bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Acts 6
Acts 6
Sindhi Bible
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 7 →
1
هاڻي انهن ڏينهن ۾، جڏهن شاگردن جو شمار وڌندو ويو، تڏهن يونان جا يهودي عبرانين جي شڪايت ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو روزمرہ جي کاڌي جي ورڇ وقت، سندن بيوهہ زالن جي پوري پوئواري ڪانہ ٿيندي هئي.
2
تنهن تي انهن ٻارهن رسولن شاگردن جي جماعت کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اها ڳالهہ واجب ناهي تہ اسين خدا جي ڪلام کي ڇڏي کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪريون.
3
تنهنڪري اي ڀائرو، اوهين پاڻ مان ست ڄڻا معتبر چونڊي ڪڍو، جي پاڪ روح ۽ دانائيءَ سان ڀرپور هجن، جن کي انهي ڪم تي مقرر ڪريون.
4
پر اسين دعا ۽ ڪلام جي خدمت ۾ مشغول رهنداسين.
5
اها ڳالهہ ساريءَ جماعت کي پسند آئي، ۽ هنن استيفنس نالي شخص، جو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀرپور هو، ۽ فلپس، ۽ پرخرس، ۽ نيڪانور، ۽ تيمون، ۽ پرمناس، ۽ نيڪلاس جو انتاڪيہ جو نو مريد هو، تن کي چونڊي ڪڍيو:
6
۽ کين رسولن جي اڳيان آڻي بيهاريائون: جن دعا گهُري مٿن هٿ رکيا.
7
۽ خداوند جو ڪلام پکڙندو ويو، ۽ شاگردن جو شمار يروشلم ۾ تمام گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ ڪاهنن جي وڏي جماعت ايمان جي تابع ٿي.
8
۽ استيفنس فضل ۽ قوت سان ڀرجي ماڻهن ۾ وڏا وڏا عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڪندو هو.
9
پر جو عبادتخانو لبرتينن جو سڏبو هو، تنهن مان، ۽ ڪرين، ۽ سڪندرين مان، ۽ جي ڪلڪيہ ۽ آسيا جا هئا، تن مان ڪي اُٿي کڙا ٿيا ۽ استيفنس سان بحث ڪرڻ لڳا.
10
۽ جنهن دانائيءَ ۽ روح سان هو ڳالهائيندو هو، تنهن جو مقابلو هو ڪري ڪين سگهندا هئا.
11
تنهن تي هنن ڪن ماڻهن کي سيکاريو، تہ چئو، تہ اسان هن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالهيون ڪندو ٻُڌو آهي.
12
سو خلق کي، ۽ بزرگن ۽ فقيهن کي وٺي چوريائون، ۽ مٿس ڪاهي آيا ۽ جهلي صدر مجلس ۾ وٺي ويا؛
13
۽ ڪوڙا شاهد کڙا ڪيائون، جن چيو تہ هي ماڻهو هن پاڪ جاءِ ۽ شريعت جي برخلاف ڳالهائڻ کان بس ئي نٿو ڪري:
14
ڇوتہ اسان هن کي هيئن چوندو ٻُڌو آهي، تہ اِهو يسوع ناصري هن جاءِ کي برباد ڪندو، ۽ جيڪي رسمون موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي، تن کي بدلائي ڇڏيندو.
15
۽ جيڪي مجلس ۾ ويٺا هئا، تن سڀني هن ڏانهن چتائي نهاريو، ۽ هن جو منهن کين ملائڪ جي منهن جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28