bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
/
Matthew 3
Matthew 3
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 4 →
1
انھن ڏينھن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يھوديہ جي رڻپٽ ۾ تبليغ ڪندو پئي آيو تہ
2
”توبھہ ڪريو جو آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“
3
يحيٰ اھو ئي ھو جنھن لاءِ يسعياہ نبي چيو ھو تہ ”رڻپٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو، ھن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“
4
يحيٰ کي ملس جا ڪپڙا پھريل ھوندا ھئا، کيس چيلھہ ۾ چمڙي جو پٽو ٻڌل ھوندو ھو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي ھئي.
5
ماڻھو ھن وٽ يروشلم کان، سڄي يھوديہ کان ۽ اردن درياءَ جي چوطرف وارن علائقن کان پئي آيا.
6
انھن پنھنجا گناھہ پئي باسيا ۽ ھن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.
7
يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟
8
اھڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوھان سچپچ پنھنجن گناھن تي پڇتايو آھي.
9
ائين نہ سمجھو تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا ھنن پٿرن مان بہ ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.
10
ھاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪھاڙو تيار رکيو ويو آھي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باھہ ۾ اڇلائبو.
11
آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوھان گناھن کان توبھہ ڪئي آھي، پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو. ھو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي، آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آھيان.
12
ھن جي ھٿ ۾ پنھنجو ڇڄ آھي ۽ ھو پنھنجي ڳاھہ جي پِڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. ھو پنھنجي ڪڻڪ پنھنجن ڀانڊن ۾ انبار ڪندو پر بُھہ کي اھڙي باھہ ۾ ساڙيندو جيڪا ڪڏھن بہ نہ ٿي وسامي.“
13
پوءِ عيسيٰ گليل کان اردن درياءَ تي يحيٰ وٽ آيو تہ کانئس بپتسما وٺي.
14
پر يحيٰ کيس منع ڪرڻ لڳو ۽ چيائينس تہ ”مون کي تہ پاڻ تو کان بپتسما وٺڻ گھرجي ۽ تون وري مون وٽ آيو آھين؟“
15
تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”فيالحال تہ منھنجي مڃ، ڇالاءِجو اھڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪئي.
16
سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاھر آيو تہ ھن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح ھڪ ڪبوتر وانگر ھيٺ لھندو ۽ پاڻ تي ويھندو ڏٺائين.
17
پوءِ آسمان مان ھڪ آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ آءٌ ھن مان ڏاڍو خوش آھيان.“
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28