bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Psalms 119
Psalms 119
Sindhi Bible
← Chapter 118
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 67
Chapter 68
Chapter 69
Chapter 70
Chapter 71
Chapter 72
Chapter 73
Chapter 74
Chapter 75
Chapter 76
Chapter 77
Chapter 78
Chapter 79
Chapter 80
Chapter 81
Chapter 82
Chapter 83
Chapter 84
Chapter 85
Chapter 86
Chapter 87
Chapter 88
Chapter 89
Chapter 90
Chapter 91
Chapter 92
Chapter 93
Chapter 94
Chapter 95
Chapter 96
Chapter 97
Chapter 98
Chapter 99
Chapter 100
Chapter 101
Chapter 102
Chapter 103
Chapter 104
Chapter 105
Chapter 106
Chapter 107
Chapter 108
Chapter 109
Chapter 110
Chapter 111
Chapter 112
Chapter 113
Chapter 114
Chapter 115
Chapter 116
Chapter 117
Chapter 118
Chapter 119
Chapter 120
Chapter 121
Chapter 122
Chapter 123
Chapter 124
Chapter 125
Chapter 126
Chapter 127
Chapter 128
Chapter 129
Chapter 130
Chapter 131
Chapter 132
Chapter 133
Chapter 134
Chapter 135
Chapter 136
Chapter 137
Chapter 138
Chapter 139
Chapter 140
Chapter 141
Chapter 142
Chapter 143
Chapter 144
Chapter 145
Chapter 146
Chapter 147
Chapter 148
Chapter 149
Chapter 150
Chapter 120 →
1
مبارڪ آهن اهي جي سنئين واٽ ٿا وٺن، ۽ خداوند جي شريعت تي عمل ٿا ڪن.
2
مبارڪ آهن اهي جي هن جون شاهديون ٿا مڃين، ۽ پوريءَ دل سان سندس ڳولا ٿا ڪن.
3
هائو، اهي ڪابہ بڇڙائي نٿا ڪن؛ پر هن جي واٽن تي ٿا هلن.
4
تو پنهنجا قاعدا ڏنا آهن، تہ اسين خبرداريءَ سان اُنهن تي عمل ڪريون.
5
شل منهنجي چال اهڙي قائم ٿئي جو آءٌ تنهنجي قانونن تي عمل ڪريان!
6
جڏهن آءٌ تنهنجي سڀني حڪمن تي نظر ڪندس، تڏهن شرمندو ڪين ٿيندس.
7
جڏهن آءٌ تنهنجا سچا فيصلا سکندس، تڏهن آءٌ دل جي سچائيءَ سان تنهنجي شڪرگذاري ڪندس.
8
آءٌ تنهنجي قانونن تي عمل ڪندس: مون کي بلڪل ڇڏي نہ ڏي.
9
جوان ماڻهو ڀلا ڪهڙيءَ طرح پنهنجي چال صاف رکندو؟ تنهنجي ڪلام موجب انهي جي خبرداري ڪرڻ سان.
10
مون پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي ڳولا ڪئي آهي: مون کي پنهنجي حڪمن کان ڀٽڪڻ نہ ڏي.
11
مون تنهنجو ڪلام پنهنجيءَ دل ۾ رکيو آهي، تہ آءٌ تنهنجي برخلاف گناهہ نہ ڪريان.
12
اي خداوند تون مبارڪ آهين: مون کي پنهنجا قانون سيکار.
13
تنهنجي سڀني فيصلن جو مون پنهنجي زبان سان ذڪر ڪيو آهي.
14
مون کي تنهنجي شاهدين جي واٽ تي اهڙي خوشي ٿي آهي، جهڙي بيحد دولت جي ڪري ٿيندي آهي.
15
آءٌ تنهنجن قاعدن تي غور ڪندس، ۽ تنهنجين واٽن تي نظر رکندس.
16
آءٌ تنهنجي قانونن کان خوش رهندس: ۽ تنهنجو ڪلام ڪين وساريندس.
17
پنهنجي بندي سان ججهي ڀلائي ڪر، تہ آءٌ جيئرو رهان؛ ۽ تنهنجي ڪلام تي عمل ڪندو رهان.
