bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Daniel 12
Daniel 12
Sindhi Bible
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
1
۽ انهي وقت اُهو وڏو سردار، جو تنهنجي قوم جي اولاد لاءِ قائم آهي، سو اُٿي بيهندو: ۽ اهڙو تڪليف جو وقت پيش ايندو جهڙو ڪنهن بہ قوم جي شروعات کان وٺي انهي وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو: ۽ انهي وقت تنهنجي قوم جو ڇوٽڪارو ٿيندو، يعني هرهڪ جو، جنهن جو نالو ڪتاب ۾ لکيل هوندو.
2
۽ جيڪي زمين جي مٽيءَ ۾ سُتل آهن، تن مان گهڻا وري جاڳندا، ۽ ڪن کي هميشہ جي حياتي ملندي، ۽ ڪي شرمندا ۽ هميشہ لاءِ خوار ٿيندا.
3
۽ جيڪي ڏاها هوندا سي آسمان جي روشنائيءَ وانگر چمڪندا، ۽ جيڪي گهڻن کي سچائيءَ ڏانهن ڦيري آڻين ٿا، سي تارن وانگر هميشہ تائين پيا چمڪندا،
4
پر اي داني ايل، تون پنهنجون ڳالهيون بند ڪر، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين پنهنجي ڪتاب تي مهر ڪر: گهڻا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا، ۽ علم زيادہ ٿيندو.
5
تڏهن مون داني ايل نهاريو ۽ ڏسان تہ ٻہ ٻيا بہ بيٺا آهن، هڪڙو هِن پاسي نديءَ جي ڪناري تي، ۽ ٻيو هُن پاسي نديءَ جي ڪناري تي.
6
۽ جيڪو ماڻهو ڪتاني پوشاڪ ڍڪيو نديءَ جي پاڻيءَ جي مٿان بيٺو هو، تنهن کي هڪڙي چيو تہ ڪيتري عرصي کان پوءِ هي عجيب غريب شيون پوريون ٿينديون.
7
۽ مون ٻڌو، ڇالاءِ جو انهي ڪتاني پوشاڪ واري ماڻهوءَ، جو نديءَ جي پاڻيءَ تي بيٺو هو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ ۽ ڏائو هٿ آسمان ڏي کڻي، ۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي تنهن جو قسم کڻي چيو، تہ اهو هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زماني تائين هلندو؛ ۽ جڏهن هو هن پاڪ قوم جو زور ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا، تڏهن هي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.
8
۽ مون ٻڌو، پر سمجهي نہ سگهيس: تڏهن مون چيو تہ اي منهنجا سائين، هنن ڳالهين جي پڇاڙي ڪيئن ٿيندي؟
9
۽ هن چيو تہ اي داني ايل، پنهنجي واٽ وٺي هليو وڃ: ڇالاءِ جو ڳالهيون بند ٿي ويون آهن، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين انهن تي مهر لڳي ويئي آهي.
10
گهڻا پاڻ کي پاڪ ڪندا، ۽ پاڻ کي صاف ڪندا، ۽ سڌريل ٿيندا؛ پر شرير شرارت جا ڪم ڪندا؛ ۽ شريرن مان ڪوبہ نہ سمجهندو: پر جيڪي ڏاها هوندا، سي ئي سمجهندا.
11
۽ جنهن وقت کان مدامي سوختني قرباني کڄي ويندي، ۽ ويران ڪندڙ ڪراهت جهڙي شيءِ قائم ڪئي ويندي، تنهن کان وٺي هڪ هزار ٻہ سؤ ۽ نوي ڏينهن ٿيندا.
12
برڪت وارو آهي اُهو جو منتظر رهي ٿو، ۽ هڪ هزار ٽي سؤ پنجٽيهن ڏينهن تائين پهچي ٿو.
13
پر تون پنهنجي واٽ وٺيو هليو وڃ، جيستائين پڇاڙي ٿئي: ڇالاءِ جو تون آرام ڪندين، ۽ انهن ڏينهن جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي ميراث ۾ بيهندين.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12