bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ruth 1
Ruth 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 2 →
1
جنهن زماني ۾ رهبر بني اسرائيل تي راڄ ڪندا هئا، تنهن زماني جي ڳالهہ آهي تہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو. سو يهوداہ واري علائقي جي شهر بيتلحم مان هڪڙو ماڻهو پنهنجيءَ زال ۽ ٻن پٽن سميت اهو وقت گذارڻ لاءِ موآب ملڪ ڏانهن روانو ٿيو.
2
انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو اِليملڪ هو ۽ سندس زال جو نالو نعوميہ ۽ پٽن جا نالا محلون ۽ ڪليون هئس. اهي يهوداہ جي شهر بيتلحم جي افراتي گھراڻي سان تعلق رکندا هئا. جڏهن اهي موآب جي ملڪ ۾ ٿي رهيا
3
تڏهن نعوميہ جو مڙس اِليملڪ وفات ڪري ويو ۽ هوءَ پنهنجي پٽن سميت اڪيلي وڃي بچي.
4
سندس ٻنهي پٽن موآبي ڇوڪرين سان شادي ڪئي، جن مان هڪڙيءَ جو نالو عرفہ ۽ ٻيءَ جو نالو رُوت هو. انهن اٽڪل ڏهہ سال اُتي گذاريا.
5
تڏهن اهي ٻئي ڀائر محلون ۽ ڪليون بہ وفات ڪري ويا. سو نعوميہ پنهنجي مڙس ۽ ٻنهي پٽڙن کان بغير اڪيلي رهجي ويئي.
6
ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ جڏهن نعوميہ موآب ملڪ ۾ ٻڌو تہ خداوند سندس قوم کي سٺو فصل ڏيئي کين برڪت عطا ڪئي آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي ٻنهي ننهن سميت موٽي اوڏانهن رواني ٿي.
7
سو هوءَ پنهنجين ننهن کي ساڻ ڪري رهڻ واري جاءِ کان نڪري يهوداہ جي ملڪ ڏانهن موٽي وڃڻ لاءِ پنڌ پيئي. پر رستي ۾
8
هن ٻنهي ننهن کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پنهنجي سڳين مائرن وٽ موٽي وڃو. شل خداوند اوهان سان بہ اهڙي ئي مهرباني ڪري، جهڙي اوهان پنهنجي مري ويل مڙسن ۽ مون سان ڪئي آهي.
9
خداوند شل ائين ڪري جو اوهان ٻنهي جي وري شادي ٿئي ۽ اوهين پنهنجي پنهنجي مڙس جي گھر وڃي سکيون ٿيو.“ پوءِ نعوميہ موڪلائڻ لاءِ ساڻن ڀاڪر پائڻ لڳي. پر هنن وڏي آواز سان روئڻ شروع ڪري ڏنو
10
۽ ٻيئي کيس چوڻ لڳيون تہ ”نہ، اسين تو سان گڏ موٽي تنهنجيءَ قوم ۾ هلنديونسين.“
11
پر نعوميہ کين چيو تہ ”اي ڌيئرون، موٽي وڃو. مون سان گڏ هلڻ ڇو ٿيون گھرو؟ ڇا اوهين سمجھو ٿيون تہ آءٌ ڪي ٻيا پٽ ڄڻينديس، جيڪي اوهان سان پرڻبا؟
12
منهنجيون ڌيئرون موٽي وڃو، آءٌ پوڙهي ٿي ويئي آهيان ۽ ٻئي مڙس ڪرڻ جهڙي ناهيان. جيڪڏهن اڃا بہ آسرو هجي ها تہ اڄ رات ئي کڻي شادي ڪريان ها ۽ پٽ ڄڻيان ها،
13
تہ پوءِ ڇا اوهين انهن جي وڏي ٿيڻ تائين ترسنديون؟ ڇا اوهين ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪنديون؟ نہ منهنجيون ڌيئرون، نہ. اها حالت اوهان کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ڏکوئيندڙ آهي، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قدرت جو هٿ منهنجي خلاف کنيو آهي.“
14
تنهن تي هو وري بہ رڙيون ڪري روئڻ لڳيون. پوءِ عرفہ پنهنجيءَ سس کان ڀاڪر پائي موڪلايو، پر رُوت پنهنجيءَ سس کي چنبڙي پيئي.
15
نعوميہ چيس تہ ”ڏس، تنهنجي ڏيرياڻي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي مذهب ڏانهن موٽي وڃي ٿي. تون بہ ساڻس موٽي وڃ.“
16
پر رُوت وراڻيو تہ ”مون کي ائين نہ چئُہ تہ آءٌ تو کي ڇڏي وڃان، مون کي پاڻ سان گڏ هلڻ کان نہ موٽاءِ. جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ وينديس، جتي تون رهندينءَ آءٌ بہ اتي ئي رهنديس. جيڪا قوم تنهنجي آهي سا منهنجي بہ ٿيندي، جيڪو خدا تنهنجو آهي سو ئي منهنجو بہ ٿيندو.
17
جتي تون مرندينءَ آءٌ بہ اتي ئي مرنديس، جتي تون دفن ٿيندينءَ آءٌ بہ اتي ئي دفن ٿينديس. جيڪڏهن موت کان سواءِ آءٌ تو کان جدا ٿيان، تہ خداوند مون کي ان جي سزا ڏئي بلڪ ان کان بہ وڌيڪ.“
18
جڏهن نعوميہ رُوت جو ساڻس گڏ هلڻ جو پڪو ارادو ڏٺو، تڏهن کڻي ماٺ ڪيائين.
19
پوءِ ٻيئي ڄڻيون وري هليون ۽ بيتلحم ۾ اچي پهتيون. انهن جي پهچڻ تي سڄو شهر حيرت ۾ پئجي ويو ۽ عورتن کان رڙيون نڪري ويون تہ ”ڇا سچ پچ اها نعوميہ آهي؟“
20
هن کين چيو تہ ”مون کي نعوميہ نہ سڏيو، بلڪ مون کي مارہ سڏيو، ڇاڪاڻ تہ قادرِمطلق منهنجي زندگي ڏکي ڪري ڇڏي آهي.
21
آءٌ ڀريل ٻاهر ويئي هئس پر خداوند مون کي خالي هٿين موٽائي آندو آهي. جڏهن خداوند قادرِمطلق منهنجي خلاف ٿيو آهي ۽ مون تي مصيبت آندي اٿس تہ پوءِ مون کي نعوميہ ڇو ٿيون سڏيو؟“
22
اهڙيءَ طرح نعوميہ پنهنجي موآبي ننهن رُوت سان گڏ موآب کان بيتلحم ۾ موٽي آئي. انهن ڏينهن ۾ جوَن جي فصل جي لاباري جي شروعات هئي.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4