18
منهنجيون اکيون کول، تہ آءٌ تنهنجيءَ شريعت جا عجيب ڪم ڏسان.
19
آءٌ هن زمين تي مسافر آهيان: تون مون کان پنهنجا حڪم نہ لڪاءِ.
20
منهنجي جان تنهنجي فيصلن جي انتظار ۾ هميشہ بيقرار آهي.
21
جيڪي مغرور ۽ لعنتي آهن، ۽ تنهنجن حڪمن کان ڀٽڪي ويا آهن، تن کي تو ڇينڀيو آهي.
22
مون تان طعنو ۽ حقارت لاهي ڇڏ؛ ڇو جو مون تنهنجين شاهدين کي مڃيو آهي.
23
سردار ويهي منهنجي برخلاف ڳالهيون ڪرڻ لڳا: پر تنهنجي بندي جو ڌيان تنهنجن قانونن تي هو.
24
تنهنجيون شاهديون منهنجي خوشي ۽ منهنجيون صلاح ڪار آهن.
25
منهنجي جان مٽيءَ ۾ ملي ويئي آهي: تون مونکي پنهنجي ڪلام پٽاندر جيار.
26
مون پنهنجين واٽن جو بيان ڪيو، ۽ تو مون کي جواب ڏنو: مون کي پنهنجا قانون سيکار.
27
مون کي پنهنجن قاعدن جي واٽ سمجهاءِ: ۽ آءٌ تنهنجن عجيب ڪمن تي غور ڪندو رهندس.
28
غم جي ڪري منهنجي جان ڳرندي ٿي وڃي: تون پنهنجي ڪلام موجب مون کي طاقت ڏي.
29
ڪوڙ جي واٽ کان مون کي پري رک: ۽ ٻاجهہ ڪري مون کي پنهنجي شريعت ڏي.
30
مون وفاداريءَ جي واٽ پسند ڪئي آهي: ۽ تنهنجن فيصلن کي پنهنجي سامهون رکيو اٿم.
31
اي خداوند آءٌ تنهنجين شاهدين تي قائم رهيو آهيان: مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي.
32
جڏهن تون منهنجي همت وڌائيندين، تڏهن آءٌ تنهنجن حڪمن جي واٽ تي ڊوڙندس.
33
اي خداوند مون کي پنهنجي قانونن جي واٽ سيکار، تہ آءٌ توڙ تائين انهن کي مڃيندو رهندس.
34
مون کي سمجهہ ڏي تہ آءٌ تنهنجي شريعت کي مڃيندو رهندس؛ ۽ پنهنجيءَ ساريءَ دل سان انهيءَ تي عمل ڪندس.
35
مون کي پنهنجن حڪمن جي واٽ تي هلاءِ؛ ڇو جو انهيءَ ۾ منهنجي خوشي آهي.
36
منهنجيءَ دل کي پنهنجين شاهدين ڏانهن مائل ڪر، نہ لالچ ڏانهن.
37
منهنجين اکين کي اجاين شين تان ڦيراءِ؛ ۽ مون کي پنهنجيءَ واٽ ۾ جيار.
38
تون پنهنجي بندي جي واسطي پنهنجو ڪلام قائم ڪر، جنهن مان تنهنجو ڊپ پيدا ٿو ٿئي.
39
جنهن طعني کان آءٌ ڊڄان ٿو سو مون تان ٽاري ڇڏ؛ ڇو جو تنهنجا فيصلا چڱا آهن.
40
ڏس، مون تنهنجن حڪمن جو انتظار ڪيو آهي: پنهنجي راستبازيءَ جي ڪري مون کي جيار.
41
اي خداوند تنهنجي رحمت بہ مون تي نازل ٿئي. بلڪ پنهنجي ڪلام موجب مون کي نجات عطا ڪر.
42
تہ پوءِ جيڪو مون کي مهڻو ڏيندو تنهن کي آءٌ جواب ڏيئي سگهندس؛ ڇو جو منهنجو ڀروسو تنهنجي ڪلام تي آهي.
