bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jonah 2
Jonah 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 3 →
1
تڏهن يونس مڇيءَ جي پيٽ ۾ ئي خداوند پنهنجي خدا کان هيءَ دعا گھري تہ
2
”اي خداوند! مون مصيبت ۾ تو کان دُعا گھري آهي، تو منهنجي دعا ٻڌي مون کي ورندي بہ ڏني آهي. مون دوزخ جي پيٽ منجھان فرياد ڪيو آهي، تڏهن بہ تو منهنجي اها دانهن ٻڌي آهي.
3
تو مون کي اونهي سمنڊ منجھہ اڇلائي ڇڏيو هو، سمنڊ جا سيلاب مون کي ڪُنَ ۾ گهِلي ويا. اي خدا! تنهنجيون سڀ ڇوليون ۽ موجون مون مٿان گذريون.
4
اهو سڀ ڏسي مون پنهنجيءَ دل ۾ هي خيال ڪيو تہ ’شايد آءٌ تنهنجي اکين کان پري لوڌيو ويو آهيان،‘ پر تڏهن بہ اي خدا! آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل کي هاڻي ڏسي سگھندس.
5
پاڻيءَ مون کي دڙڪا ڏيئي غرق ڪيو، چوڌاري اونهي سمنڊ مون کي گھيري رکيو، سمنڊ جا ڪک ڪانا منهنجي مٿي کي ويڙهجي ويا.
6
آءٌ سمنڊ ۾ جبلن جي ترن تائين غرق ٿي ويس، ڌرتيءَ جا تالا مون مٿان هميشہ لاءِ بند ٿي ويا. تڏهن بہ اي خداوند منهنجا خدا! تو منهنجي ٻڌي، ۽ منهنجيءَ جان کي پاتال مان ڪڍي ٻاهر آندو.
7
جڏهن منهنجو ساهُہ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون تو خداوند کي ياد ڪيو، منهنجي دُعا تنهنجي مقدس هيڪل ۾ تو تائين پهتي.
8
جيڪي ماڻهو ڪُوڙن ديوتائن کي ٿا مڃن، سي تنهنجي فضل کان محروم ٿي وڃن ٿا.
9
پر آءٌ تنهنجي اڳيان شڪراني سان قرباني ڪندس، جيڪا باس مون باسي آهي سا ضرور پوري ڪندس. اي خداوند! آءٌ مڃان ٿو تہ تون ئي ڇڏائڻ وارو آهين.“
10
پوءِ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو، جنهن اُلٽي ڪري يونس کي سُڪيءَ زمين تي اڇلائي ڪڍيو.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4