهاز هلڪو ٿئي. پر يونس ان کان اڳ ئي جهاز جي هيٺئين ڀاڱي ۾ لهي ويو هو، جتي هو گھاٽيءَ ننڊ ۾ ستو پيو هو.
6
ڪپتان يونس وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”تون ڇو ننڊ پيو آهين؟ اُٿي پنهنجي معبود کي پڪار تہ من انهيءَ کي اسان جو ڪو خيال پوي ۽ اسين برباد ٿيڻ کان بچي پئون.“
7
انهيءَ کان پوءِ ملاحن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ اسين ڪُڻا وجھي ڏسون تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي.“ تڏهن هنن ڪڻا وڌا ۽ ڪُڻي ۾ يونس جو نالو نڪتو.
8
تنهن تي هنن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌاءِ تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي؟ تون ڇا ڪندو آهين؟ تون ڪٿان آيو آهين؟ تنهنجو ملڪ ڪهڙو آهي؟ تون ڪهڙيءَ قوم مان آهين؟“
9
يونس کين وراڻيو تہ ”آءٌ عبراني آهيان ۽ خداوند عرش عظيم جي خدا جي بندگي ڪندو آهيان، جنهن سمنڊ ۽ زمين پيدا ڪئي آهي.“
10
يونس کين وڌيڪ ٻڌايو تہ ”آءٌ خداوند کان ڀڄي نڪتو آهيان.“ تڏهن اهي ماڻهو ڏاڍا ڊنا ۽ چيائونس تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟“
11
جيئن تہ سمنڊ تي طوفان زور وٺندو ٿي ويو تنهنڪري هنن پڇيس تہ ”اسين تو سان ڇا ڪريون جو سمنڊ اسان لاءِ ماٺو ٿئي؟“
12
يونس کين چيو تہ ”مون کي کڻي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪريو تہ سمنڊ اوهان لاءِ ماٺو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ مون کي يقين آهي تہ منهنجي ئي ڪري هي وڏو طوفان اوهان تي آيو آهي.“
13
انهيءَ هوندي بہ سامونڊي جهاز وارن ڳن موڙي زمين ڏانهن موٽڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پهچي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ طوفان زور وٺندو ٿي ويو.
14
تڏهن هنن خداوند کي ٻاڏائي چيو تہ ”اي خداوند! اسين تو کي منٿ ٿا ڪريون تہ هن شخص جي جان جي بدلي ۾ اسان کي نہ مار. هن خون جو اسان کي ڏوهي قرار نہ ڏي، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند! جيئن تو کي وڻيو تيئن تو ڪيو آهي.“
15
تنهن کان پوءِ هنن يونس کي کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو، تہ سمنڊ جو زور شور بس ٿي ويو.
16
اهو ڏسي جهاز وارن کي خداوند جو ڏاڍو ڊپ ٿيو. هنن خداوند آڏو جانور قربان ڪيو ۽ نذرانا ڏيڻ جو واعدو ڪيو.
17
خداوند هڪڙي وڏي مڇيءَ کي مقرر ڪيو، جيڪا يونس کي ڳهي ويئي. يونس ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون انهيءَ مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4