43
منهنجي وات مان سچائيءَ جو ڪلام اصل ڪڍي نہ وٺ؛ ڇو تہ منهنجي اُميد تنهنجن فيصلن تي آهي.
44
اهڙيءَ طرح آءٌ هميشہ تائين تنهنجيءَ شريعت تي عمل ڪندو رهندس.
45
۽ آءٌ آزاديءَ سان هلندو رهندس؛ ڇو جو آءٌ تنهنجن قاعدن جو طالب آهيان.
46
آءٌ بادشاهن جي اڳيان تنهنجين شاهدين جو بيان ڪندس، ۽ ڦڪو ڪين ٿيندس.
47
مون تنهنجن حڪمن کي پيار ڪيو آهي، آءٌ انهن جي ڪري خوشي ڪندس.
48
مون تنهنجن حڪمن کي پيار ڪيو آهي، سو آءٌ انهن ڏانهن پنهنجا هٿ کڻندس، ۽ تنهنجن قانونن تي غور ڪندس.
49
جيڪو ڪلام تو پنهنجي بندي سان ڪيو آهي، انهي کي ياد ڪر، ڇالاءِ جو تو مون کي اميد ڏني آهي.
50
منهنجن ڏکن ۾ مون کي اها ئي تسلي آهي: تہ تنهنجي ڪلام مون کي جياريو آهي.
51
مغرورن مون سان ڏاڍيون ٺٺوليون ڪيون آهن: پر آءٌ تنهنجيءَ شريعت کان ڪين ڦريو آهيان.
52
اي خداوند مون تنهنجا قديمي فيصلا ياد ڪيا آهن، ۽ مون کي تسلي ملي آهي.
53
جيڪي بدڪار تنهنجيءَ شريعت کان ڦري ٿا وڃن، تن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪا پيئي کائي.
54
پنهنجيءَ مسافريءَ ۾ آءٌ تنهنجن قانونن جو گيت ٿو ڳايان.
55
اي خداوند مون رات جو تنهنجو نالو ياد ڪيو آهي، ۽ تنهنجي شريعت تي عمل ڪيو اٿم.
56
اهو مون کي مليو آهي، ڇو جو آءٌ تنهنجن قاعدن کي مڃيان ٿو.
57
خداوند منهنجو حصو آهي: مون چيو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪلام تي عمل ڪندس.
58
مون پنهنجيءَ ساري دل سان توکي منٿ ڪئي تہ مون تي مهربان ٿيءُ: تون پنهنجي ڪلام پٽاندر مون تي رحم ڪر.
59
مون پنهنجين واٽن تي غور ڪيو، ۽ پنهنجا پير تنهنجين شاهدين ڏانهن ورايم.
60
مون تنهنجن حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ سيگهہ ڪئي، ۽ دير ڪانہ ڪيم.
61
بدڪارن جون رسيون مون کي چوڌاري ويڙهي ويون آهن؛ پر مون تنهنجي شريعت کي ڪين وساريو.
62
آءٌ آڌيءَ رات جو اُٿي، تنهنجن سچن فيصلن جي لاءِ تنهنجو شڪر ڪندس.
63
جيڪي توکان ڊڄن ٿا، ۽ تنهنجن قاعدن تي عمل ٿا ڪن، تن سڀني جو آءٌ ساٿي آهيان.
64
اي خداوند زمين تنهنجي رحم سان ڀرپور آهي: مون کي پنهنجا قانون سيکار.
65
اي خداوند تو پنهنجي ڪلام موجب پنهنجي بندي سان ڀلائي ڪئي آهي.
66
مون کي سچي عدالت ۽ دانائي سيکار؛ ڇو جو مون تنهنجن حڪمن تي ايمان آندو آهي.
67
مون تي مصيبتون آيون تنهن کان اڳي آءٌ گمراهہ هوس؛ پر هاڻي تنهنجي ڪلام تي عمل ٿو ڪريان.
68
تون نيڪ آهين، ۽ نيڪي ٿو ڪرين، مون کي پنهنجا قانون سيکار.
