bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Amos 1
Amos 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 2 →
1
تقوع جي ڌنارن مان، عاموس جون ڳالهيون، جي اسرائيل بابت يهوداہ جي بادشاهہ عزياہ جي ڏينهن ۾، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ زلزلي کان ٻہ ورهيہ اڳي هن تي نازل ٿيون.
2
۽ هن چيو تہ خداوند صيون مان گجندو، ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ريڍارن جا چراگاهہ ماتم ڪندا، ۽ ڪرمل جي چوٽي ڪومائجي ويندي.
3
خداوند ٿو فرمائي تہ دمشق جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد کي لوهہ جي ڳاهڻ وارن اوزارن سان ڳاهيو آهي:
4
پر آءٌ حزائيل جي گهراڻي ۾ باهہ موڪليندس ۽ اها بن هدد جا محلات ساڙي ڇڏيندي.
5
۽ آءٌ دمشق جا گز ڀڃي ڇڏيندس، ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن کي آون جي واديءَ مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ جيڪو شاهي چوب جهليو ويٺو آهي تنهن کي عدن جي گهر مان وڍي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ ارام جا ماڻهو قيد ٿي قير تائين ويندا.
6
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ غزہ جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هو سڄي قوم کي قيد ڪري وٺي ويا، تہ انهن کي ادوم جي حوالي ڪن:
7
پر آءٌ غزہ جي ڀت تي باهہ موڪليندس، ۽ اها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي.
8
۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن کي اشدود مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ جيڪو شاهي چوب جهليو ويٺو آهي تنهن کي اسقلون مان؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ عقرون جي برخلاف ڦيرائيندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ فلستين جا باقي بچيل ماڻهو چٽ ٿي ويندا.
9
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ صور جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن سڄي قوم قيد ڪري ادوم جي حوالي ڪئي، ۽ برادريءَ وارو عهد اقرار ياد نہ ڪيائين.
10
پر آءٌ صور جي ڀت تي باهہ موڪليندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي.
11
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ادوم جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هو ترار سان پنهنجي ڀاءُ جي پٺيان پيو، ۽ رحم کي اُڇلائي ڇڏيائين: ۽ سندن ڪاوڙ هميشہ پئي ڦاڙيو، ۽ هن پنهنجو غصو هميشہ لاءِ رکي ڇڏيو:
12
پر آءٌ تيمان تي باهہ موڪليندس ۽ اُها بصرا جا محلات ساڙي ڇڏيندي.
13
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ بني عمون جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد جي ڍڪيل زالن جا پيٽ ڦاڙيا آهن، تہ هو پنهنجي سرحد وڌائين:
14
پر آءٌ ربہ جي ڀت تي باهہ ٻاريندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي؛ جنگ جي ڏينهن رڙين سان، ۽ حرارت جي ڏينهن طوفان سان،
15
هنن جو بادشاهہ پنهنجي اميرن سوڌو قيد ٿي ويندو، خداوند ائين ٿو فرمائي.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9