bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Esther 8
Esther 8
Sindhi Bible
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 9 →
1
انهيءَ ڏينهن بادشاهہ اخسويرس، يهودين جي دشمن هامان جو گهر راڻي آستر کي ڏيئي ڇڏيو. ۽ مردڪئي بادشاهہ جي حضور ۾ آيو؛ ڇالاءِ جو آستر ٻڌايو هوس تہ هو سندس ڇا ٿئي.
2
۽ بادشاهہ پنهنجي مُنڊي، جيڪا هامان کان ورتي هئائين، سا لاهي مردڪئي کي ڏني. ۽ آستر مردڪئي کي هامان جي گهر تي رکيو.
3
۽ آستر وري بہ بادشاهہ جي اڳيان، سندس پيرن تي ڪِري، ڳوڙها ڳاڙي عرض ڪيو تہ هامان اجاجي جيڪا شرارت ڪئي هئي، ۽ جيڪا رٿ هن يهودين جي برخلاف ڪئي هئي، سا بادشاهہ برطرف ڪري.
4
تڏهن بادشاهہ سوني لٺ آستر ڏانهن جهلي. تنهن تي آستر اُٿي بادشاهہ جي اڳيان بيهي رهي.
5
۽ چوڻ لڳي تہ جي بادشاهہ راضي هجي، ۽ جي مون سندس نظر ۾ مانُ لڌو هجي، ۽ جي اها ڳالهہ بادشاهہ مناسب ڄاڻي، ۽ آءٌ سندس نظر ۾ پسند هجان، تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ جيڪي خط هامان بن همداتا اجاجيءَ تجويز ڪري لکيا هئا، تہ جيڪي يهودي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ۾ آهن، سي ناس ٿين، سي رد ڪيا وڃن:
6
ڇالاءِ جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي، سا ڀلا آءٌ ڪهڙيءَ طرح ڏسي سگهنديس؟ ۽ جيڪا تباهي منهنجي مٽن مائٽن تي ايندي، سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگهنديس؟
7
تڏهن بادشاهہ اخسويرس راڻي آستر ۽ مردڪئي يهوديءَ کي چيو تہ ڏس، مون هامان جو گهر آستر کي ڏنو آهي، ۽ انهيءَ کي هنن سوريءَ تي چاڙهيو آهي، ڇالاءِ جو هن يهودين تي زبردستي ڪئي.
8
اوهان کي جيئن وڻي تيئن اوهين بہ يهودين کي بادشاهہ جي نالي سان لکو، ۽ اُنهيءَ تي بادشاهہ جي مهر هڻو: ڇالاءِ جو جيڪو لکيو بادشاهہ جي نالي سان لکيو ويو آهي، ۽ جنهن تي بادشاهہ جي مُنڊيءَ جي مهر هنئي ويئي آهي، تنهن کي ڪوبہ ماڻهو رد ڪري نٿو سگهي.
9
تڏهن اُتي جو اُتي، ٽئين مهيني، يعني سيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ، بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا؛ ۽ جيڪو حڪم مردڪئي يهودين جي نالي، ۽ نائبن، ۽ هندوستان کان وٺي حبش تائين جيڪي ستاويهہ پرڳڻا هئا، تن جي لاوين، ۽ سردارن جي نالي ڪڍيو، سو سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن ان جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن اُن جي ٻوليءَ ۾، ۽ يهودين ڏانهن سندن اکرن ۽ سندن ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.
10
۽ هن بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي مُنڊيءَ سان مهر ڪيائين، ۽ پوءِ گهوڙي سوار ٽپالين جي هٿان خط موڪليائين، جي اُنهن تکن گهوڙن تي چڙهي ويا جي بادشاهہ جي خدمت ۾ ڪم ايندا هئا:
11
انهن خطن ۾ بيان هو تہ بادشاهہ سڀ ڪنهن شهر جي يهودين کي اجازت ڏني آهي تہ اچي گڏ ٿين، ۽ پنهنجي حياتيءَ لاءِ کڙا ٿين، ۽ پرڳڻي مان، ۽ ماڻهن مان جيڪي طاقت وارا شخص مٿن، ۽ سندن ننڍن ٻارن، ۽ زالن تي ڪاهہ ڪن، تن کي ناس ڪن، ۽ ڪُهن، ۽ چٽ ڪرائين، ۽ اُنهن جو مال متاع لٽي ڦري وڃن.
12
بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾، يعني ٻارهون مهينو، جو آدار جو مهينو آهي، تنهن جي تيرهين تاريخ هڪڙي ئي ڏينهن، ائين ڪيو وڃي.
13
انهيءَ لکئي جو نقل تہ هي حڪم هرهڪ پرڳڻي ۾ پڌرو ڪيو وڃي، تنهن جو سڀني قومن ۾ اشتهار ڪيو ويو، تہ يهودي انهيءَ ڏينهن تيار رهن، ۽ پنهنجن دشمنن کان وير وٺن.
14
انهيءَ طرح بادشاهہ جي خدمت ۾ ڪم ايندڙ تکن گهوڙن تي جيڪي ٽپالي چڙهيل هئا، سي بادشاهہ جي حڪم جي تاڪيد ۾ تڪڙ ڪري روانا ٿيا؛ ۽ اهڙو حڪم سوسن جي محلات ۾ پڌرو ڪيو ويو.
15
۽ مردڪئي بادشاهہ جي حضور مان آسماني ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، ۽ هڪڙي وڏي سوني ڇٽ، ۽ هڪڙي عمدي سڻيءَ جي ۽ واڱڻائي رنگ جي قبا سان نڪري آيو: ۽ سوسن جو شهر نعرا هڻي خوش ٿيو.
16
يهودين کي روشنائي، ۽ سرهائي، ۽ خوشي، ۽ عزت حاصل ٿي.
17
۽ سڀ ڪنهن شهر ۾ ۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾ جتي ڪٿي بادشاهہ جو حڪم ۽ سندس فرمان پهتو هو، اُتي خوشي ۽ خورمي ۽ مجلس ۽ وڏو ڏينهن ملهايو ويو. ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن مان گهڻا يهودي ٿيا؛ ڇالاءِ جو يهودين جو خوف هنن تي غالب ٿيو هو.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10