bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jonah 4
Jonah 4
Sindhi Bible
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
1
پر اها ڳالهہ يوناہ کي اصل نہ وڻي، ۽ هو ڪاوڙيو.
2
۽ خدا کي عرض ڪري چيائين، تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هوس، تڏهن اهو منهنجو چوڻ نہ هو ڇا؟ تنهنڪري آءٌ تڪڙو ٿي ترسيس ڏي ڀڳس: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ تون رحيم ۽ ٻاجهارو خدا آهين، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ نهايت مهربان آهين، ۽ پنهنجي غضب کان ڦرين ٿو.
3
تنهنڪري اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کان منهنجي حياتي وٺ، ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.
4
تڏهن خداوند فرمايو، تہ ڪاوڙجڻ سان تون ڪو چڱو ڪم ٿو ڪرين ڇا؟
5
پوءِ يوناہ شهر مان نڪري ٻاهر ويو، ۽ شهر جي اُڀرندي پاسي وڃي ويٺو، ۽ اتي پنهنجي لاءِ هڪڙي لانڍي جوڙيائين، ۽ انهيءَ جي ڇانوَ ۾ ويٺو، انهي لاءِ تہ ڏسي تہ شهر جو ڪهڙو حال ٿو ٿئي.
6
۽ خداوند خدا هڪڙي ڪدوءَ جي ول تيار ڪئي، ۽ انهيءَ کي يوناہ جي مٿان ڇانوَ ڪرڻ جي لاءِ چاڙهيائين، تہ مصيبت کان بچي. انهيءَ ول جي ڪري يوناہ ڏاڍو خوش ٿيو.
7
پر ٻئي ڏينهن صبح جو خدا هڪڙو ڪينئون تيار ڪيو، جنهن ڪدوءَ جي ول کي کاڌو، ۽ اُها ڪومائجي ويئي.
8
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج اُڀريو، تڏهن خدا اُڀرندي جو گرم واءُ تيار ڪيو، ۽ يوناہ کي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو، ۽ پنهنجي لاءِ عرض ڪيائين، تہ مري، ۽ چيائين تہ منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.
9
۽ يوناہ خدا کي چيو تہ ڪدوءَ جي ول لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ مناسب آهي ڇا؟ ۽ هن چيو، تہ مرڻ تائين ڪاوڙجڻ منهنجي لاءِ مناسب آهي.
10
۽ خداوند چيو تہ توکي ڪدوءَ جي ول تي رحم آيو آهي، جنهن جي لاءِ تو ڪوبہ پورهيو نہ ڪيو آهي، ۽ نڪي تو ان کي پيدا ڪيو، جا هڪڙي رات ۾ اُسري ۽ هڪڙي ئي رات اندر سُڪي ويئي.
11
تڏهن آءٌ نينوہ جي وڏي شهر تي رحم نہ ڪريان، جنهن ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو آهن، جن کي پنهنجي سڄي ۽ کٻي هٿ جي وچ ۾ فرق جي خبر ڪانهي، ۽ گهڻو چوپايو مال بہ آهي؟
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
All chapters:
1
2
3
4