bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Psalms 106
Psalms 106
Sindhi Bible
← Chapter 105
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 67
Chapter 68
Chapter 69
Chapter 70
Chapter 71
Chapter 72
Chapter 73
Chapter 74
Chapter 75
Chapter 76
Chapter 77
Chapter 78
Chapter 79
Chapter 80
Chapter 81
Chapter 82
Chapter 83
Chapter 84
Chapter 85
Chapter 86
Chapter 87
Chapter 88
Chapter 89
Chapter 90
Chapter 91
Chapter 92
Chapter 93
Chapter 94
Chapter 95
Chapter 96
Chapter 97
Chapter 98
Chapter 99
Chapter 100
Chapter 101
Chapter 102
Chapter 103
Chapter 104
Chapter 105
Chapter 106
Chapter 107
Chapter 108
Chapter 109
Chapter 110
Chapter 111
Chapter 112
Chapter 113
Chapter 114
Chapter 115
Chapter 116
Chapter 117
Chapter 118
Chapter 119
Chapter 120
Chapter 121
Chapter 122
Chapter 123
Chapter 124
Chapter 125
Chapter 126
Chapter 127
Chapter 128
Chapter 129
Chapter 130
Chapter 131
Chapter 132
Chapter 133
Chapter 134
Chapter 135
Chapter 136
Chapter 137
Chapter 138
Chapter 139
Chapter 140
Chapter 141
Chapter 142
Chapter 143
Chapter 144
Chapter 145
Chapter 146
Chapter 147
Chapter 148
Chapter 149
Chapter 150
Chapter 107 →
1
خداوند جي تعريف ڪريو، خداوند جا ٿورا مڃيو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
2
ڪير خداوند جي قدرت جي ڪمن جو بيان ڪري سگهندو، يا هن جي پوري تعريف ڪري سگهندو؟
3
مبارڪ آهن اهي جي انصاف ٿا ڪن ۽ سدائين سچائيءَ تي ٿا هلن.
4
اي خداوند تنهنجي مهرباني جيڪا تنهنجيءَ اُمت تي آهي تنهن جي ڪري مون کي بہ ياد ڪر؛ پنهنجي نجات مون کي عطا ڪر.
5
تہ آءٌ تنهنجي چونڊيلن جي اقبالمندي ڏسان، ۽ آءٌ تنهنجيءَ قوم جي خوشيءَ ۾ خوش ٿيان، ۽ تنهنجي ميراث سان گڏ فخر ڪريان.
6
اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا آهن، اسان خطا ڪئي آهي، ۽ بڇڙائي ڪئي اٿئون.
7
اسان جي ابن ڏاڏن مصر جي ملڪ ۾ تنهنجي عجيب ڪمن کي ڪين سمجهيو؛ انهن تنهنجي بيحد رحمتن کي ياد نہ ڪيو؛ پر سمنڊ وٽ، يعني ڳاڙهي سمنڊ وٽ، فساد ڪيائون.
8
پر تڏهن بہ هن کين پنهنجي نالي جي خاطر بچايو، تہ پنهنجي وڏي قدرت ظاهر ڪري.
9
هن ڳاڙهي سمنڊ کي بہ جهڻڪيو ۽ اُهو سڪي ويو: پوءِ هو انهن کي اونهائيءَ مان ائين پار لنگهائي ويو، جو ڄڻ تہ هو بيابان مان لنگهي ويا.
10
هن انهن کي عداوت رکڻ واري جي هٿان بچايو، ۽ کين دشمن جي هٿان ڇڏايائين.
11
پاڻيءَ انهن جي دشمن کي ڍڪي ڇڏيو ۽ انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.
12
تڏهن انهن هن جي ڪلام تي ايمان آندو: ۽ سندس تعريف ڳائڻ لڳا.
