bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Thessalonians 4
1 Thessalonians 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 5 →
1
انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ خداوند عيسيٰ ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي، جيڪا اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.
2
اوهين ائين ڪري سگھو ٿا، ڇاڪاڻ تہ خداوند عيسيٰ جي اختياريءَ سان جيڪي حڪم اسان اوهان کي ڏنا سي اوهين ڄاڻو ٿا.
3
مطلب تہ خدا جي مرضي اها آهي تہ اوهين هن لاءِ مخصوص ۽ پاڪ رهو. سو زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو.
4
اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي بدن کي پاڪ ۽ عزت واري نموني ۾ تابع رکڻ سکي،
5
يعني انهن قومن وانگر پنهنجي زندگي شهوتپرستيءَ ۾ نہ گذاري، جيڪي خدا کي نہ ٿيون ڄاڻين.
6
سو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪوبہ ايمان وارو پنهنجي ڪنهن همايمان سان زيادتي يا ٺڳي ڪندي سندس گھر تي بري نظر نہ رکي. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوهان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آهي تہ خداوند اهڙن سڀني گناهن جي سزا ڏيندو.
7
ياد رکو، خدا اسان کي ناپاڪ زندگي گذارڻ لاءِ نہ، پر پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ سڏيو آهي.
8
تنهنڪري جيڪو هيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻهوءَ کي نہ، بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوهان کي پنهنجو پاڪ روح عطا ڪري ٿو.
9
هاڻي هڪٻئي سان پيار ڪرڻ بابت اوهان ڏانهن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪرڻ خدا پاڻ اوهان کي سيکاريو آهي.
10
اهو پيار اوهين سچ پچ پوري مڪدُنيا صوبي جي سڀني ايمان وارن سان بہ ڪريو ٿا. تڏهن بہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.
11
جهڙيءَ طرح اسان اوهان کي اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي، تهڙيءَ طرح ڪوشش ڪري امن وَ امان واري زندگي گذاريو، پنهنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو.
12
انهيءَ طرح اوهين ڪنهن بہ شيءِ جا محتاج نہ رهندا ۽ اوهان جي روزاني هلت چلت جي ڪري ڪليسيا کان ٻاهر وارن سان اوهان جو رويو بهتر رهندو.
13
هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين چاهيون ٿا تہ جيڪي ايمان وارا قبر ۾ وڃي ستا آهن تن بابت اوهين اها ڄاڻ رکو تہ انهن جو ڇا ٿيندو، تہ جيئن انهن ماڻهن وانگر غمگين نہ ٿيو جن کي ڪا اميد ئي ڪانهي.
14
ڏسو، جيئن تہ اسان جو ايمان آهي تہ عيسيٰ مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو، تيئن اسان جو هي بہ ايمان آهي تہ جيڪي عيسيٰ ۾ مري ويا آهن، تن کي بہ خدا عيسيٰ سان گڏ رهائيندو.
15
انهيءَ بابت اسين اوهان کي خداوند عيسيٰ جي فرمان موجب کولي ٻڌايون ٿا تہ سندس اچڻ وقت اسان مان جيڪي جيئرا هوندا سي ڪنهن بہ طرح انهن کان اڳتي ڪين ٿي ويندا جيڪي قبر ۾ وڃي ستا آهن.
16
اهو ملائڪن جي سردار جي آواز سان ۽ خدا طرفان توتاري وڄڻ سان ٿيندو. ان وقت خداوند عيسيٰ وڏي واڪي حڪم ڏيندي پاڻ آسمان مان هيٺ لهندو. تڏهن جيڪي مسيح تي ايمان رکندي مري ويا آهن سي پهريائين جيئرا ٿي اٿندا.
17
انهيءَ کان پوءِ اسان ايمان وارن مان جيڪي ان وقت جيئرا هوندا سي انهن سان گڏ ڪڪرن ۾ مٿي کنيا ويندا، تہ جيئن هوا ۾ خداوند عيسيٰ جو استقبال ڪن. انهيءَ طرح اسين سڀ خداوند عيسيٰ سان هميشہ گڏ رهنداسين.
18
سو اوهين انهن ڳالهين سان هڪٻئي کي همتائيندا ڪريو.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5