bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
/
Matthew 11
Matthew 11
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 12 →
1
جڏھن عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھدايتون ڏيئي چڪو تہ ھو اتان روانو ٿي ويو، تہ جيئن ويجھن شھرن ۾ وڃي تعليم ڏئي ۽ تبليغ ڪري.
2
جڏھن يحيٰ جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ ھن پنھنجا ڪي شاگرد عيسيٰ ڏانھن موڪليا.
3
ھنن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“
4
تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنن تہ ”جيڪي ڪجھہ اوھين ٻڌو ۽ ڏسو ٿا سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ
5
انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.
6
سڀاڳو آھي اُھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“
7
جڏھن اُھي ھليا ويا تہ عيسيٰ ميڙ کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوھين رڻپٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟
8
پر آخر ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ماڻھوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي بادشاھن جي محلن ۾ ھوندا آھن.
9
پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ھڪ نبيءَ کي؟ ھا، تہ ٻڌو آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.
10
يحيٰ اھو آھي جنھن بابت خدائي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ’آءٌ پنھنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو تہ ھو تنھنجو رستو تو لاءِ تيار ڪري.‘
11
آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪيبہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، تن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ آسمان واري بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.
12
يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان وٺي ھن وقت تائين آسمان واري بادشاھت تي ڏاڍائي پئي ٿي آھي ۽ ڏاڍا ماڻھو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائين ٿا.
13
ڇالاءِجو سڀني نبين ۽ توريت اھا ڳالھہ يحيٰ جي وقت تائين اڳڪٿي ڪري ٻڌائي آھي.
14
جيڪڏھن اوھين اعتبار ڪريو تہ الياس نبي، جيڪو اچڻ وارو ھو سو ھي يحيٰ اٿوَ.
15
جنھن کي بہ ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“
16
ھن وڌيڪ چيو تہ ”ھن زماني جي ماڻھن کي آءٌ ڪنھن سان ڀيٽيان؟ اھي تہ انھن ٻارن وانگر آھن جيڪي بازارن ۾ ويھي ھڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ
17
’اسان اوھان لاءِ شرناءِ وڄائي پر اوھين نچيا ئي ڪين، اسان سوڳ ڪيو پر اوھين رنا ئي ڪين.‘
18
يحيٰ نہ کائيندو نہ پيئندو آيو آھي، تنھنڪري ماڻھو چون ٿا تہ ھن ۾ ڀوت آھي.
19
ابنآدم تہ کائيندو پيئندو آيو آھي، تنھنڪري ھر ڪو پيو چوي تہ ’ڏسو، ھو پيٽو ۽ شرابي آھي، محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو دوست آھي.‘ خدا جي سياڻپ تہ سندس ڪمن مان ئي سچي ثابت ٿئي ٿي.“
20
پوءِ عيسيٰ انھن شھرن کي نندڻ لڳو جن ۾ ھن معجزا ڪيا ھئا، ڇاڪاڻتہ ماڻھن پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪئي ھئي.
21
”مصيبت آھي تو تي اي شھر خرازين! ۽ مصيبت آھي تو تي اي شھر بيتصيدا! ڇالاءِجو جيڪي معجزا اوھان ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ ڪڏھن جو اتان جا ماڻھو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ رک وجھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪن ھا.
22
آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن اوھين صور ۽ صيدا کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.
23
اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ بلڪل نہ، پر اٽلندو تون پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين. ڇالاءِجو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن سدوم شھر ۾ ڪيا وڃن ھا تہ اھو جيڪر اڄ ڏينھن تائين قائم ھجي ھا.
24
تہ پوءِ آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن تون سدوم شھر کان وڌيڪ ڀوڳيندين.“
25
تنھن وقت عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! زمين ۽ آسمان جا مالڪ، آءٌ تنھنجا احسان مڃان ٿو جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن کي ظاھر ڪري ڏيکاريون اٿيئي.
26
ھا بابا، ڇالاءِجو تنھنجي رضا ۽ خوشيءَ سان ائين ٿيو آھي.“
27
پوءِ مسيح چيو تہ ”منھنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آھن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي ۽ نڪي پٽ کانسواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اھي جن تي پٽ ظاھر ڪري.
28
اوھين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آھيو سي مون وٽ اچو، آءٌ اوھان کي آرام ڏيندس.
29
منھنجي پاڃاري پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇالاءِجو آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آھيان. اوھان جي روح کي آرام ملندو،
30
ڇالاءِجو منھنجي پاڃاري سولي آھي ۽ منھنجو بار ھلڪو آھي.“
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28