69
مغرورن مون تي ڪوڙي تهمت آندي آهي: آءٌ پنهنجيءَ سڄيءَ دل سان تنهنجن قاعدن کي مڃيندو رهندس.
70
انهن جي دل چرٻيءَ وانگر سڻڀي ٿي پيئي آهي؛ پر آءٌ تنهنجيءَ شريعت ۾ خوش ٿو ٿيان.
71
چڱو ٿيو جو مون ڏک سٺا؛ تہ آءٌ تنهنجا قانون سکان.
72
تنهنجي وات جي شريعت مون لاءِ هزارن مهرن ۽ چانديءَ کان بهتر آهي.
73
تنهنجن هٿن مون کي ٺاهيو ۽ جوڙيو آهي: مون کي سمجهہ عطا ڪر تہ آءٌ تنهنجا حڪم سکان.
74
جيڪي تو کان ڊڄن ٿا سي مون کي ڏسي خوش ٿيندا؛ ڇالاءِ جو منهنجي اُميد تنهنجي ڪلام تي آهي.
75
اي خداوند مون کي خبر آهي تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ تو پنهنجيءَ وفاداريءَ جي ڪري مون کي ڏک ڏنا آهن.
76
جو ڪلام تو پنهنجي بندي سان ڪيو آهي تنهن موجب پنهنجيءَ ٻاجهہ سان مون کي تسلي ڏي.
77
شل تنهنجون رحمتون مون تي نازل ٿين، تہ آءٌ جيئرو رهان: ڇو جو تنهنجيءَ شريعت ۾ منهنجي خوشي آهي.
78
ڀلي تہ مغرور شرمندا ٿين؛ ڇو جو هنن مون کي ڪوڙ سان ڪيرايو آهي: پر آءٌ تنهنجن قاعدن تي غور ڪندو رهندس.
79
جيڪي توکان ڊڄن ٿا سي شل مون ڏانهن ڦري اچن، تہ اهي تنهنجين شاهدين کي سمجهندا.
80
شل منهنجي دل تنهنجن قاعدن بابت ڪامل ٿئي، تہ آءٌ شرمندو نہ ٿيان.
81
منهنجي جان تنهنجي نجات جي لاءِ بيحال آهي: پر مون کي تنهنجي ڪلام تي ڀروسو آهي.
82
تنهنجي ڪلام جو انتظار ڪندي منهنجي اکين ۾ ڌنڌ ٿي پيو آهي، ۽ آءٌ ائين پيو چوان تہ ڪڏهن تون مون کي تسلي ڏيندين؟
83
منهنجو حال انهيءَ سانداريءَ جهڙو ٿيو آهي جا دونهين ۾ رکيل هجي؛ پر مون تنهنجن قانونن کي ڪين وساريو آهي.
84
تنهنجي بندي جا ڏينهن ڪيترا آهن؟ تون ڪڏهن منهنجي ستائيندڙن جي عدالت ڪندين؟
85
مغرور جي تنهنجيءَ شريعت جي پيروي نٿا ڪن، تن مون لاءِ کڏون کوٽيون.
86
اهي مون کي ناحق ٿا ستائين؛ تون منهنجي مدد ڪر. تنهنجا سڀ حڪم سچا آهن.
87
اهي مون کي زمين تان ذري گهٽ فنا ڪرڻ تي هئا، پر مون تنهنجن قاعدن کي ڇڏي نہ ڏنو.
88
تون پنهنجيءَ ٻاجهہ سان مون کي جيار؛ تہ آءٌ تنهنجي وات جي شاهدين تي عمل ڪريان.
89
اي خداوند تنهنجو ڪلام آسمان ۾ سدائين قائم آهي.
90
تنهنجي وفاداري سڀني پيڙهين تائين رهي ٿي: تو زمين کي قائم ڪيو، ۽ اها قائم آهي.
91
اهي تنهنجي حڪم موجب اڄوڪي ڏينهن تائين قائم آهن؛ ڇو جو سڀ شيون تنهنجيءَ خدمت لاءِ آهن.
