bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Nahum 1
Nahum 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 2 →
1
نينوہ بابت نبوت، ناحوم القوشيءَ جي رويا جو ڪتاب.
2
خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي؛ هائو خداوند انتقام ٿو وٺي ۽ ڪاوڙ ٿو ڏيکاري؛ خداوند پنهنجن دشمنن کان وير وٺي ٿو، ۽ پنهنجي ويرين لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.
3
خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي ۽ طاقت ۾ وڏو آهي، ۽ ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي نہ ڏيندو. خداوند جي راهہ واچوڙي ۾ ۽ طوفان ۾ آهي، ۽ بادل هن جي پيرن جي مٽي آهن.
4
هو سمنڊ کي ڇينڀي خشڪ ڪري ڇڏي ٿو، ۽ سڀ نديون سُڪائي ڇڏي ٿو. بسن ۽ ڪرمل ۽ لبنان جا گل بہ ڪومائجي وڃن ٿا.
5
سندس خوف کان جبل ڏڪن ٿا، ۽ ٽڪر پگهري وڃن ٿا؛ ۽ زمين سندس اڳيان ڏڪي ٿي، هائو، دنيا ۾ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا سي بہ ڏڪن ٿا.
6
هن جي غصي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟ ۽ هن جي ڪاوڙ جي جوش مهل ڪير بيهي سگهندو! هن جو قهر باهہ وانگي ڦاٽي ٿو نڪري، ۽ ٽڪرن کي هو چيري ٿو ڇڏي.
7
خداوند چڱو آهي ۽ مصيبت جي ڏينهن هڪڙو مضبوط قلعو آهي؛ ۽ جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن کي هو سڃاڻي ٿو.
8
پر هڪڙي اُٿلندڙ ٻوڏ سان هو انهي جي جاءِ کي پورو ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي ڀڄائي اونداهي ۾ آڻيندو.
9
اوهين خداوند جي برخلاف ڪهڙا خيال ٿا ڪريو؟ هو بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندو، اهڙو جو وري مصيبت نہ اُٿندي.
10
جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا.
11
تو مان هڪڙو نڪتو آهي، جنهن خداوند جي برخلاف برو منصوبو ٻڌو آهي، ۽ شرارت جي رٿ ڪئي اٿس.
12
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ هو نهايت زور وارا هوندا، ۽ گهڻا بہ هوندا، پر ائين ماريا ويندا جو چٽ ٿي وڃن، ۽ اُهو گم ٿي ويندو. جيتوڻيڪ مون توکي ڏکي ڪيو آهي تہ بہ وري توکي ڏکي نہ ڪندس.
13
هاڻي آءٌ هن جي پاڃاري اوهان تان ڀڃي لاهيندس، ۽ بند ڀڃي کولي ڇڏيندس.
14
۽ خداوند تنهنجي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي، تہ تنهنجو نالو وري پوکيل نہ سڏجي: تنهنجن معبودن جي گهر مان آءٌ اُڪريل مورت ۽ پلٽيل مورت وڍي ڇڏيندس؛ آءٌ تنهنجي قبر جوڙيندس؛ ڇالاءِ جو تون ڪميڻو آهين.
15
ڏس، جبلن تي انهيجا پير آهن جو خوشخبري آڻي ٿو، ۽ سلامتيءَ جو اشتهار ٿو ڪري! اي يهوداهہ، تون پنهنجون عيدون ۽ پنهنجا مڃتائون پوريون ڪر. ڇالاءِ جو شرير وري تو منجهان لنگهي نہ ويندو؛ هو بلڪل چٽ ٿي ويو آهي.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3