13
پر انهن جلد ئي هنجي ڪمن کي وساري ڇڏيو؛ ۽ سندس صلاح لاءِ ڪين ترسيا:
14
پر اهي بيابان ۾ ڏاڍيون سَڌون ڪرڻ لڳا، ۽ رڻ پٽ ۾ خدا کي آزمايائون.
15
سو هن سندن عرض تہ اگهايو؛ پر سندن جان کي سڪائي ڇڏيائين.
16
انهن منزلگاهہ ۾ موسيٰ سان، ۽ خداوند جي مقدس هارون سان حسد ڪيو.
17
تڏهن زمين ڦاٽي ۽ داتن کي ڳهي ويئي، ۽ ابيرام جي ٽوليءَ کي کائي ويئي.
18
۽ انهن جي ٽوليءَ ۾ باهہ اچي ٻري؛ جنهن جي شعلن ڪري بدڪار سڙي ويا.
19
انهن حورب ۾ هڪڙو گابو جوڙيو، ۽ پلٽيل مورت کي سجدو ڪيائون.
20
انهيءَ طرح انهن پنهنجي جلال کي بدلائي گاهہ چرندڙ ڏاند جي شڪل جهڙو ڪيو.
21
۽ پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيائون، جنهن مصر ۾ وڏا وڏا ڪم ڪيا؛
22
۽ حام جي ملڪ ۾ عجيب ڪم ڪيائين ۽ ڳاڙهي سمنڊ وٽ هيبتناڪ ڪم ڏيکاريائين.
23
تنهن ڪري هن چيو تہ آءٌ هنن کي برباد ڪندس، پر سندس چونڊيل موسيٰ اچي وچ ۾ سندس حضور ۾ بيٺو تہ هن جي ڪاوڙ کي ٽاري تہ متان هو انهن کي برباد ڪري ڇڏي.
24
هائو هو انهي دلپسند ملڪ کي ڌڪارڻ لڳا ۽ هن جي ڪلام تي اعتبار نہ ڪيائون؛
25
۽ پنهنجي تنبن ۾ ويهي ڪرڪر ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو آواز نہ ٻڌائون.
26
تنهن ڪري هن انهن بابت قسم کڻي چيو تہ، آءٌ هن کي بيابان ۾ ڪيرائي چٽ ڪندس:
27
۽ انهن جي نسل کي غير قوم منجهہ ڪيرائيندس، ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪندس.
28
پوءِ اهي بعل فغور جي پوڄا ۾ شامل ٿيا، ۽ مئلن جون قربانيون کائڻ لڳا.
29
انهيءَ طرح انهن پنهنجي ڪمن جي ڪري کيس غصو ڏياريو؛ ۽ منجهن طاعون اچي پيو.
30
تڏهن فينحاس اٿي انصاف ڪيو: پوءِ طاعون بند ٿي ويو.
31
۽ اهو ڪم هن جي لاءِ سڀني پيڙهين ۾ هميشہ تائين راستبازي ليکيو ويو.
32
انهن هن کي مريباہ جي چشمن وٽ بہ غصو ڏياريو، جنهن ڪري انهن جي سببان موسيٰ کي نقصان رسيو.
33
ڇالاءِ جو انهن هن جي روح کي رنج ڪيو، ۽ موسيٰ بي سوچي ڳالهايو.
34
وري جن قومن کي برباد ڪرڻ جو خدا کين حڪم ڏنو هو، تن کي برباد نہ ڪيائون،
35
اُٽلندو انهن قومن ۾ ملي ويا، ۽ انهن جا ڪم سکڻ لڳا:
36
۽ انهن جي بتن جي عبادت ڪيائون جي انهن جي لاءِ ڦندو ٿي پيا.
37
هائو، انهن پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي ڀوتن جي اڳيان قربان ڪيو.
38
۽ بيگناهن جو، يعني پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جو رت وهايائون، جن کي انهن ڪنعان جي بتن جي اڳيان قربان ڪيو؛ ۽ ملڪ کي رت سان پليت ڪيائون.
