bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Amos 4
Amos 4
Sindhi Bible
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 5 →
1
بسن جون ڍڳيون، جي سامريہ جي جبلن ۾ آهن، جي غريبن کي ستائين ٿيون ۽ مسڪينن کي چٿين ٿيون، ۽ پنهنجن مڙسن کي ٿيون چون تہ کڻي اچو تہ پيون، اوهين اهو ڪلام ٻڌو.
2
خداوند خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي، تہ ڏس، اُهي ڏينهن اوهان تي ايندا تہ هو اوهان کي ڪُنڍن سان ڦاسائي ويندا، ۽ جيڪي اوهان مان باقي بچنديون، تن کي مڇين مارڻ وارين ڪُنڍين سان پڪڙيندا.
3
۽ اوهين ڀت جي ڦاٽن مان ٻاهر نڪري وينديون، هرڪا سنئين پنهنجي اڳيان ويندي، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ، اوهين هارمون ۾ اُڇلايون وينديون.
4
بيت ايل ۾ اچو ۽ گناهہ ڪريو، جلجال ۾ اچو ۽ گناهہ وڌايو، هر صبح پنهنجون قربانيون چاڙهيو، ۽ هر ٽئين ڏينهن پنهنجون ڏهاڪيون آڻيندا رهو.
5
۽ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني خمير سان ادا ڪريو، ۽ خوشي جون قربانيون پڌريون ڪريو، ۽ انهن جو اشتهار ڪريو، ڇالاءِ جو اي بني اسرائيل، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو اوهان کي پسند آهي.
6
پر مون اوهان کي اوهانجن سڀني شهرن ۾ ڏندن جي صفائي ڏني آهي، ۽ اوهانجن سڀني مڪانن ۾ مانيءَ جي گهٽتائي، انهيءَ هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.
7
۽ جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تڏهن مون اوهان کان مينهن بہ روڪي ڇڏيو: ۽ مون هڪڙي شهر تي مينهن وسايو ۽ ٻئي شهر تي مينهن نہ وسايو: هڪڙي زمين جي ٽڪر تي مينهن پيو، ۽ جنهن ٽڪر تي مينهن نہ پيو سو سڙي سُڪي ويو.
8
انهي ڪري ٻہ يا ٽي شهر پاڻي پيئڻ لاءِ رلندا، هڪڙي شهر ۾ آيا، پوءِ بہ ڍءُ نہ ٿين: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.
9
مون اوهان کي جهوٽي ۽ رتيءَ سان ضربيو: اوهانجن گهڻن باغن، ۽ ڊاک جي منهن، ۽ اوهان جي انجير جي وڻن، ۽ زيتون جي وڻن کي ڪينئون کائي چٽ ڪري ويو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.
10
مون اوهان ۾ مري موڪلي آهي، جيئن ڪ مصر ۾ موڪلي هيم: اوهان جي جوانن کي مون ترار سان قتل ڪيو آهي ۽ اوهان جا گهوڙا قيد ڪرايا اٿم؛ ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ جي بدبوءِ اوهانجين ناسن تائين آندي اٿم: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.
11
مون اوهان مان ڪن کي اونڌو ڪري ڪيرايو آهي، جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عمورہ کي ڪيرايو، ۽ اوهين ٻرندڙ باهہ مان اُماڙي وانگي ڇڪي ڪڍيا ويا آهيو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.
12
تنهنڪري اي اسرائيل، آءٌ توسان ائين ڪندس؛ ۽ جڏهن توسان ائين ئي ڪرڻو اٿم، تڏهن اي اسرائيل، تون پنهنجي خدا سان گڏجڻ لاءِ تيار ٿيءُ.
13
ڇالاءِ جو ڏس، جيڪو جبل جوڙي ٿو، ۽ واءُ پيدا ڪري ٿو، ۽ ماڻهوءَ کي سندس دل جي ڳالهہ ٻڌائي ٿو، جو صبح کي ڦيرائي اونداهي ڪري ٿو، ۽ زمين جي مٿانهين جاين تي هلي ٿو؛ خداوند، لشڪرن جو خدا انهي جو نالو آهي.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9