bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Titus 1
Titus 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 2 →
1
هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جو ٻانهو ۽ عيسيٰ مسيح جو رسول آهيان. آءٌ انهيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آهيان تہ جيئن ايمان ۾ مضبوط رهڻ لاءِ خدا جي چونڊيلن جي رهنمائي ڪريان ۽ کين انهيءَ سچائيءَ جي پوريءَ طرح ڄاڻ ڏيان، جيڪا دينداريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.
2
انهيءَ ايمان رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين دائمي زندگي ملي آهي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن ازل کان ئي انهيءَ زندگيءَ جو واعدو ڪيو آهي.
3
هاڻ مناسب وقت تي هن پنهنجي انهيءَ پيغام کي تبليغ جي وسيلي ظاهر ڪيو. اها تبليغ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي حڪم سان مون پولس جي حوالي پڻ ڪئي ويئي.
4
هي خط آءٌ تو طيطس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو ايمان رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.
5
مون تو کي ڪريتي ٻيٽ ۾ انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو تہ تون باقي رهيل ڳالهين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي هدايت ڪئي هئي، تيئن هر شهر جي ڪليسيا ۾ اڳواڻ مقرر ڪرين.
6
هر اڳواڻ اهڙو هجي جنهن تي ڪو الزام نہ هجي ۽ هو پنهنجيءَ زال سان وفادار هجي. هن جي ٻارن جي هلت چلت ايمان وارن جي لائق هجي ۽ بدچاليءَ ۽ گستاخيءَ جي تهمت کان پاڪ هجن.
7
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ نگهبان کي جيئن تہ ڪليسيا ۾ خدا جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي.
8
اٽلندو هو مهماننواز، نيڪيءَ سان پيار رکندڙ، سمجھُو، انصاف پسند، پاڪيزہ ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ هجي.
9
هن لاءِ لازمي آهي تہ جيڪو ڀروسي وارو پيغام سيکاريو وڃي ٿو تنهن تي قائم رهي، تہ جيئن هو صحيح تعليم سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ۽ مخالفن جو وات بہ بند ڪري سگھي.
10
انهيءَ جو سبب هي آهي جو گھڻا ئي ماڻهو، خاص ڪري اهي جيڪي طهر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڀرين، سي فسادي، اجائي بڪ بڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آهن.
11
انهن جو وات بند ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ماڻهو لالچ جي خاطر اهڙيون ڳالهيون سيکاري گھرن جا گھر بگاڙي ٿا ڇڏين، جيڪي کين نہ سيکارڻ گھرجن.
12
ڪريتين جي ڏاهن مان هڪڙي تہ ايتري تائين بہ چيو آهي تہ ”ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، وحشي جانور ۽ نڪما پيٽو هوندا آهن.“
13
سندس اها شاهدي سچي آهي، تنهنڪري انهن کي سختيءَ سان تنبيهہ ڪندو ڪر، تہ جيئن سندن ايمان درست ٿي وڃي
14
۽ اهي يهودين جي هٿرادو ڪهاڻين يا انهن ماڻهن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين جيڪي سچ کان منهن ٿا موڙين.
15
پاڪ ماڻهن لاءِ سڀ شيون پاڪ آهن، پر جيڪي پليت ۽ ايمان نہ آڻيندڙ آهن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پاڪ ناهي. حقيقت ۾ انهن جو ذهن توڙي ضمير ٻئي پليت آهن.
16
اهي خدا کي ڄاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن عمل انهيءَ جي ابتڙ آهن. اهي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنهن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آهن.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
Recommended Reading
Commentary
Titus Commentaries
→
Devotional
Titus Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→