bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Titus 2
Titus 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 3 →
1
پر تون اهي ڳالهيون بيان ڪندو رهہ، جيڪي صحيح تعليم موجب آهن.
2
پوڙهن مردن کي سمجھاءِ تہ اهي مانائتي ڪردار وارا، سمجھُو ۽ پرهيزگار رهن ۽ پوري ايمان، محبت ۽ ثابت قدميءَ سان زندگي گذارين.
3
ساڳيءَ طرح پوڙهين عورتن کي سمجھاءِ تہ انهن جي هلت چلت خداپرستيءَ واري هجي ۽ هو گلا ڪندڙ يا نشي جون عادي نہ هجن. اهي چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن،
4
تہ جيئن جوان عورتن کي اها سمجھہ ڏيئي سگھن تہ اهي پنهنجن مڙسن ۽ ٻارن سان پيار ڪن،
5
سمجھُو ۽ پاڪدامن هجن، گھر سنڀاليندڙ، مهربان ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ جيئن خدا جي پيغام جي بدنامي نہ ٿئي.
6
ساڳيءَ طرح جوان مردن کي نصيحت ڪر تہ اهي هر لحاظ کان سمجھدار زندگي گذارين.
7
تون پاڻ سڀني ڳالهين ۾ چڱا ڪم ڪري انهن لاءِ نمونو بڻجي ڏيکار. تنهنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاهر ٿئي.
8
اهڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.
9
غلامن کي نصيحت ڪر تہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن مالڪن جي تابع رهن، انهن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن، کين آڏا جواب نہ ڏين
10
۽ نہ ئي سندن چوري چڪاري ڪن. اٽلندو اهي هر طرح سان چڱا ۽ ايماندار ٿي پيش اچن، انهيءَ لاءِ تہ اهي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي تعليم کي هر طرح سان سينگاري سگھن.
11
اهڙي هلت چلت ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو اهو فضل جيڪو سڀني ماڻهن جي ڇوٽڪاري جو سبب آهي، سو ظاهر ٿي چڪو آهي.
12
اهو فضل اسان کي هيءَ تربيت ٿو ڏئي تہ دنياوي خواهشن ۽ بيدينيءَ کي ڇڏي اسين هن آخري زماني ۾ پرهيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.
13
ان سان گڏ اسين انهيءَ برڪت ڀري اميد، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو اسان جو عظيم خدا ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.
14
هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.
15
سو اهي ڳالهيون آهن جيڪي تو کي سيکارڻيون آهن. پوري اختياريءَ سان ماڻهن کي نصيحت ڪر ۽ کين ڇينڀ. ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تو کي خسيس سمجھي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3