92
جيڪڏهن منهنجي خوشي تنهنجيءَ شريعت ۾ نہ هجي ها، تہ هوند آءٌ پنهنجن ڏکن ۾ تباهہ ٿي وڃان ها.
93
آءٌ تنهنجا قاعدا ڪڏهن ڪين وساريندس؛ ڇو جو انهن جي وسيلي تو مون کي جياريو آهي.
94
آءٌ تنهنجو ئي آهيان، تون مون کي بچاءِ؛ ڇو تہ آءٌ تنهنجن قاعدن جو طالب رهيو آهيان.
95
بدڪار مون کي برباد ڪرڻ جي انتظار ۾ آهن؛ پر آءٌ تنهنجن شاهدين تي غور ڪندو رهندس.
96
مون ڏٺو آهي تہ هر ڪنهن ڪماليت جي حد آهي؛ پر تنهنجي حڪم جي ڪابہ حد ڪانهي.
97
اوهہ، مون کي تنهنجي شريعت ڪهڙي نہ پياري آهي! آءٌ سڄو ڏينهن مٿس غور پيو ڪريان.
98
تنهنجا حڪم مون کي منهنجن دشمنن کان وڌيڪ داناءُ ٿا بنائين؛ ڇو جو اهي هميشہ مون سان آهن.
99
مون کي پنهنجن سڀني استادن کان وڌيڪ سمجهہ آهي؛ ڇو جو آءٌ تنهنجين شاهدين تي غور ٿو ڪريان.
100
مون کي پير مردن کان بہ وڌيڪ سمجهہ آهي، ڇو تہ آءٌ تنهنجن قاعدن کي مڃيان ٿو.
101
مون پنهنجا پير سڀ ڪنهن بريءَ واٽ کان پري رکيا آهن، تہ آءٌ تنهنجي ڪلام تي عمل ڪريان.
102
آءٌ تنهنجن فيصلن کان ڪين ڦريو آهيان: ڇو جو تو مون کي تعليم ڏني آهي.
103
تنهنجو ڪلام منهنجي لاءِ ڪهڙو نہ مٺو آهي! هائو منهنجي وات کي ماکيءَ کان بہ مٺو ٿو لڳي.
104
تنهنجن قاعدن جي وسيلي مون کي سمجهہ ٿي ملي؛ تنهن ڪري آءٌ هر ڪنهن ڪوڙيءَ واٽ کان نفرت ٿو ڪريان.
105
تنهنجو ڪلام منهنجي واٽ لاءِ روشني، ۽ منهنجي پيرن لاءِ ڏيئو آهي.
106
مون قسم کنيو آهي، ۽ انهي تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجن سچن فيصلن تي عمل ڪندو رهندس.
107
آءٌ ڏاڍي ڏک ۾ آهيان: اي خداوند پنهنجي ڪلام موجب مون کي جيار.
108
اي خداوند منهنجي وات جي خوشيءَ جون قربانيون قبول ڪر، ۽ مون کي پنهنجا فيصلا سيکار.
109
منهنجو ساهہ هميشہ منهنجي مٺ ۾ آهي؛ تڏهن بہ آءٌ تنهنجي شريعت کي نٿو وساريان.
110
بدڪارن منهنجي لاءِ ڦندو وڌو، پر تڏهن بہ آءٌ تنهنجن قاعدن کان ڪين ڦريس.
111
مون تنهنجين شاهدين کي هميشہ لاءِ پنهنجو ورثو ڪيو آهي؛ ڇو تہ اهي منهنجيءَ دل جي خوشي آهن.
112
مون پنهنجي دل تنهنجي قانونن سان لڳائي آهي، تہ آءٌ هميشہ، بلڪ توڙ تائين انهن تي هلان.
113
مون کي ٻيائي ڪندڙن سان نفرت آهي؛ پر آءٌ تنهنجيءَ شريعت کي پيار ٿو ڪريان.
114
تون منهنجي لڪڻ جي جاءِ، ۽ منهنجي ڍال آهين: منهنجي اُميد تنهنجي ڪلام ۾ آهي.
