bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Daniel 1
Daniel 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 2 →
1
يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي بادشاهت جي ٽئين سال ۾، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم ۾ آيو، ۽ انهي کي گهيرو ڪيائين.
2
۽ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم کي ۽ ساڻس گڏ ڪي خداوند جي گهر جا ٿانوَ بہ هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا؛ ۽ اُهي هو کڻي سنعار جي ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي گهر ۾ ويو: ۽ اُهي ٿانوَ هن پنهنجي معبود جي گهر ۾ آڻي رکيا.
3
۽ بادشاهہ پنهنجي ناظرن جي سردار اسپنز کي چيو، تہ بني اسرائيل جي شاهي نسل ۽ اميرن مان، ڪي ماڻهو وٺي آڻي حاضر ڪر؛
4
اهڙا جوان جن ۾ ڪو عيب نہ هجي، پر چڱي شڪل جا هجن، ۽ هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل، ۽ حڪمت سمجهندا هجن: ۽ اهڙا هجن جو بادشاهہ جي محلات ۾ بيهي سگهن؛ پوءِ انهن کي تون ڪسدين جي ٻولي ۽ علم سيکار.
5
۽ بادشاهہ انهن جي لاءِ پنهنجي شاهي خوراڪ مان، ۽ جيڪو شراب پاڻ پيئندو هو تنهن مان، ڪو حصو مقرر ڪيو، انهي لاءِ تہ ٽن ورهين تائين انهن کي پرورش ملي؛ ۽ انهيءَ عرصي جي پوري ٿيڻ تي هو اچي بادشاهہ جي حضور ۾ بيهن.
6
هاڻي انهن ۾ بني يهوداہ مان داني ايل، حننياہ، ميساايل ۽ عزرياہ هئا.
7
۽ ناظرن جي سردار انهن کي نوان نالا ڏنا؛ داني ايل کي هن بيلطشضر جو نالو ڏنو؛ ۽ حننياہ کي سدرڪ؛ ۽ ميساايل کي ميسڪ؛ ۽ عزرياہ کي عبدنجو جو نالو ڏنو.
8
پر داني ايل پنهنجي دل ۾ اهو ارادو ڪيو تہ پاڻ کي شاهي خوراڪ سان ۽ شراب سان پليت نہ ڪري؛ تنهنڪري هن ناظرن جي سردار کي عرض ڪيو تہ هن کي موڪل ملي تہ هو پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.
9
هاڻي خدا داني ايل کي ناظرن جي سردار جي نظر ۾ مان وارو ۽ رحم جوڳو ڪيو.
10
۽ ناظرن جي سردار داني ايل کي چيو، تہ آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ کان ڊڄان ٿو، جو هن تنهنجو کاڌو پيتو مقرر ڪري ڇڏيو آهي: ۽ ڪهڙي سبب ڪري هو اوهان جا منهن اوهان جي هم عمر جوانن کان ڪريل ۽ بگڙيل ڏسي، جو ائين ڪرڻ سان اوهين منهنجو سر بادشاهہ جي اڳيان خطري ۾ وجهندا.
11
تڏهن داني ايل انهي خانسامان کي چيو، جنهن کي ناظرن جي سردار، داني ايل، حننياہ، ميساايل، ۽ عزرياہ تي مقرر ڪيو هو:
12
تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجن ٻانهن کي ڏهہ ڏينهن آزمائي ڏس؛ ۽ اسان کي کائڻ لاءِ ڀاڄي ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏي.
13
پوءِ تون اسان جون شڪليون انهن جوانن جي مقابلي ۾ ڏسج جي بادشاهہ جو طعام ٿا کائين؛ پوءِ جيئن توکي چڱو نظر ۾ اچي، تيئن پنهنجن ٻانهن سان ڪج.
14
تڏهن هن انهن جي اها ڳالهہ مڃي، ۽ ڏهن ڏينهن تائين انهن جي آزمائش ورتائين.
15
۽ ڏهن ڏينهن جي پوري ٿيڻ تي هنن جون شڪليون وڌيڪ سهڻيون، ۽ بدن وڌيڪ ٿلها ڏسڻ ۾ آيا، بنسبت انهن جوانن جي، جن بادشاهہ جا طعام کاڌا هئا.
16
تڏهن خانسامان هنن جو کاڌو ۽ پيئڻ لاءِ شراب بند ڪيو، ۽ هنن کي ڀاڄي ڏيڻ لڳو.
17
هاڻي انهن چئن جوانن کي خدا هر قسم جو علم، ۽ حڪمت، ۽ واقفيت، ۽ قابليت ڏني؛ ۽ داني ايل کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجهہ هئي.
18
۽ جڏهن اُهي ڏينهن پورا ٿيا جي بادشاهہ هنن جي حاضر ٿيڻ لاءِ مقرر ڪيا هئا، تڏهن ناظرن جي سردار هنن کي نبوڪدنضر جي حضور ۾ آندو.
19
۽ بادشاهہ هنن سان گفتگو ڪئي، ۽ انهن سڀني ۾ بادشاهہ کي داني ايل، حننياہ، ميساايل ۽ عزرياہ جهڙو ٻيو ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. تنهنڪري هو بادشاهہ جي حضوريءَ ۾ رهڻ لڳا.
20
۽ عقل ۽ سمجهہ جي جيڪا ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي جيڪي جادوگر ۽ منڊ هڻندڙ سندس بادشاهت ۾ هئا، تن سڀني کان ڏهہ ڀيرا بهتر لڌو.
21
۽ داني ايل خورس بادشاهہ جي پهرين ورهيہ تائين جيئرو رهيو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12