bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Nehemiah 12
Nehemiah 12
Sindhi Bible
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 13 →
1
هاڻي جيڪي ڪاهن ۽ لاوي، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع سان گڏ موٽي آيا، سي هي آهن، سراياہ، يرمياہ، عزرا؛
2
امرياہ، ملوڪ، حطوش؛
3
سڪنياہ، رحوم، مريموت؛
4
عدو، جنتو، ابياہ؛
5
ميامين، معدياہ، بلجہ؛
6
سمعياہ، ۽ يويريب، يدعياہ؛
7
سلو، عموق، خلقياہ، يدعياہ. اهي هئا يشوع جي ڏينهن ۾ ڪاهنن ۽ انهن جي ڀائرن جا سردار.
8
انهن کانسواءِ لاوي: يشوع، بنوي، قدمي ايل، سيربياہ، يهوداہ، متنياہ، جو پنهنجن ڀائرن سميت، شڪرگذاريءَ جي عبادت جي مٿان هو.
9
۽ بقبوقياہ ۽ عنو، انهن جا ڀائر، انهن جي سامهون مقرر جاين ۾ هئا.
10
۽ يشوع مان يويقيم ڄائو، ۽ يويقيم مان الياسب ڄائو، ۽ الياسب مان يدوع ڄائو،
11
۽ يدوع مان يونتن، ۽ يونتن مان يدوع ڄائو.
12
۽ يويقيم جي ڏينهن ۾ ڪي ڪاهن، ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا: سراياہ مان مراياہ؛ يرمياہ مان حننياہ؛
13
عزرا مان مسلام؛ امرياہ مان يهوحنان؛
14
ملڪو مان يونتن: سبنياہ مان يوسف؛
15
حارم مان عدنا؛ مرايوت مان خلقي؛
16
عدو مان زڪرياہ؛ جنتون مان مسلام؛
17
ابياہ مان زڪري؛ منيمن مان، موعدياہ مان فلطي؛
18
بلجہ مان سموع، سمعياہ مان يهونتن؛
19
۽ يويريب مان متني؛ يدعياہ مان عزي؛
20
سلي مان قلي؛ عموق مان عبر؛
21
خلقياہ مان حسبياہ؛ يدعياہ مان نتني ايل.
22
الياسب، يويدع، يوحنان ۽ يدوع جي ڏينهن ۾، لاوين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس داخل ڪيا ويا هئا: ۽ دارا فارسيءَ جي بادشاهت ۾ ڪاهن بہ.
23
لاويءَ جا پٽ، جي ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا، سي تواريخ جي ڪتاب ۾، يوحنان بن الياسب جي ڏينهن تائين لکيل هئا.
24
۽ لاوين جا سردار هي هئا: حسبياہ، سيربياہ ۽ يشوع بن قدمي ايل سندن ڀائرن سميت، جي خداوند جي مرد دائود جي حڪم موجب، تعريف ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪ ٻئي جي سامهون مقرر هئا.
25
متنياہ، بقبوقياہ، عبدياہ، مسلام، طلمون، عقوب، دربان هئا، جي دروازي وارن انبارخانن جي ڪوٺين تي پهرو ڏيندا هئا.
26
يويقيم بن يشوع، بن يوصدق جي ڏينهن ۾، ۽ نحمياہ حاڪم، ۽ عزرا ڪاهن ۽ اُستاد جي ڏينهن ۾ اهي هوندا هئا.
27
۽ يروشلم جي ڀت جي وقف ڪرڻ وقت سڀني جاين تان لاوين کي ڳوليائون، انهيءَ لاءِ تہ انهن کي وٺي يروشلم ۾ آڻين، تہ اها وقف ڪرڻ جي رسم خوشيءَ سان، ۽ شڪرگذاري ڪرڻ سان، ۽ جهانجهن، سنطورن، ۽ بربطن تي ڳائڻ سان بجا آڻين.
28
۽ ڳائڻ وارن جا پٽ، يروشلم جي آس پاس واري ميدان مان، توڙي نطوفاتين جي ڳوٺن مان اچي گڏ ٿيا؛
29
۽ بيت جلجال مان، ۽ جبع، ۽ عزماوت جي ٻنين مان بہ: ڇالاءِ جو ڳائڻ وارن يروشلم جي آس پاس پنهنجا ڳوٺ ٻڌا هئا.
30
۽ ڪاهنن ۽ لاوين پاڻ کي پاڪ ڪيو؛ ۽ هنن ماڻهن کي، ۽ درن کي، ۽ ڀت کي بہ پاڪ ڪيو.
