bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Thessalonians 2
1 Thessalonians 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 3 →
1
سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسان جو اوهان وٽ اچڻ اجايو ڪين ٿيو.
2
اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان وٽ اچڻ کان اڳ فلپي شهر ۾ اسان ڪيڏيون نہ تڪليفون سٺيون ۽ ڪيئن نہ اسان کي بيعزت ڪيو ويو. پر خدا اسان کي همت ڏني جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوهان وٽ اچي بنا ڪنهن خوف جي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي.
3
اوهين اهو بہ ڄاڻو ٿا تہ اوهان ۾ اسان جي تبليغ گمراهيءَ واري نہ هئي، نڪي اسان جو مقصد ناپاڪ هو ۽ نہ وري اسان جي نيت ٺڳيءَ واري هئي.
4
ان جي ابتڙ خدا اسان کي لائق قرار ڏيئي خوشخبريءَ جو پيغام جيئن اسان جي حوالي ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻهن کي نہ پر خدا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي پرکي ٿو.
5
اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ ڪڏهن بہ خوشامند جي ڳالهہ نہ ڪئي، نڪي اسان جي دل ۾ ڪا لالچ هئي. خدا انهيءَ ڳالهہ جو شاهد آهي.
6
اسان ماڻهن کان پنهنجي تعريف ڪرائڻ بہ نہ گھري، نہ اوهان کان، نہ ڪنهن ٻئي کان، جيتوڻيڪ مسيح جا رسول هئڻ جي حيثيت ۾ اسين اوهان تي هر طرح جو بار وجھي ٿي سگھياسين.
7
اٽلندو اسين اوهان سان اهڙي نرميءَ سان هلياسين، جهڙيءَ طرح ماءُ پنهنجي ٻارڙن کي سنڀاليندي آهي.
8
انهيءَ طرح اسان کي اوهان لاءِ ايڏي تہ چاهت هئي جو اسان اوهان کي نہ رڳو خدا جي خوشخبري ٻڌائي، بلڪ پنهنجي جان بہ اوهان جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين، ڇاڪاڻ تہ اوهين اسان جا ڏاڍا پيارا ٿي ويا هئا.
9
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ضرور ياد هوندو تہ جڏهن اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري پئي ٻڌائي، تڏهن اسان رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو بہ ٿي ڪيو تہ جيئن ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.
10
اوهين شاهد آهيو ۽ خدا بہ شاهد آهي تہ اوهان ايمان وارن سان اسان جي هلت چلت ڪهڙي نہ پاڪ، سچي ۽ بيداغ هئي.
11
اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنهنجي ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هر هڪ سان هلياسين.
12
اسين اوهان کي همتائيندا، دلداري ڏيندا ۽ سمجھائيندا رهياسين تہ اوهين خدا جي لائق زندگي گذاريو، جيڪو اوهان کي پنهنجي بادشاهيءَ ۽ جلوي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏي ٿو.
13
انهن ڳالهين کان علاوہ اسين هميشہ خدا جو شڪر بہ ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوهان اسان کان ٻڌو، تڏهن اوهان اهو انسان جو نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي تيئن خدا جو فرمان سمجھي قبول ڪيو، جيڪو اوهان ايمان وارن تي اثر بہ ڪري رهيو آهي.
14
انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين خدا جي انهن ڪليسيائن جهڙا ٿي پيا، جيڪي يهوديہ صوبي ۾ عيسيٰ مسيح ۾ آهن، ڇاڪاڻ تہ اوهان بہ پنهنجي هموطن ماڻهن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جهڙيون انهن ڪليسيائن پنهنجي هموطن يهودين کان سٺيون هيون.
15
يهودين خداوند عيسيٰ کي توڙي نبين کي ماري وڌو ۽ اسان کي بہ ستائي تڙي ڪڍيائون. اهي خدا کي نہ ٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن.
16
اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو پيغام ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن گناهن جي ٽمٽار مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ خدا جو غضب انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي.
17
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اسين ٿوري عرصي لاءِ اوهان کان دلي طور نہ پر رڳو جسماني طور جدا ٿياسين، تڏهن اسان ڏاڍي سڪ جي ڪري اوهان سان وري ملڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي.
18
انهيءَ لاءِ اسان ۽ خاص طور مون پولس ، هڪ کان وڌيڪ دفعا اوهان وٽ اچڻ چاهيو، پر شيطان اسان کي روڪيو.
19
ڀلا، اسان جي خداوند عيسيٰ جي اچڻ وقت اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آهي؟ ڇا اهي اوهين ئي نہ آهيو جيڪي سندس حضور ۾ حاضر هوندا؟
20
هائو، اسان جو فخر ۽ خوشي اوهين ئي تہ آهيو.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5