39
انهيءَ طرح اهي پنهنجي ڪمن جي ڪري پليت ٿيا، ۽ پنهنجي افعالن جي ڪري زناڪار ٿي پيا.
40
تڏهن خداوند کي پنهنجيءَ اُمت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هو پنهنجيءَ ميراث جي حقارت ڪرڻ لڳو.
41
۽ هُن انهن کي قومن جي حوالي ڪيو؛ ۽ جن کي انهن سان نفرت هئي سي مٿن حڪومت هلائڻ لڳا.
42
۽ انهن جي دشمنن کين ستايو، ۽ هو انهن جا تابعدار ٿيا.
43
هن گهڻا ئي ڀيرا کين ڇڏايو؛ پر اهي پنهنجين صلاحن تي هلي فسادي ٿي پيا، ۽ پنهنجيءَ بدڪاريءَ جي ڪري دٻجي ويا.
44
انهيءَ هوندي بہ جڏهن هن سندن دانهون ٻڌيون، تڏهن انهن جي تڪليفن تي نظر ڪيائين.
45
۽ انهن جي لاءِ پنهنجي عهد کي ياد ڪيائين. ۽ پنهنجي بيحد رحم جي ڪري پنهنجو ارادو ڦيرايائين.
46
۽ جن انهن کي قيد ڪيو هو، تن جي دل ۾ قياس وڌائين.
47
اي خداوند اسان جا خدا اسان کي بچاءِ، ۽ ڌارين قومن مان اسان کي ڪڍي گڏ ڪر. تہ اسين تنهنجي پاڪ نالي جي شڪرگذاري، ۽ تنهنجي تعريف ۾ فخر ڪريون.
48
خداوند اسرائيل جو خدا، ازل کان وٺي ابد تائين مبارڪ هجي، ۽ سڄي اُمت چوي، آمين. اوهين خدا جي تعريف ڪريو.
← Chapter 105
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 67
Chapter 68
Chapter 69
Chapter 70
Chapter 71
Chapter 72
Chapter 73
Chapter 74
Chapter 75
Chapter 76
Chapter 77
Chapter 78
Chapter 79
Chapter 80
Chapter 81
Chapter 82
Chapter 83
Chapter 84
Chapter 85
Chapter 86
Chapter 87
Chapter 88
Chapter 89
Chapter 90
Chapter 91
Chapter 92
Chapter 93
Chapter 94
Chapter 95
Chapter 96
Chapter 97
Chapter 98
Chapter 99
Chapter 100
Chapter 101
Chapter 102
Chapter 103
Chapter 104
Chapter 105
Chapter 106
Chapter 107
Chapter 108
Chapter 109
Chapter 110
Chapter 111
Chapter 112
Chapter 113
Chapter 114
Chapter 115
Chapter 116
Chapter 117
Chapter 118
Chapter 119
Chapter 120
Chapter 121
Chapter 122
Chapter 123
Chapter 124
Chapter 125
Chapter 126
Chapter 127
Chapter 128
Chapter 129
Chapter 130
Chapter 131
Chapter 132
Chapter 133
Chapter 134
Chapter 135
Chapter 136
Chapter 137
Chapter 138
Chapter 139
Chapter 140
Chapter 141
Chapter 142
Chapter 143
Chapter 144
Chapter 145
Chapter 146
Chapter 147
Chapter 148
Chapter 149
Chapter 150
Chapter 107 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66
67
68
69
70
71
72
73
74
75
76
77
78
79
80
81
82
83
84
85
86
87
88
89
90
91
92
93
94
95
96
97
98
99
100
101
102
103
104
105
106
107
108
109
110
111
112
113
114
115
116
117
118
119
120
121
122
123
124
125
126
127
128
129
130
131
132
133
134
135
136
137
138
139
140
141
142
143
144
145
146
147
148
149
150