bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Nahum 2
Nahum 2
Sindhi Bible
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 3 →
1
جيڪو ڀڃي پرزا پرزا ٿو ڪري، سو تو تي چڙهي آيو آهي: جنگي سامان تيار رک، رستي تي نظر رک، پنهنجي چيلهہ ٻڌي پاڻ کي تمام مضبوط ڪر.
2
ڇالاءِ جو خداوند يعقوب جي رونق کي اسرائيل جي رونق وانگر وري آڻيندو: ڇالاءِ جو خالي ڪرڻ وارن انهي کي خالي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هن جي ڊاک جي ٽارين کي چٽ ڪري ڇڏيو اٿن.
3
هن جي پهلوانن جا سپر ڳاڙها آهن، ۽ بهادر مردن جي پوشاڪ کهنبي آهي: هن جون گاڏيون تياريءَ جي ڏينهن رُڪ سان چمڪن ٿيون ۽ نيزا سخت لُڏن ٿا.
4
گاڏيون گهٽين ۾ ڇوهہ مان ڊوڙن ٿيون، ۽ ڪشادن رستن تي هڪ ٻئي تي اچي ٿيون ٺهڪن: هو ٻرندڙ مشعل وانگر ۽ وڄ وانگر آهن.
5
هو پنهنجي سردارن کي ڪوٺي ٿو، ۽ هو آٿڙندا اچن ٿا، ۽ تڪڙا تڪڙا ڀت تي چڙهي مورچا ٿا ٺاهين.
6
ندين جا بند کلي ٿا پون ۽ محلات ڀڄي ڪِري ٿو پوي.
7
۽ حصب اُگهاڙي ڪري قيد ٿي ويئي آهي، ۽ انهي جون ٻانهيون ڪبوترن جي آواز سان ٿيون اوسارين ۽ ڇاتيون ٿيون ڪُٽين.
8
پر نينوہ قديم وقت کان پاڻيءَ جي حوض وانگي آهي، تہ بہ هو ڀڄي پيا وڃن. هو پڪارين ٿا تہ بيهي رهو، بيهي رهو، پر ڪوبہ منهن ورائي نٿو نهاري.
9
اوهين چاندي لُٽيو، ۽ سون لُٽيو، ڇالاءِ جو خزانو کُٽڻ جو ڪونهي ۽ عمدي سامان جي پڄاڻي ڪونهي.
10
هو خالي، سکڻي، ۽ ويران آهي، هنن جي دل پاڻي ٿي وڃي ٿي ۽ گوڏا پاڻ ۾ پيا ٽهڪن، ۽ چيلهہ چڪي ٿي وڃين، ۽ سڀني جا منهن ڦڪا ٿي ويا آهن.
11
شينهن جو غار، ۽ ننڍي شينهن جي کارائڻ جي جاءِ ڪٿي آهي، جتي شينهن ۽ شينهڻ ۽ سندن ٻچڙا گهمندا هئا، ۽ ڪنهن بہ انهن کي نٿي ڊيڄاريو؟
12
شينهن پنهنجي ٻچڙن لاءِ ڪافي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ شينهڻ لاءِ جهلي رکيو، ۽ پنهنجا غار شڪار سان، ۽ پنهنجون لڪڻ جون جايون ڦاڙيلن سان ڀري ڇڏيون.
13
خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ آءٌ تنهنجي گاڏين کي ساڙي دونهون ڪندس، ۽ ترار تنهنجن جوان شينهن کي کائي ويندي؛ ۽ آءٌ تنهنجو شڪار زمين مان وڍي ڇڏيندس، ۽ تنهنجن قاصدن جو آواز وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3