31
تنهن کان پوءِ مون يهوداہ جي اميرن کي ڀت تي آندو، ۽ ٻہ وڏيون ٽوليون مقرر ڪيم، جن شڪرگذاري ادا ڪئي، ۽ قطار ٻڌي جلوس ۾ هليا؛ انهن مان هڪڙي ٽولي ڀت تي سڄي هٿ پاسي ڇيڻن واري دروازي ڏانهن ويئي:
32
۽ انهن جي پٺيان هوسعياہ، ۽ يهوداہ جي اميرن مان اڌ جيترا هليا،
33
۽ عزرياہ، عزرا، ۽ مسلام،
34
يهوداہ، ۽ بنيمين ۽ سمعياہ، ۽ يرمياہ.
35
۽ ڪاهنن جي پٽن مان ڪي قرنائين سان ويا: زڪرياہ بن يونتن، بن سمعياہ، بن متنياہ، بن ميڪاياہ، بن زڪور، بن آسف؛
36
۽ ان جا ڀائر سمعياہ، ۽ عزرايل، مللي، جللي، ماعي، نتني ايل ۽ يهوداہ، ۽ حناني، خدا جي مرد دائود جي ڳائڻ وارن سازن سان؛ ۽ عزرا اُستاد انهن جي اڳيان هو:
37
۽ چشمي واري در جي ڀرسان، ۽ سڌو انهن جي اڳيان، هو دائود جي شهر جي ڏاڪڻ تان ڀت جي چاڙهيءَ وٽ، دائود جي گهر جي مٿان، اُڀرندي ڏانهن پاڻيءَ واري دروازي تائين، چڙهي هليا ويا.
38
۽ انهن جي ٻي ٽولي، جنهن شڪرگذاري ادا ٿي ڪئي سا هنن کي گڏجڻ ويئي، ۽ انهن جي پٺيان آءٌ باقي ماڻهن جي اڌ سان، ڀت تي کورن واري ٺلهہ جي مٿان، ڪشاديءَ ڀت تائين هليو ويس؛
39
۽ افرائيم واري دروازي جي مٿان، ۽ پراڻي دروازي، ۽ مڇيءَ واري دروازي، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ، ۽ همياہ جي ٺلهہ جي پاسي کان، رڍن واري دروازي تائين: ۽ پهري واري دروازي وٽ هو ماٺ ڪري بيهي رهيا.
40
انهيءَ طرح شڪرگذاري ڪندڙن جون ٻئي ٽوليون خدا جي گهر ۾ بيهي رهيون، ۽ آءٌ بہ، ۽ اميرن مان اڌ جيترا، جي مون سان هئا:
41
۽ ڪاهن الياقيم، معسياہ، منيمين، ميڪاياہ، اليوعيني، زڪرياہ ۽ حننياہ، قرنائين سان؛
42
۽ معسياہ، ۽ سمعياہ، ۽ اليعزر، ۽ عزي، ۽ يهوحنان، ۽ ملڪياہ، ۽ عيلام، ۽ عزر، پنهنجي سردار ازرخياہ سميت زور سان ڳايو.
43
۽ انهيءَ ڏينهن هنن وڏيون قربانيون چاڙهيون، ۽ خوشيون ڪيون، ڇالاءِ جو خدا هنن کي وڏي خوشي ڪرائي هئي؛ ۽ زالن ۽ ٻارن بہ خوشي ڪئي: جنهنڪري يروشلم جي خوشيءَ جو آواز پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
44
انهيءَ ڏينهن خزاني وارين ڪوٺين تي، کڻڻ وارين قربانين لاءِ، پهرين ڦرن لاءِ، ۽ ڏهاڪيءَ لاءِ، ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ شهرن جي ٻنين موجب، جيڪي حصا شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر ڪيل هئا، سي انهن ۾ آڻي گڏ ڪن: ڇالاءِ جو يهوداہ ڪاهنن لاءِ، ۽ خدمت ڪندڙ لاوين لاءِ بہ خوشيون ڪيون.
45
۽ هنن پنهنجي خدا جو فرض، ۽ پاڪ ڪرڻ جو فرض بجاءِ آندو، ۽ ڳائڻن ۽ دربانن بہ ائين ئي ڪيو، جهڙيءَ طرح دائود جو، ۽ سندس پٽ سليمان جو حڪم هو.
46
ڇالاءِ جو قديم زماني ۾، يعني دائود، ۽ آسف جي ڏينهن ۾، ڳائڻ وارن جو هڪڙو سردار هوندو هو، ۽ خدا جي تعريف ۽ شڪرگذاريءَ جا راڳ ڳايا ويندا هئا.
47
۽ زربابل جي ڏينهن ۾، ۽ نحمياہ جي ڏينهن ۾، سڀ اسرائيلي ڳائڻ وارن، ۽ دربانن جي لاءِ روزمرہ جي گهرج موجب حصا ڏيندا هئا؛ ۽ هو لاوين جي لاءِ ڌار ڪندا هئا، ۽ لاوي هارون جي پٽن لاءِ ڌار ڪندا هئا.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13