115
اي بدڪارو، مون کان پري ٿيو؛ تہ آءٌ پنهنجي خدا جي حڪمن کي مڃيندو رهان.
116
تون پنهنجي ڪلام موجب مون کي سنڀال تہ آءٌ جيئرو رهان؛ ۽ پنهنجيءَ اُميد کان شرمندو نہ ٿيان.
117
مون کي سنڀالي وٺ، تہ آءٌ سلامت رهندس؛ ۽ هميشہ تنهنجي قانونن تي غور ڪندو رهندس.
118
جيڪي تنهنجي قانونن کان ڦري ويا آهن تن کي تو حقير ڪيو آهي: ڇو جو انهن جي دغابازي اجائي آهي.
119
تو زمين جي سڀني بدڪارن کي مَٺ وانگي ڪڍي ڦٽو ڪيو آهي: تنهن ڪري آءٌ تنهنجين شاهدين کي پيار ٿو ڪريان.
120
تنهنجي ڊپ کان منهنجا لڱ ٿا ڪانڊارجن، ۽ آءٌ تنهنجن فيصلن کان ڊڄان ٿو.
121
عدالت ۽ انصاف مون ڪيو آهي: مون کي منهنجي ستائيندڙن جي حوالي نہ ڪر.
122
ڀلائيءَ جي لاءِ پنهنجي بندي جو ضامن ٿيءُ: تہ مغرور مون تي ظلم نہ ڪن.
123
تنهنجيءَ نجات، ۽ تنهنجي سچي ڪلام جي انتظار ۾، منهنجون اکيون ڌنڌلائجي ويون آهن.
124
پنهنجي رحم موجب پنهنجي بندي سان سلوڪ ڪر، ۽ مون کي پنهنجا قانون سيکار.
125
آءٌ تنهنجو بندو آهيان، مون کي سمجهہ ڏي؛ تہ آءٌ تنهنجن شاهدين کي ڄاڻان.
126
وقت آيو آهي تہ خداوند ڪم ڪري؛ ڇو جو انهن تنهنجيءَ شريعت کي رد ڪيو آهي.
127
تنهن ڪري آءٌ تنهنجن حڪمن کي، سون کان بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪريان.
128
آءٌ تنهنجن سڀني قاعدن کي سچو ٿو سمجهان؛ ۽ هر ڪنهن ڪوڙيءَ واٽ کان مون کي نفرت آهي.
129
تنهنجا فرمان عجيب آهن: تنهن ڪري منهنجي جان انهن کي مڃي ٿي.
130
تنهنجي ڪلام جو مطالعو سوجهرو ٿو ڏئي؛ ۽ ڀورڙن کي سمجهہ ٿو بخشي.
131
آءٌ پنهنجو وات پٽي پئي سهڪيس؛ ڇو جو آءٌ تنهنجن حڪمن جي انتظار ۾ هوس.
132
تون مون ڏانهن نظر ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر، جيئن تو سان محبت ڪندڙن جو حق آهي.
133
پنهنجي ڪلام موجب منهنجيءَ چال کي درست ڪر، ائين نہ ٿئي جو ڪا برائي مون تي غالب پئجي وڃي.
134
انسان جي ظلم کان مون کي ڇڏاءِ، تہ آءٌ تنهنجن قاعدن تي عمل ڪريان.
135
پنهنجي بندي تي پنهنجو منهن چمڪاءِ؛ ۽ مون کي پنهنجا قانون سيکار.
136
منهنجن اکين مان پاڻيءَ جون نديون پيون وهن، ڇو جو هو تنهنجيءَ شريعت تي عمل نٿا ڪن.
137
اي خداوند تون صادق آهين، ۽ تنهنجا فيصلا سچا آهن:
138
تو راستبازيءَ سان ۽ پوري وفاداريءَ سان، پنهنجون شاهديون فرمايون آهن.
139
منهنجن دشمنن تنهنجي ڪلام کي وساري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري منهنجي غيرت مون کي کائي ويئي آهي.
140
تنهنجو ڪلام بلڪل خالص آهي؛ تنهن ڪري تنهنجو بندو هن کي پيار ٿو ڪري.
