bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Esther 3
Esther 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 4 →
1
انهن ڳالهين کانپوءِ بادشاهہ اخسويرس، هامان بن همداتا اجاجيءَ کي درجي ۾ وڌايو ۽ چاڙهي مٿي ڪيائينس، ۽ جيڪي امير وٽس هوندا هئا، تن سڀني کان هن جي جاءِ مٿي ڪيائين.
2
۽ بادشاهہ جا سڀ ملازم جي بادشاهہ جي دروازي تي هوندا هئا، سي هامان جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي سلام ڪندا هئا ۽ تعظيم ڏيندا هئس، ڇالاءِ جو اهو بادشاهہ جو حڪم هو، پر مردڪئي نڪو ڪنڌ جهڪايو، نڪا هن کي تعظيم ڏنائين.
3
تڏهن بادشاهہ جا ملازم، جي بادشاهہ جي دروازي تي هوندا هئا، تن مردڪئيءَ کي چيو تہ ڇو تون بادشاهہ جي حڪم کان ٻاهر ٿو وڃين؟
4
هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن هن کي ڏهاڙي ائين چيو، ۽ هن انهن جي ڳالهہ نہ ٻڌي، تڏهن هنن هامان کي ٻڌايو، انهيءَ لاءِ تہ ڏسن تہ مردڪئي جي ڳالهہ بيهي ٿي يا نہ: ڇالاءِ جو هن چيو هون تہ آءٌ يهودي آهيان.
5
۽ جڏهن هامان ڏٺو تہ مردڪئي سندس اڳيان نہ جهڪيو ۽ نہ کيس تعظيم ڏنائين، تڏهن هامان ڏاڍو ڪاوڙيو.
6
پر رڳو مردڪئي سان دست درازي ڪرڻ هن حقارت جهڙي ڳالهہ ٿي ڄاتي؛ ڇالاءِ جو هنن ٻڌايو هوس تہ مردڪئي جي قوم ڪهڙي آهي: تنهنڪري هامان جي مرضي هئي تہ جيڪي بہ يهودي اخسويرس جي سڄيءَ بادشاهت ۾ آهن تن سڀني کي، يعني مردڪئي جي قوم کي، ناس ڪري.
7
بادشاهہ اخسويرس جي بادشاهت جي ٻارهين سال جي پهرين مهيني ۾، جو نيسان جو مهينو آهي، هنن هامان جي روبرو پور يعني ڪُڻو وڌو، ۽ اُهو روز بروز، ۽ ماهہ بماهہ، ٻارهين مهيني تائين، جو ادار جو مهينو آهي، وجهندا رهيا.
8
۽ هامان بادشاهہ اخسويرس کي چيو تہ هڪڙي قوم آهي، جا بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ ۽ ٻين قومن ۾، گڏيل ۽ پري پري پکڙيل آهي؛ ۽ انهن جا قاعدا ٻين سڀني قومن جي قاعدن کان علحدا آهن؛ هو بادشاهہ جي قاعدن تي نٿا هلن: تنهنڪري انهن کي ائين ڇڏي ڏيڻ مان بادشاهہ کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.
9
جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ انهن کي ناس ڪري ڇڏجي: ۽ آءٌ چانديءَ جا ڏهہ قنطار انهن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جي بادشاهہ جو ڪم ڪار ٿا ڪن، تہ اُهي بادشاهہ جي خزانن ۾ پهچائي ڏين.
10
تڏهن بادشاهہ پنهنجي هٿ مان منڊي لاهي يهودين جي دشمن هامان بن همداتا اجاجيءَ کي ڏني.
11
۽ بادشاهہ هامان کي چيو تہ اها چاندي بہ توکي ڏني ٿي وڃي ۽ اُهي ماڻهو بہ، جيئن توکي وڻي تيئن انهن سان ڪر.
12
تڏهن پهرين مهيني جي تيرهين تاريخ بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا، ۽ جيئن هامان حڪم ڏنو تيئن بادشاهہ جي نائبن ۽ سڀني پرڳڻن جي والين ۽ سڀني قومن جي سردارن ڏانهن لکيو ويو؛ سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن اُن جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن ان جي ٻوليءَ ۾؛ اُهو بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو ويو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي منڊيءَ سان مهر ڪئي ويئي.
13
۽ ٽپال جي رستي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ڏانهن بہ لکيو ويو، تہ سڀني يهودين، ننڍن وڏن، ننڍن ٻارن توڙي زالن کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾، يعني ٻارهون مهينو، جو ادار جو مهينو آهي، تنهن جي تيرهين تاريخ، ناس ڪري، ڪُهي، چٽ ڪرائي ڇڏين، ۽ انهن جو مال ملڪيت پنهنجي لاءِ کڻن.
14
انهيءَ حڪم جو نقل، تہ اهو پروانو هرهڪ پرڳڻي ۾ ڏنو وڃي، سو سڀني قومن ۾ پڌرو ڪرايو ويو، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ ٺهرايل ڏينهن لاءِ تيار رهن.
15
بادشاهہ جي حڪم موجب ٽپالي سعيي سان روانا ٿيا، ۽ اهو حڪم سوسن جي محلات ۾ بہ پڌرو ڪيو ويو: ۽ بادشاهہ ۽ هامان گڏجي شراب پيئڻ ويٺا؛ پر سوسن جو شهر حيران ٿي ويو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10