bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Nehemiah 11
Nehemiah 11
Sindhi Bible
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 12 →
1
۽ قوم جا امير يروشلم ۾ رهندا هئا: باقي ٻين ماڻهن بہ ڪُڻا وڌا تہ ڏهن ماڻهن مان هڪڙو يروشلم جي پاڪ شهر ۾ اچي رهي، ۽ نوَ حصا ٻين شهرن ۾.
2
۽ جن ماڻهن خوشيءَ سان يروشلم ۾ رهڻ قبول ڪيو، تن سڀني کي ماڻهن برڪت جي دعا ڏني.
3
هاڻي جيڪي پرڳڻي جا سردار يروشلم ۾ رهندا هئا، سي هي آهن: (پر يهوداہ جي شهرن ۾ هرڪو ماڻهو پنهنجي شهر ۽ پنهنجي جائيداد ۾ رهندو هو، يعني اسرائيلي، ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ نتينيم، ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد.
4
۽ يروشلم ۾ ڪي بني يهوداہ مان، ۽ ڪي بني بنيمين مان رهندا هئا.) بني يهوداہ مان: عتاياہ، بن عزياہ، بن زڪرياہ، بن امرياہ، بن سفطياہ، بن مهلل ايل، بن فارص.
5
۽ معسياہ بن باروڪ، بن ڪلحوزہ، بن حزاياہ، بن عداياہ، بن يويريب، بن زڪرياہ، جو شلونيءَ جو پٽ هو.
6
فارص جا پٽ، جي يروشلم ۾ رهندا هئا، سي ڪل چار سؤ اٺهٺ بهادر مرد هئا.
7
بني بنيمين هي آهن: سلو بن مسلام، بن يوعيد، بن فداياہ، بن قولاياہ، بن معسياہ، بن ايتي ايل، بن يسعياہ.
8
۽ انهيءَ کانپوءِ جبي، ۽ سلي، ڪل نوَ سؤ اٺاويهہ.
9
۽ يوايل بن زڪري، انهن جي مٿان نظر ڪندڙ هو: ۽ يهوداہ بن هسنوہ، شهر جي حاڪم جو نائب هو.
10
ڪاهنن مان: يدعياہ، بن يويريب، ۽ ياڪين،
11
شراياہ بن خلقياہ، بن مسلام، بن صدوق، بن مرايوت، بن اخيطوب، جو خدا جي گهر جو عملدار هو،
12
۽ انهن جا ڀائر، جي هيڪل جو ڪم ڪار ڪندا هئا، سي اٺ سؤ ٻاويهہ هئا: ۽ عداياہ بن يروحام، بن فللياہ، بن امضي، بن زڪرياہ، بن فشحور، بن ملڪياہ.
13
۽ ان جا ڀائر، جي ابن جي گهراڻن جا سردار هئا، ٻہ سؤ ٻائيتاليهہ: ۽ امشي بن عزرايل، بن اخسي، بن مسيلموت، بن امير،
14
۽ انهن جا ڀائر، جي همت وارا بهادر مرد هئا، هڪ سؤ اٺاويهہ: ۽ انهن جي مٿان سردار زيدي ايل بن هجدوليم.
15
۽ لاوي: سمعياہ، بن حسوب، بن عزريقام، بن حسبياہ، بن بني؛
16
۽ سبتي ۽ يوزباد، اِهي لاوين جي سردارن مان هئا، جي خدا جي گهر جي ٻاهرين ڪم ڪار تي نظر ڪندا هئا؛
17
۽ متنياہ، بن ميڪا، بن زبدي، بن آسف، جو شڪرگذاريءَ جي عبادت شروع ڪرڻ وقت پيشوا هوندو هو، ۽ بقبوقياہ جو ان جي ڀائرن مان ٻيو هو؛ ۽ عبدا بن سموع، بن جلال، بن يدوتون.
18
انهيءَ پاڪ شهر ۾، ڪل لاوي، ٻہ سؤ چوراسي هئا.
19
تنهن کانسواءِ، دربان، عقوب، طلمون ۽ انهن جا ڀائر، جي درن جي نگهباني ڪندا هئا، سي هڪ سؤ ٻاهتر هئا.
20
۽ باقي اسرائيلي، ڪاهنن ۽ لاوين مان، يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ هئا، هرڪو پنهنجي پنهنجي موروثي حصي ۾.
21
پر نتينيم، عوفل ۾ رهندا هئا: ۽ ضيحا ۽ جسفا، نتينيم جي مٿان هوندا هئا.
22
پر يروشلم ۾ لاوين جي مٿان نظر ڪندڙ عزي بن باني، بن حسبياہ، بن متنياہ، بن ميڪا بہ هوندو هو، جو آسف جي پٽن مان هو، جي ڳائيندڙ هئا، ۽ خدا جي گهر تي ڪم ڪار تي مقرر هو.
23
ڇالاءِ جو انهن جي نسبت ۾ بادشاهہ جو حڪم جاري ٿيل هو، ۽ ڳائيندڙن جي لاءِ هر روز جي گهرج موجب، ڀتو مقرر ٿيل هو.
24
۽ فتحياہ بن مشيزبيل، جو زارح بن يهوداہ جي اولاد مان هو، سو قوم جي هر طرح جي ڪم ڪار لاءِ بادشاهہ وٽ حاضر هوندو هو.
25
۽ ڳوٺن ۽ انهن جي ٻنين لاءِ، بني يهوداہ مان ڪي قريت اربع ۽ ان جي شهرن ۾، ديبون، ۽ ان جي شهرن ۾، ۽ يقبضي ايل، ۽ ان جي ڳوٺن ۾ رهندا هئا؛
26
۽ يشوع ۾، ۽ مولاداہ ۾، ۽ بيت فلط ۾؛
27
۽ حصرسوعال ۾، ۽ بيرسبع ۽ اُن جي شهرن ۾؛
28
۽ صقلاج ۾، ۽ مقوناہ ۽ ان جي شهرن ۾؛
29
۽ عين رمون ۾، ۽ صارعاہ ۾، يارموت ۾؛
30
زانواح، عدلام ۽ انهن جي ڳوٺن ۾، لڪيس ۽ ان جي ٻنين ۾، عزيقہ ۽ ان جي شهرن ۾. انهيءَ طرح هو بيرسبع کان وٺي، هنوم جي واديءَ تائين منزل ڪري ويا.
31
بني بنيمين بہ جبع کان وٺي اڳتي، مڪماس، ۽ عياہ ۾، ۽ بيت ايل، ۽ ان جي شهرن ۾ رهڻ لڳا؛
32
عنتوت، نوب، عننياہ؛
33
حاصور، رامہ، جتيم؛
34
حاديد، ضبوعيم، نبلاط؛
35
لود ۽ اونو ۾، جا ڪاريگرن جي وادي آهي.
36
۽ لاوين مان ڪي حصا جي يهوداہ ۾ هئا، بنيمين سان شامل ٿيا.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13