141
آءٌ خسيس ۽ حقير آهيان: تڏهن بہ تنهنجا قاعدا نٿو وساريان.
142
تنهنجي راستبازي هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ تنهنجي شريعت سچي آهي.
143
تڪليف ۽ رنج اچي مون کي ورايو آهي: تڏهن بہ تنهنجن حڪمن ۾ منهنجي خوشي آهي.
144
تنهنجون شاهديون هميشہ جي لاءِ راست آهن: مون کي سمجهہ ڏي تہ آءٌ جيئرو رهان.
145
آءٌ پنهنجي سالم دل سان دعا ٿو ڪريان؛ اي خداوند مون کي جواب ڏي: آءٌ تنهنجن قانونن تي عمل ڪندس.
146
مون توکان دعا گهري آهي؛ مون کي بچاءِ، ۽ آءٌ تنهنجن شاهدين کي مڃيندس.
147
مون پرهہ ڦٽڻ کان اڳي اٿي پڪاريو: ۽ تنهنجي ڪلام ۾ اُميد رکيم.
148
رات جي هر ڪنهن پهر ۾ منهنجي اک کلي رهي، تہ آءٌ تنهنجي ڪلام تي غور ڪريان.
149
تون پنهنجيءَ ٻاجهہ پٽاندر منهنجي ٻڌ: اي خداوند پنهنجي فيصلن موجب مون کي جيار.
150
جيڪي بڇڙائيءَ جي پٺيان لڳا آهن سي ويجها پوندا ٿا وڃن؛ پر اهي تنهنجيءَ شريعت کان پري آهن.
151
تون اي خداوند ويجهو آهين؛ ۽ تنهنجا سڀ حڪم سچا آهن.
152
مون گهڻي وقت کان تنهنجين شاهدين جي وسيلي سمجهيو آهي، تہ تو انهن کي هميشہ جي لاءِ قائم ڪيو آهي.
153
منهنجي مصيبت تي نظر ڪر، ۽ مون کي ڇڏاءِ؛ ڇو جو آءٌ تنهنجي شريعت نٿو وساريان.
154
تون منهنجي طرفان وڪالت ڪر، ۽ منهنجو بدلو ڏي؛ ۽ پنهنجي ڪلام موجب مون کي جيار.
155
نجات بدڪارن کان پري آهي؛ ڇو جو اهي تنهنجي قانونن کي نٿا ڳولين.
156
اي خداوند تنهنجون رحمتون گهڻيون آهن: پنهنجن فيصلن موجب مون کي جيار.
157
مون کي ستائڻ وارا ۽ منهنجا دشمن گهڻيئي آهن، تڏهن بہ آءٌ تنهنجين شاهدين کان ڪين هٽيو آهيان.
158
آءٌ دغابازن کي ڏسي ڏاڍو دلگير ٿيس؛ ڇالاءِ جو اهي تنهنجي ڪلام تي عمل نٿا ڪن.
159
خيال ڪر تہ آءٌ تنهنجن قاعدن کي ڪهڙو نہ پيار ٿو ڪريان: اي خداوند پنهنجيءَ ٻاجهہ موجب مون کي جيار.
160
تنهنجي ڪلام جو مطلب سچ آهي؛ ۽ تنهنجيءَ راستبازيءَ جا سڀ فيصلا هميشہ تائين قائم رهندا.
161
شهزادن مون کي بي سبب ستايو آهي؛ پر منهنجيءَ دل ۾ تنهنجي ڪلام جو ڊپ آهي.
162
آءٌ تنهنجي ڪلام جي ڪري اهڙو خوش آهيان، جو ڄڻ تہ وڏيءَ لٽ جو مال مليو اٿم.
163
مون کي ڪوڙ کان نفرت ۽ حقارت آهي؛ پر تنهنجيءَ شريعت کي پيار ٿو ڪريان.
164
آءٌ تنهنجيءَ راستبازي جي فيصلن جي لاءِ، ڏينهن ۾ ست ڀيرا تنهنجي تعريف ٿو ڪريان.
