bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Acts 14
Acts 14
Sindhi Bible
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 15 →
1
۽ اڪونيم ۾ هيئن ٿيو جو هو گڏجي يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا، ۽ اهڙي تقرير ڪيائون جو يهودين توڙي يونانين جي هڪڙي وڏي جماعت ايمان آندو.
2
پر جيڪي يهودي نافرمان هئا، تن غير قومن جي دلين کي چوري، ڀائرن جي برخلاف بدگمان ڪيو.
3
تنهنڪري هو ڳچ ڏينهن تائين اُتي ترسي پيا، ۽ اُنهي خداوند جي ڀروسي تي همت سان ڳالهائيندا رهيا، جو سندن هٿان نشان ۽ ڪرامتون ڏيکاري، پنهنجي فضل جي ڪلام جي شاهدي ڏيندو رهيو.
4
پر شهر جي ماڻهن ۾ اچي ڦوٽ پيئي؛ ۽ ڪي يهودين جي طرف ٿيا ۽ ڪي رسولن جي.
5
۽ جڏهن غير قومون ۽ يهودي، پنهنجي سردارن سان گڏ هنن کي بي آبرو ۽ سنگسار ڪرڻ جي لاءِ مٿن ڪاهي آيا،
6
تڏهن کين هن ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي، ۽ هو لڪائونيہ جي شهرن، لسترہ ۽ دربي ۽ اُنهي جي آسپاس واري ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا.
7
۽ اُتي خوشخبري ٻُڌائيندا رهيا.
8
۽ لسترہ ۾ هڪڙو ماڻهو ويٺو هوندو هو، جو پيرن کان جڏو ۽ ڄائي ڄم کان منڊو هو، ۽ ڪڏهن بہ پنڌ نہ ڪيو هئائين.
9
تنهن پولس کي ڳالهائيندو ٻُڌو: ۽ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ سهي ڪيائين تہ کيس اهڙو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگهندو؛
10
سو زور سان چيائينس تہ پيرن ڀر سنئون ٿي بيهہ: ۽ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو، ۽ هلڻ لڳو.
11
۽ پولس جيڪي ڪيو هو، سو جڏهن ماڻهن ڏٺو، تڏهن وڏي واڪي لڪايونيہ جي ٻوليءَ ۾ چوڻ لڳا، تہ ديوتا انسان جي صورت ۾ لهي اسان وٽ آيا آهن.
12
۽ هنن برناباس جي نالي چيو تہ هيءُ زيوس آهي، ۽ پولس جي نالي چيو تہ هي هرميس آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو مکيہ ڳالهائڻ وارو هو.
13
۽ زيوس، جنهن جو مندر شهر جي سامهون هو، تنهن جو پوڄاري، ڏاند ۽ گلن جا هار کڻي دروازن تي آيو، ۽ ماڻهن سان گڏجي قرباني چاڙهڻ تي هو.
14
پر جڏهن رسولن، يعني برناباس ۽ پولس اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻهن جي وچ ۾ پيا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ
15
اي صاحبو، اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جا هم جنس انسان آهيون، ۽ اوهان کي خوشخبري ٿا ٻُڌايون، تہ اوهين هنن ڪوڙين شين کان پاسو ڪري، انهي جيئري خدا ڏانهن ڦري اچو، جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ، ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو آهي:
16
جنهن گذريل زماني ۾ سڀني قومن کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ ڏنو،
17
تنهن هوندي بہ هو هنن ڳالهين جي ڪري پنهنجي بابت شاهدي ڏيندو رهيو، جو هن ڀلايون ڪيون، ۽ آسمان مان اوهان لاءِ مينهن وسايائين، ۽ ڀلا فصل بخشيائين، ۽ اوهان جي دلين کي کاڌي ۽ خوشيءَ سان ڀري ڇڏيائين.
18
۽ اهي ڳالهيون ڪري، مَسين مَسين ماڻهن کي روڪيائون تہ سندن لاءِ قرباني نہ چاڙهين.
19
پر ڪي يهودي انتاڪيہ ۽ اڪونيم مان اتي آيا، ۽ ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪري پولس کي سنگسار ڪيائون؛ ۽ ڀانيائون تہ هو مري ويو آهي، سو گهلي شهر کان ٻاهر ڇڏي آيس.
20
پر اڃا شاگرد سندس آسپاس بيٺا هئا، تہ هو اُٿي بيٺو، ۽ شهر ۾ آيو؛ ۽ ٻئي ڏينهن برناباس سان گڏجي دربي ڏانهن ويو.
21
۽ جڏهن هو انهي شهر ۾ خوشخبري ٻُڌائي رهيا، ۽ گهڻا شاگرد ڪيائون، تڏهن موٽي لسترہ، ۽ اڪونيم، ۽ انتاڪيہ ۾ آيا.
22
۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.
23
۽ جڏهن هرهڪ ڪليسيا ۾ سندن لاءِ بزرگ مقرر ڪري رهيا، ۽ هنن جي لاءِ روزا رکي دعا گهُري رهيا، تڏهن کين خدا، جنهن تي ايمان آندو هئائون، تنهن جي حوالي ڪيائون.
24
۽ پوءِ پسديہ مان لنگهي پمفوليہ ۾ آيا.
25
۽ جڏهن پرگا ۾ ڪلام ٻُڌائي رهيا، تڏهن اطاليہ ڏانهن هليا ويا؛
26
۽ اُتان جهاز تي چڙهي انتاڪيہ ڏانهن روانا ٿيا، جتي کين انهي ڪم جي لاءِ، جو هنن هاڻ پورو ڪيو هو، خدا جي فضل لاءِ سونپيو هئائون.
27
۽ اُتي اچي جڏهن ڪليسيا کي گڏ ڪيائون، تڏهن جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو ۽ ڪهڙيءَ طرح غير قومن جي لاءِ ايمان جو در کوليو هئائين، سو سڀ بيان ڪري ٻُڌايائون.
28
۽ هو شاگردن وٽ ڳچ وقت ٽڪي پيا.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28