bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 John 3
1 John 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 4 →
1
ڏسو، خدا پيءُ جو اسان سان ڪيڏو نہ پيار آهي! ايتري قدر جو اسين سندس ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آهيون بہ. پر دنيا وارا اسان کي نہ ٿا ڄاڻين، ڇاڪاڻ تہ هنن خدا کي بہ نہ ڄاتو.
2
اي عزيزؤ! هاڻي اسين خدا جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي.
3
جنهن کي بہ مسيح ۾ اهڙي اميد آهي، سو پاڻ کي اهڙو پاڪ ڪري جهڙو مسيح پاڪ آهي.
4
جيڪو بہ گناهہ ڪري ٿو سو خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري. هائو، گناهہ خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ئي آهي.
5
اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن گناهن کي کڻي وڃي ۽ هو ئي آهي جنهن ۾ گناهہ آهي ئي ڪونہ.
6
تنهنڪري جيڪو منجھس قائم رهي ٿو سو گناهہ نہ ٿو ڪري. پر جيڪو گناهہ ڪري ٿو تنهن نہ کيس ڏٺو آهي ۽ نہ وري کيس ڄاتو آهي.
7
سو اي پيارا ٻارؤ! ڪنهن جي دوکي ۾ نہ اچجو. جيڪو سچائيءَ جا ڪم ڪري ٿو سو ئي سچار آهي، جيئن مسيح سچار آهي.
8
جيڪو گناهہ ڪري ٿو سو ابليس جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ ابليس شروع کان وٺي گناهہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن ابليس جي ڪمن کي ناس ڪري.
9
جيڪو خدا جو ٻار آهي سو گناهہ نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ خدا جي فطرت منجھس رهي ٿي. هائو، جيئن تہ هو خدا جو ٻار بڻيو آهي تنهنڪري هو گناهہ ڪري ئي نہ ٿو سگھي.
10
سو ڪير خدا جو ٻار آهي ۽ ڪير ابليس جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آهي.
11
هي ئي اهو پيغام آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون.
12
اوهين قابيل وانگر نہ ٿجو، جيڪو ابليس جي ٽولي مان هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. قابيل پنهنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ انهيءَ ڪري جو قابيل جا ڪم بڇڙا هئا، جڏهن تہ سندس ڀاءُ جا ڪم سچائيءَ وارا هئا.
13
سو منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن دنيا وارا اوهان سان دشمني ٿا رکن تہ عجب نہ کائو.
14
اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين پنهنجن همايمان ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آهي.
15
جيڪو بہ پنهنجي ڪنهن همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آهي ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ خوني دائمي زندگيءَ جي حالت ۾ نہ آهي.
16
اسان پيار کي انهيءَ مان ڄاتو آهي تہ مسيح اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني. سو اسان جو بہ فرض آهي تہ اسين پنهنجن همايمان ڀائرن ڀينرن لاءِ جان ڏيون.
17
جيڪڏهن ڪنهن وٽ دنيا جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟
18
اي پيارا ٻارؤ! اسين رڳو ڳالهين ۽ زبان سان نہ، پر عملي طور سچ مطابق پيار ڪريون.
19
انهيءَ مان اهو ڄاڻينداسين تہ اسين سچ تي آهيون ۽ جنهن ڳالهہ ۾ اسان جي دل محسوس ڪري ٿي تہ اسين گنهگار آهيون، تنهن جي باري ۾ اسين خدا جي حضور ۾ خاطري ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪو سڀ ڪجھہ ڄاڻي ٿو، تنهن جي آڏو اسان جي دلين جي ڪهڙي حيثيت آهي؟
21
اي عزيزؤ! جيڪڏهن اسان جي دل محسوس نہ ٿي ڪري تہ اسين گنهگار آهيون، تڏهن خدا جي آڏو اسين اعتماد سان حاضر ٿي سگھون ٿا.
22
هاڻ جيڪو ڪجھہ اسين خدا کان گھرون ٿا، سو اسان کي وٽانئس ملي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون ٿا ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريون ٿا، جيڪي کيس پسند آهي.
23
هاڻ هن جو حڪم ڪهڙو آهي؟ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ هڪٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن مسيح اسان کي حڪم ڏنو آهي.
24
بيشڪ جيڪو خدا جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، سو منجھس رهي ٿو ۽ هو انهيءَ ۾ رهي ٿو. اسين سندس عطا ڪيل پاڪ روح جي ڪري ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رهي ٿو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5