bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Thessalonians 1
1 Thessalonians 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 2 →
1
هي خط مون پولس سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي آهي. شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي هجي.
2
اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا ادا ڪندا ٿا رهون ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون.
3
هائو، اوهان جي ايمان واري عمل، محبت ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي خدا پيءُ جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.
4
اي ڀائرو ۽ ڀينرون، اي خدا جا پيارؤ! اهو ڄاڻيندي اسين خدا جا شڪرانا ادا ٿا ڪريون تہ هن اوهان کي چونڊي ورتو آهي.
5
انهيءَ لاءِ جو جيڪا خوشخبري اسان اوهان وٽ پهچائي سا نہ رڳو لفظي طور پر قدرت، پاڪ روح ۽ پوري يقين سان پهتي آهي. اوهين بہ اسان بابت ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ اوهان جي خاطر ڪهڙي زندگي گذاريسين.
6
اوهين اسان جي ۽ خداوند عيسيٰ جي نقشِقدم تي هلندڙ بڻيا جڏهن گھڻو ستايو وڃڻ جي باوجود اوهان پاڪ روح جي مليل خوشيءَ سان خدا جو پيغام قبول ڪيو.
7
ايتري قدر جو اوهين مڪدُنيا ۽ اخيا صوبن جي سڀني ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيا.
8
اهڙيءَ طرح مڪدُنيا ۽ اخيا کان ٻاهر بہ اوهان جي ڪري خداوند عيسيٰ بابت پيغام ڦهليو آهي. هائو، اوهان جو خدا تي ايمان هر هنڌ ايڏو تہ مشهور ٿي ويو آهي جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي.
9
ماڻهو پاڻ ئي ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان اسان کي قبول ڪيو جو اوهين بتن جي پوڄا کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦِريا، تہ جيئن اوهين زندہ ۽ سچي خدا جي عبادت ڪريو
10
۽ آسمان مان سندس فرزند جي اچڻ جو انتظار ڪريو، جنهن کي هن مئلن مان جياريو. اهو فرزند عيسيٰ ئي آهي، جيڪو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5