bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 John 1
1 John 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 2 →
1
اسين اوهان ڏانهن زندگيءَ جي ڪلام بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي هو. اسان اهو ٻڌو ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي. هائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آهي بلڪ پنهنجن هٿن سان ڇهيو بہ آهي.
2
هو جيڪو خود زندگي هو، سو ظاهر ٿيو ۽ اسان انهيءَ کي ڏٺو. اسين شاهدي ڏيئي انهيءَ دائمي زندگيءَ بابت اوهان کي ٻڌايون ٿا، جيڪا خدا پيءُ سان هئي ۽ اسان تي ظاهر ٿي.
3
جيڪي ڪجھہ اسان پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوهين اسان سان انهيءَ ميل ميلاپ ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو اسان کي خدا پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آهي.
4
هي ڳالهيون اسين انهيءَ لاءِ لکي رهيا آهيون تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.
5
هاڻي جيڪو پيغام اسان عيسيٰ مسيح کان ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ ”خدا روشني آهي ۽ منجھس اوندهہ تہ اصل آهي ئي ڪانہ.“
6
پوءِ جيڪڏهن اسين چئون تہ خدا سان اسان جو ميل ميلاپ آهي ۽ هلون وري اوندهہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.
7
پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.
8
جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان ۾ گناهہ آهي ئي ڪونہ، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچ موجود ڪونهي.
9
پر جيڪڏهن اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ خدا اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪرڻ وارو پنهنجو واعدو پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي.
10
هاڻ جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، تڏهن اسين ڄڻ خدا کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس پيغام موجود نہ آهي.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5