bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jonah 2
Jonah 2
Sindhi Bible
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 3 →
1
تڏهن يوناہ مڇيءَ جي پيٽ ۾ پئي ئي، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهري، ۽ چيائين تہ:
2
مون پنهنجي مصيبت جي ڪري خداوند کي سڏيو، ۽ هن مون کي ورندي ڏني؛ دوزخ جي پيٽ مان مون دانهن ڪئي ۽ تو منهنجو آواز ٻڌو.
3
ڇالاءِ جو تو مون کي اونهاڙ ۾، يعني سمنڊ جي وچ ۾ اُڇلائي وڌو، ۽ پاڻي مون کي وڪوڙي ويا؛ تنهنجون سڀ لهرون ۽ موجون مون تان لنگهي ويون.
4
۽ مون چيو تہ آءٌ تنهنجين اکين کان پري اُڇلايو ويو آهيان؛ انهيءَ هوندي بہ آءٌ وري تنهنجي پاڪ هيڪل ڏي نهاريندس.
5
پاڻي مون کي ساهہ تائين وڪوڙي ويا، سمنڊ منهنجي چوڌاري هو؛ رءُ منهنجي مٿي جي چوڌاري ويڙهيل هئا.
6
آءٌ جبلن جي ترن تائين هيٺ لهي ويس؛ ڌرتي پنهنجن گزن سان هميشہ لاءِ مون تي بند ٿي ويئي: انهيءَ هوندي بہ، اي خداوند منهنجا خدا، تو منهنجي جان کي پاتال مان ڪڍيو آهي.
7
جڏهن منهنجو ساهہ مون ۾ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون خداوند کي ياد ڪيو: ۽ منهنجي دعا تو تائين، يعني تنهنجي پاڪ هيڪل ۾ پهتي.
8
جيڪي ڪوڙين باطل شين تي ڌيان ڏين ٿا، سي پنهنجي رحمت وڃائي ٿا ڇڏين.
9
پر آءٌ شڪرگذاريءَ جي آواز سان تنهنجي اڳيان قرباني چاڙهيندس؛ جيڪا مڃتا مون مڃي آهي، سا آءٌ پوري ڪندس. نجات خداوند وٽان آهي.
10
۽ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو ۽ انهيءَ اُلٽي ڪري يوناہ کي سڪيءَ زمين تي اُڇلائي وڌو.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4