bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 John 2
1 John 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 3 →
1
اي منهنجا پيارا ٻارؤ! آءٌ هي اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان، تہ جيئن اوهين گناهہ نہ ڪريو. پر جيڪڏهن ڪو شخص گناهہ ڪري ٿو تہ پيءُ وٽ اسان جي سفارش ڪندڙ هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو خود سچار آهي.
2
اهو ئي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قرباني آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي جهان جي گناهن جو ڪفارو پڻ.
3
جيڪڏهن اسين خدا جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا.
4
جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا کي ڄاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اهو شخص ڪوڙو آهي ۽ هن ۾ سچ اصل موجود ڪونہ آهي.
5
پر جيڪو خدا جي پيغام تي عمل ڪري ٿو تہ بيشڪ انهيءَ شخص ۾ خدا جي محبت مڪمل ٿي چڪي آهي. انهيءَ مان اسان کي يقين ٿئي ٿو تہ اسين خدا ۾ آهيون.
6
جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا ۾ رهان ٿو،“ تنهن تي لازم آهي تہ هو اهڙيءَ طرح وفاداريءَ سان هلي جهڙيءَ طرح مسيح هلندو هو.
7
اي عزيزؤ! آءٌ اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نہ پر اهو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروع کان وٺي اوهان کي مليل آهي. هي پراڻو حڪم هڪٻئي سان پيار وارو اهو ئي پيغام آهي، جيڪو اوهين ٻڌي چڪا آهيو.
8
تڏهن بہ جيڪو حڪم آءٌ اوهان ڏانهن لکي رهيو آهيان، سو نئون آهي جو انهيءَ جي سچائي مسيح جي ۽ اوهان جي زندگيءَ مان ڏسڻ ۾ ٿي اچي، ڇاڪاڻ تہ اونداهي ختم ٿي رهي آهي ۽ حقيقي روشنيءَ جي چمڪ وڌي رهي آهي.
9
جيڪو دعويٰ ٿو ڪري تہ ”آءٌ روشنيءَ ۾ آهيان،“ پر پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري، سو اڃا تائين اونداهيءَ ۾ آهي.
10
جيڪو پنهنجي همايمان سان پيار ٿو ڪري، سو روشنيءَ ۾ ٿو رهي ۽ منجھس اهڙي ڪابہ ڳالهہ نہ آهي جيڪا کيس گمراهہ ڪري.
11
پر جيڪو پنهنجي همايمان سان نفرت ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ آهي ۽ اونداهيءَ ۾ هلي ٿو. کيس خبر نہ آهي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اونداهيءَ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي.
12
اي منهنجا عزيزؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو مسيح جي نالي جي ڪري اوهان جا گناهہ معاف ڪيا ويا آهن.
13
اي پوڙهؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو اوهين شيطان تي فتحياب ٿيا آهيو.
14
اي منهنجا عزيزؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين پيءُ کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. اي پوڙهؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو ۽ خدا جو پيغام اوهان ۾ رهي ٿو ۽ اوهين شيطان تي فتحياب ٿيا آهيو.
15
نہ دنيا سان پيار ڪريو، نڪي انهن شين سان جيڪي دنيا جون آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي دنيا سان پيار آهي تہ انهيءَ ۾ خدا پيءُ جو پيار ڪونہ آهي.
16
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي ڪجھہ دنيا جو آهي، يعني جسماني خواهش، اکين جي خواهش ۽ دنياوي مغروري، سي پيءُ جي طرفان نہ آهن پر دنيا جي طرفان آهن.
17
جڏهن تہ دنيا ۽ ان جون موهيندڙ شيون فنا ٿينديون ٿيون وڃن، پر جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب هلي ٿو سو هميشہ قائم رهي ٿو.
18
پيارا ٻارؤ! هي آخري وقت آهي. اوهان ٻڌو آهي تہ مسيح جو هڪ مخالف اچڻ وارو آهي، جڏهن تہ هاڻي مسيح جا ڪيترائي مخالف ظاهر ٿيا آهن، جنهن مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ هي ئي آخري وقت آهي.
19
مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.
20
پر اوهان تي پاڪ هستيءَ پنهنجو روح نازل ڪري اوهان کي مخصوص ڪيو آهي، تنهنڪري اوهان سڀني کي سچائيءَ جي ڄاڻ آهي.
21
مون اوهان ڏانهن هن ڪري نہ لکيو آهي تہ اوهين سچ کان اڻڄاڻ آهيو. پر انهيءَ لاءِ لکيو اٿم تہ اوهين سچ کي ڄاڻو ٿا ۽ هي بہ ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ڪوڙ سچ مان نہ ٿو نڪري.
22
هاڻي ڏسو، ڪوڙو ڪير آهي؟ ڪوڙو اهو آهي جيڪو انڪار ڪندي چوي ٿو تہ ” عيسيٰ اهو مسيح نہ آهي.“ اِهو ئي مسيح جو مخالف آهي، ڇو تہ هو پيءُ ۽ فرزند جو انڪار ڪري ٿو.
23
جيڪو فرزند جو انڪار ٿو ڪري تنهن وٽ پيءُ بہ نہ آهي، پر جيڪو فرزند جو اقرار ڪري ٿو تنهن وٽ پيءُ بہ آهي.
24
هاڻ جيڪو ڪجھہ اوهان شروع کان ٻڌو آهي، سو اوهان ۾ قائم رهي. جيڪڏهن اهو اوهان ۾ قائم رهيو تہ اوهين بہ فرزند ۽ پيءُ ۾ قائم رهندا.
25
تڏهن اها دائمي زندگي جنهن جو واعدو فرزند يعني عيسيٰ مسيح اسان سان ڪيو آهي، سا اوهان ۾ هوندي.
26
مون هي ڳالهيون اوهان ڏانهن انهن ماڻهن بابت لکيون آهن، جيڪي اوهان کي گمراهہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
27
پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.
28
هاڻي اي پيارا ٻارؤ! مسيح ۾ قائم رهندا اچو تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي، تڏهن اسان کي اهو اعتماد هجي تہ سندس اچڻ مهل اسين هن جي اڳيان شرمندا نہ ٿينداسين.
29
جيئن تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح سچار آهي، تہ پوءِ اوهين اهو بہ پڪ ڄاڻو تہ جيڪو بہ سچائيءَ جا ڪم ٿو ڪري تنهن کي خدا پنهنجو ٻار بڻايو آهي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5