165
جيڪي تنهنجي شريعت کي پيار ٿا ڪن، تن جي لاءِ ججهي سلامتي آهي؛ ۽ اُهي ڪڏهن بہ ٿاٻو نٿا کائين.
166
اي خداوند مون تنهنجيءَ نجات جي اميد رکي آهي، ۽ تنهنجن حڪمن تي هليو آهيان.
167
منهنجيءَ جان تنهنجن شاهدين تي عمل ڪيو آهي؛ ۽ آءٌ انهن کي ڏاڍو پيار ٿو ڪريان.
168
مون تنهنجن قاعدن ۽ تنهنجين شاهدين تي عمل ڪيو آهي؛ ڇو جو منهنجون سڀ واٽون تنهنجي سامهون آهن.
169
اي خداوند شل منهنجو فرياد تنهنجي حضور ۾ پهچي: پنهنجي ڪلام موجب مون کي سمجهہ ڏي.
170
شل منهنجو عرض تنهنجي حضور ۾ پهچي: پنهنجي ڪلام موجب مون کي ڇڏاءِ:
171
شل منهنجي واتان تنهنجي تعريف ٿئي؛ ڇالاءِ جو تون مون کي پنهنجا قانون ٿو سيکارين.
172
شل منهنجي زبان تنهنجي ڪلام جو گيت ڳائي؛ ڇو جو تنهنجا سڀ حڪم راست آهن.
173
شل تنهنجو هٿ منهنجي مدد لاءِ تيار رهي؛ ڇو جو مون تنهنجن قاعدن کي پسند ڪيو آهي.
174
اي خداوند آءٌ تنهنجيءَ نجات جو مشتاق آهيان؛ ۽ تنهنجيءَ شريعت ۾ منهنجي خوشي آهي.
175
شل منهنجي جان جيئري رهي، ۽ اها تنهنجي تعريف ڪندي؛ شل تنهنجا فيصلا منهنجي مدد ڪن.
176
آءٌ گم ٿيل رڍ وانگي گمراهہ ٿي ويو آهيان؛ تون پنهنجي بندي کي ڳولي لهہ؛ ڇو جو آءٌ تنهنجن حڪمن کي نٿو وساريان.
← Chapter 118
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 67
Chapter 68
Chapter 69
Chapter 70
Chapter 71
Chapter 72
Chapter 73
Chapter 74
Chapter 75
Chapter 76
Chapter 77
Chapter 78
Chapter 79
Chapter 80
Chapter 81
Chapter 82
Chapter 83
Chapter 84
Chapter 85
Chapter 86
Chapter 87
Chapter 88
Chapter 89
Chapter 90
Chapter 91
Chapter 92
Chapter 93
Chapter 94
Chapter 95
Chapter 96
Chapter 97
Chapter 98
Chapter 99
Chapter 100
Chapter 101
Chapter 102
Chapter 103
Chapter 104
Chapter 105
Chapter 106
Chapter 107
Chapter 108
Chapter 109
Chapter 110
Chapter 111
Chapter 112
Chapter 113
Chapter 114
Chapter 115
Chapter 116
Chapter 117
Chapter 118
Chapter 119
Chapter 120
Chapter 121
Chapter 122
Chapter 123
Chapter 124
Chapter 125
Chapter 126
Chapter 127
Chapter 128
Chapter 129
Chapter 130
Chapter 131
Chapter 132
Chapter 133
Chapter 134
Chapter 135
Chapter 136
Chapter 137
Chapter 138
Chapter 139
Chapter 140
Chapter 141
Chapter 142
Chapter 143
Chapter 144
Chapter 145
Chapter 146
Chapter 147
Chapter 148
Chapter 149
Chapter 150
Chapter 120 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66
67
68
69
70
71
72
73
74
75
76
77
78
79
80
81
82
83
84
85
86
87
88
89
90
91
92
93
94
95
96
97
98
99
100
101
102
103
104
105
106
107
108
109
110
111
112
113
114
115
116
117
118
119
120
121
122
123
124
125
126
127
128
129
130
131
132
133
134
135
136
137
138
139
140
141
142
143
144
145
146
147
148
149
150