bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
/
Matthew 28
Matthew 28
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
1
سبت جي ڏينھن کان پوءِ جڏھن آچر جي صبح جي پرھہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏسڻ ويون.
2
ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ آسمان مان ھيٺ لٿو ۽ قبر جي منھن واري پٿر کي پاسي تي ريڙھي مٿس چڙھي ويٺو.
3
ھن جي صورت وڄ جھڙي ھئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ھئي.
4
پھريدار کانئس اھڙا تہ ڊنا جو مُڙدن وانگر پئجي رھيا.
5
انھيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوھين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھين عيسيٰ کي ڳولي رھيون آھيو، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو.
6
ھو ھتي ڪونھي، ڇالاءِجو جيئن ھن چيو ھو تيئن ئي ھو جيئرو ٿي اٿيو آھي. ھيڏانھن اچو ۽ اھا جاءِ ڏسو جتي ھو پيل ھو.
7
ھاڻي جلدي وڃو ۽ وڃي ھن جي شاگردن کي ٻڌايو تہ ’ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن وڃي رھيو آھي، اُتي اوھين کيس ڏسندا.‘ جيڪي مون اوھان کي ٻڌايو آھي سو وساري نہ ڇڏجو.“
8
سو اھي ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان جلدي قبر مان نڪتيون ۽ عيسيٰ جي شاگردن کي ٻڌائڻ لاءِ ڀڄنديون ويون.
9
اوچتو ئي عيسيٰ انھن کي مليو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ تڏھن اھي وٽس آيون ۽ پيرن تي ڪري کيس سجدو ڪيائون.
10
عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منھنجي ڀائرن کي چئو تہ ھو گليل ڏانھن ھلن، اُتي ھو مون کي ڏسندا.“
11
جڏھن عورتون پنھنجو رستو وٺي ويون پئي تہ ڪي پھريدار جن قبر تي پھرو پئي ڏنو، سي موٽي شھر ڏانھن آيا ۽ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو سو سڀ اچي سردار ڪاھنن کي ٻڌايائون.
12
سردار ڪاھنن چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪئي ۽ سپاھين کي جھجھا پيسا رشوت ڏنائون، تہ جيئن
13
اھي چون تہ ”جڏھن رات جو اسين سمھيا پيا ھئاسين تڏھن عيسيٰ جا شاگرد آيا ۽ سندس ميت چورائي کڻي ويا.“
14
ھنن سپاھين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏھن اھا ڳالھہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻھي ھن کي سمجھائينداسين، سو اوھان کي ڪنھن بہ ڳالھہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“
15
پھريدارن پيسا ورتا ۽ جيئن کين چيو ويو ھو تيئن ئي ڪيائون. ان ئي ڏينھن کان وٺي اھا ڳالھہ يھودين ۾ ھُلي ويئي آھي ۽ اڃا تائين مشھور آھي.
16
يارھن ئي شاگرد گليل ۾ انھيءَ جبل ڏانھن ويا جتي عيسيٰ وڃڻ لاءِ چيو ھون.
17
جڏھن انھن کيس ڏٺو تہ ھن کي سجدو ڪرڻ لڳا، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ ھو.
18
عيسيٰ ويجھو اچي انھن سان ڳالھائيندي چيو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان جون سڀيئي اختياريون مليل آھن.
19
تنھن ڪري اوھين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انھن کي منھنجا شاگرد ڪريو. انھن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو،
20
۽ کين تعليم ڏيو تہ انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪن جن جو مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين ھميشہ اوھان سان ھوندس.“
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28